ٿورا ناهن ٿورا : منهنجو جنم ڏينهن ۽ دوستن جا قرب

'ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏14 مارچ 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا
    ٿر ۾ واري ٿورڙي تيهان گهڻيرا
    ڀلايون ۽ ڀيرا ڳڻي ڳڻيان ڪيترا۔

    ڪالهه 13 مارچ منهنجو جنم ڏينهن هيو، زندگيءَ جا چاليهه سال گذري ويا ۽ ايڪيتاليهين سال ۾ قدم رکيو. رب پاڪ جا ڪرم آهن جنهن انيڪ دوستن سان نوازيو آهي.
    جنم ڏينهن تي منهنجي محسن دوستن، بزرگن، ڀائرن، ڀينرن ۽ سڄڻن ٻه ڏينهن اڳ کان ئي فون ذريعي، خوبصورت ڪارڊن ذريعي، ايس ايم ايس ۽ لکڻين ذريعي پنهنجون محبتون ارپيون، دعائن ۾ ياد ڪيو.

    سڀني جا ڪروڙين قرب .... ٿورا

    خبر ناهي ڪيئن ادبي دنيا طرف آيس، خبر ناهي ڪيئن ۽ ڪهڙن دوستن ذريعي نيٽ تي راند ڪندي ادب ۽ ٻوليءَ طرف اچي ويس۔۔۔۽ ايندي ايندي سنڌ سلامت تي اچي ويس۔ اهو سڀ اتفاق هيو يا رت ۾ ڪا اهڙي ڇڪ هئي جنهن هن طرف آندو۔ واهڻ جي رستن ۽ واٽن تي راندين ۾ وقت گذاريندڙ ڇوڪرو جيڪو شهرن کان پري ڳوٺن ۾ رهڻ کي پسند ڪندو هو، اهو ڪيئن ڪراچيء جي رنگينين ۾ گم ٿي ويو ۽ هاڻي جڏهن کيرٿر تي سج لهي ٿو ته پريشان ٿي وڃي ٿو۔ هي اهوئي ته ساڳيو ڇوڪرو هيو جيڪو رات ۾ ٻنين ۾ پاڻي وهائيندو هو، رات جو ڳوٺن جي ڳلين کان نڪري ستارن سان ڳالهيون ڪندي گهمندو هو۔۔۔۔۔ هاڻي وقت اهڙي منزل تي آندو آهي جتي وقت تيزي سان گذري پيو، ڪم اڻ کُٽ آهن جيڪي سميٽجن ئي نٿا.
    جنم ڏينهن تي دوست سڀ ڪجهه لکي ويا۔۔۔ ڪجهه دوستن ته پورا پورا مضمون لکيا آهن. ايترو گهڻو لکي ويا جو مان پاڻ پريشان آهيان ته مان ته ڪجهه به ناهيان، اهو ته اوهان جو پيار ۽ پنهنجائپ ئي آهي، جو سنڌ سلامت ۽ سوشل ميڊيا جي دوستن جي گلدستي جو هڪ ننڍڙو حصو بڻيو آهيان۔ مان ته انهن عظيم شخصيتن کي ڏسندو آهيان جن پنهنجي زندگي ماڻهن لاء وقف ڪئي، پر مان انهن مان آهيان جيڪي اڃان چيچ ڪپائي به شهيدن ۾ شامل ناهن ٿيا۔
    ڪالهه کان فيسبوڪ ۽ سنڌ سلامت تي، موبائل تي سالگرهه جا انيڪ پيغام، رنگ برنگي ڪارڊ سڀني دوستن جي پنهنجائپ ۽ پيار ڀرين پيغامن جو عڪس آهن۔ دوستن سعودي عرب مان، دبئيءَ مان، ڪينيڊا مان، پاڪستان ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۽ واهڻڻ مان فون ڪري واڌايون ڏنيون. مان ڪوشش ڪئي ته سڀني دوستن جي محبت ڀرين جذبن سان لکيل پيغامن جي موٽ ۾ سندن شڪريو ادا ڪيان پر پوءِ به گهڻا دوست رهجي ويا هوندا جن کي موٽ ڏئي نه سگهيو هوندس، دوستو دل ۾ نه ڪجو ۽ مونکي پنهنجو سمجهي معاف ڪري ڇڏجو. مان هميشه پنهنجي دوستن تي فخر ڪندو آهيان، جيڪي عزت ۽ مان ڏيڻ ڄاڻن۔ مان ڪوشش ڪندو آهيان ته سڀني سان ٻانهن ٻڌڻ جي واٽ هجي ۽ مثبت رويو رکجي، پوء به انسان آهيان، ڪڏهن ڪڏهن جذبات الائي ڇو اڻڄاڻائي يا ڄاڻائيء ۾ غلطيون ڪرائي وجهن ٿا۔ پوء به منهنجي دوستن کي، منهنجي زرگن، منهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن کي شاباس هجي جيڪي دل ۾ نه ٿا ڪن۔ باقي مان ته ڪجهه به ناهيان، مان ڇو آهيان ۽ ڇا آهيان، اهو به نه سمجهي سگهيو آهيان، بلڪل اياز جي انهن سٽن وانگر :

    اڪيلو آهيان، ماڻهوئڙن جي ميڙ ۾،
    اڃا ڄاتم ڪينڪي، ڇو آهيان، ڇاهيان،
    آهيان يا ناهيان، سو به نه آيم سمجهه ۾.

    مون وٽ اوهان دوستن جي محبتن جي موٽ ۾ ڪي لفظ ئي ناهن جيڪي انهن مٺن ۽ مانائتن پيغامن جي موٽ ڏئي سگهن۔ بس دعا ڪجو ته ڏاهپ اچي پر ايتري به نه جو دوست ڇڏي وڃن۔۔۔ مون لاء منهنجو گهر ۽ منهنجا دوست گهڻي اهميت وارا آهن۔

    الا ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن
    مون سين مون پرين، ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا

    ******

    دوستن پاران موڪليل جنم ڏينهن جي ڪارڊن جو البم
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪجهه دوستن لفظن جي ارپنا موڪلي آهي، جيڪا سهيڙڻ گهران ٿو.
    خيرپور کان آصف رضا نظاماڻي لکي ٿو:

    تمام جاکوڙي شخصيت ۽ پياري دوست
    محمد سليمان وساڻ
    کي جنم ڏينهن جون واڌايون
    محبتن منجھان: آصف نظاماڻي

    هڪ شخص جنهن کي جڏهن سوشل ميڊيا تي ڏٺو ته سنڌي ٻولي جي تشهير، بهتري ۽ ٻوليءَ جي ترقي لاء جاکوڙيندو ٿو رهي. هو ماڻهو به دلربا آهي. نه ته ڪنهن سان وڙهي ٿو نه ئي ڪنهن جي پرواهه اٿس، بس لکندو ٿو رهي ۽ ٻوليء لاء جاکوڙيندو ٿو رهي. اهو دلربا شخص آهي محمد سليمان وساڻ. بهار جي مند ۾ 13 مارچ 1976ع تي خيرپور ضلعي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ نواب وساڻ ۾ جنم وٺندڙ محمد سليمان وساڻ ميٽرڪ فيض هاءِ اسڪول ڪوٽڏجي مان ۽ انٽر سپيريئر سائنس ڪاليج خيرپور مان 1993ع ۾ پاس ڪئي. 1999ع ۾ شاهه عبد اللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ايم بي اي ڪرڻ کانپوءِ پهريان آءِ بي اي سکر ۾ وزيٽنگ فيڪلٽي طور ڪم ڪيائين ۽ جلد ئي 2000ع ۾ سئي سدرن گيس ڪمپني ۾ ڪميشن جو امتحان پاس ڪري آفيسر بڻيو. جتي اڃان تائين پنهنجي سٺي ساک سبب نوڪري ڪندو اچي.
    سندس ادبي دنيا ڏانهن لاڙو ان وقت آيو جڏهن فيسبوڪ ۽ سوشل ميڊيا جي آمد ٿي. جلد ئي هن جو نالو سوشل ميڊيا جي مشهور ۽ مقبول ماڻهن ۾ شامل ٿيو جن سنڌي ٻولي جي ترقي لاءِ ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جي دنيا ۾ اڻ ڳڻيا ڪم ڪيا آهن. سنڌ سلامت جي پليٽ فارم تان شاهه لطيف جو پيغام عام ڪرڻ سان گڏ سنڌي ڪتابن جي سوين آنلائين ايڊيشن آڻڻ ۾ سندس ئي هٿ آهي. جنم ڏينهن جا ڪارڊ هجن يا ورسيون هو پنهنجي سنڌ جي هيروز ۽ مٽيءِ جي ماڻهن کي مان ڏيڻ ۾ سڀ کان اڳرو رهندو آهي. سنڌي بلاگنگ جي سکيا هجي يا سنڌي ڪمپيوٽنگ جا مسئلا يا گوگل سنڌي ٽرانليشن جو ڪم هو بغير ساهي پٽڻ جي ڪم ڪندو رهي ٿو. هن کي نه ته اها پرواهه آهي ته کيس ڪا مڃتا ملي ٿي يا نه پر هو پنهنجي سوشل ميڊيا جي دوستن تي ناز ڪري ٿو جيڪي سڄي دنيا ۾ موجود آهن ۽ کيس همٿائيندا رهن ٿا. نه صرف اهو پر هو سٺو ليکڪ پڻ آهي ۽ سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ آئي ڏينهن سندس ڪالم ۽ مضمون پڙهڻ لاءِ ملن ٿا. منهنجي دُعا آهي ته رب پاڪ هن محنتي ماڻهوءَ کي اڃان به وڏي ڄمارَ ڏئي ۽ اسان سندس جنم ڏينهن ملهائيندا رهون. (آمين).
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    خيرپور مان وحيد جسڪاڻي لکي ٿو:

    محمد سُليمان وساڻ صاحب کي جنم ڏينهن تي ننڍڙي ڀيٽا.

    وحيد جسڪاڻي

    محمد سليمان وساڻ هن وقت سنڌي ٻولي کي دنيا جي ڪنڊ ڪرڇ تائين پهچائڻ ۾ رُڌل آهي، ۽ هن نفسانفسي جي دور ۾ مُحمد سُليمان وساڻ ئي سنڌي ٻولي ۾ اميد جي ڪا ڪرن نظر اچي رهيو آهي ۽ سنڌي قوم ۽ ٻولي لاءِ بلڪل چوڏهين جي ان چنڊ جي روشني مثل آهي جيڪو سانوڻي ۾ اونداهي رات ۾ اوچتو ڪر ڪڍندو آهي ۽ دل جي اونداهي ڳوٺ ۾ پريئن ڀر کان لڙڪندڙ بيدمشڪن جي لامن پٺيان نظر ايندڙ اڇي پيالي جهڙي چنڊ جيان آهي.
    هر انسان کي پنهنجي ٻولي پنهنجي قوم لاءِ ڪجھ ڪرڻ جو جذبو تـ ضرور هوندو آهي پر جڏهن بـ سليمان وساڻ جون سنڌي ٻولي لاءِ ڪيل ڪاوشون ياد پونديون آهن تـ هميشه هي لفظ دل ۽ دماغ تي ڪڪر جيان هاوي ٿي من جي سڪل ريگستان تي سانوڻي برسات جيان وسي پوندا آهن تـ .

    ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا
    هن گهايل ڌرتي جي سيني تي
    اهڙي گهري چيخ ٿين ٿا
    جا هر ڪنهن کي جاڳائي ٿي
    جا منزل تي پهچائي ٿي

    سنڌي ٻولي لاءِ محمد سليمان وساڻ جو جيڪي خدمتون آهن انهن کي اگر مرزا قليچ بيگ ۽ آفاقي شاعر شيخ اياز سان ڀيٽيو وڃي تـ اهو وڌاءُ نـ ٿيندو. سندس سنڌي قوم ۽ سنڌي ٻولي لاءِ جيڪو جذبو آهي اهو محسوس ڪندا آهيون تـ مولانا رومي ياد اچي ويندو آهي تـ شايد اهڙن انسانن لاءِ ئي چئي ويو آهي تـ قوم ۽ ديس جو اونو انسانيت جي نشاني آهي.
    محمد سليمان وساڻ جي اندر جيڪو اونهو سمنڊ سمايل آهي ان جو ساحل ۽ سفينو سنڌ ڌرتي ئي محسوس ٿيندو آهي.
    سرنهن جي گلن جهڙي ڦولار پوپٽ جي پرن جيان وڻندڙ طبيعت ۽ گفتگو ۾ رابيل جي خوشبو رکندڙ هن شخص بـ بهار جي مند ۾ ئي اکيون کوليون هيون، ۽ ڌڻي در دعا آهي تـ اهڙيون سوين بهارون اڃان ادا محمد سليمان وساڻ جي زندگي ۾ اينديون رهن ڇو تـ محمد سليمان وساڻ جهڙن انسانن مان سنڌ ڌرتي کي وڏيون اميدون آهن، ۽ ڌڻي در اها دعا آهي سنڌ ڌرتي کي هميشه اوهان جهڙا موڀي فرزند عطا ٿيندا رهن...

    منهنجو جواب:

    ادا وحيد لک قرب

    ٿورا نه ٿورا .. مونتي ماروئڙن جا

    سوچيم پئي ته سنڌي ماڻهو ڪيڏو نه بيوس ٿي ويو آهي جو مخلص ماڻهن جي ڳولها ۾ آهي ۽ جتي به ٿوري مخلصي ملي ٿي ان کي عظيم ٿو سمجهي، مرزا قليچ بيگ ۽ شيخ اياز عظيم ماڻهو هيا، پاڻ ته سندن جُتيءَ جو مَٽُ به ناهيون. محبتي ماڻهو صفا گهٽجي ويا آهن، تڏهن اوهان ڪنهن مخلص کي ڏسو ٿا ته کيس عظيم سمجهو ٿا. مان ته ٻوليء لاء ڪجهه به ڪونه ڪيو آهي پر پوء به دوستن جا قرب ۽ محبتون ڏسي حيران آهيان. مان هڪ ادنى ڪارڪن آهيان. پر مخلصي سان ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان تڏهن ئي دوستن ايڏو پيار ڏنو آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    گهوٽڪي مان محمد دين راڄڙي ۽ جميل سومرو صاحب لکن ٿا:

    سڄي ڳالھ ۽ عظمت عمل جي آهي.... سنڌ ۾ هن وقت به جام ماڻهو آهن...جنهِن وٽ قومي ڪردار نڀائڻ لاءِ اهو بهانو ناهي ته يار... نوڪري اهڙي آ جو، ٽائيم بچي ئي نٿو..... يار گهر، ٻارن جي خفي کان جند ئي نٿي ڇٽي.... پر اسان وٽ جام اهڙا ڪردار به آهن... جيڪي... نوڪرين، ٻارن، سڀني جهنجهنٽن کانپوءِ به ڪنهن نه ڪنهن قومي، سماجي، سياسي، علمي، ادبي خدمتن لاءِ.... واندڪائي چوري ڪري وٺندا آهن...دراصل، اسين ڪم ڪرڻ نه چاهيندا آهيون... نه کي بهانن، عذرن، سببن، مجبورين، خفن جا نئون ڪوٽ ڏيئي ڇڏيندا آهيون..... ڳالھ اوليت جي هوندي آ، چونڊ جي هوندي آ، اهو اسان تي منحصر هوندو آ ته اسين پنهنجي ذات کي ڪيترن حصن ۾ ٿا ورهايون.... ڪهڙي حصي کي ٿا مظبوط ڪيون... ڪنهن جي لاءِ ٿا پنهنجو پاڻ کي وقف ڪيون.... اسان جي ڪردار جي تاررڙن جا ميڙ گڏجي ئي روشن ڪائنات اڏيندا آهن.... ٻولي اسان سڀني جي آ.... پر ان جي تحفظ لاءِ اسين ان ليول تي نه ٿا پتوڙيون....جيئن محمد سليمان وساڻ ۽ ان جهڙا ٻيا ساٿي ٿا پتوڙين...... شاھ لطيف يونيورسٽي جي نئين هاسٽل جي ڇت تي چڙهي چوڌار ڏسندو هوس ته کجيين جي وڻن جا وشال، گوناگون، گهاٽا۽ ڊگها باغ ڏسي سوچيندو هوس ته ان ڊگهين کجين جيترا ماڻهن جا ڪردار به ٿي سگهن ٿا... يقينن هوندا.... پر... مونکي خيرپور جي ڪيترن ئي عظيم ماڻهن مان هڪ ڪردار سجهي اچي ٿو... جنهن. جي ڪم جو قد خيرپور جي ان ڊگهي کجي جيترو آهي.... جيڪا هاسٽل جي ٻاهران ڳاٽجي ڏسندا هئاسين......
    جنم ڏينهن جي انيڪ واڌائين سميت شل اوهين صحتمند ۽ خوش هجو.... اوهان جو پورهيوشال ساڀ پئي..

    پيار منجهان: محمد دين راڄڙي، جميل سومرو
    ________________


    ڪاظم بڙدي صاحب لکي ٿو:

    علمي ادبي سماجي شخصيتن جي جنم ڏينهن جا رنگ برنگي جنم ڪارڊ جنم جون واڌايون پيش ڪندڙ . هر دل عزيز علمي ادبي سماجي سُھڻي سيبتي دلبر دوست ، سنڌُ جو شايد ئي ڪو اهڙو شھر هُجي جتي سندس ڪو دوست نه هُجي.
    سدائين چهري تي دلفريب مرُڪ سجائي رکندڙ پرين محمد سليمان وساڻ کي جنم ڏينهن جون کوڙ ساريون مبارڪون دعا آھي ته رب ڪريم سندس مُک تي مرڪ سدا قائم رکي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    عبيد صدر لکيو آهي:

    اکين جو نور نچوڙي مور جهڙيون سهڻيون تخليقون ڏيندڙ، علمي ادبي سماجي پورهئي ۾ سڀ کان اڳتي هئڻ، خوشين ۽ ٽھڪن سان ٽمٽار دوستن جي دوست ۽ يارن جي يار
    محمد سليمان وساڻ
    کي انيڪ آشنائن ۽ پيار جي پاٻوه مان جنم ڏينهن جون کوڙ ساريون مبارڪون.

    در ڌڻي جي دربار ۾ دعا آھي ته
    جتي سندس پير هجن
    اتي خوشيون ۽ خير هجن

    اسد حسيني مست لکي ٿو:

    ڪجهه ماڻهن جي تعريف ڪرڻ لاءِ لفظ ڳولڻ ڏاڍو مشڪل هوندو آهي، سائين سليمان وساڻ ۽ رشيد سمون به اهڙا ئي پيارا ماڻهو آهن، جن سان پنهنجو سر لڳي.. الله اسان جي پيارن دوستن کي هر نظرِ بد کان بچائي..
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    خاڪي جاني صاحب هڪ غزل ارپنا ڪئي آهي:

    غــــزل
    آس ٻـــــٻـــــر

    تنھنجي احسـاس مــان ڦٽـا آھن،
    گــل، بــدن واس مــان ڦٽـا آھن۔

    ٽـھـڪ پـيـا ھـارجـي زمـانـي تي،
    مــوســم خــاص مــان ڦٽـا آھن۔

    ڌار آھــیــن تہ ٻــيــو ڪـجھ ناھي،
    سیلھ بـس مــاس مـــان ڦـٽـا آھن۔

    مــون وڃــایــا ھـــا راھ ۾ تـــارا،
    جــيـڪي آڪـاس مان ڦٽـا آھن۔

    وقــت تــلــوار کـي جھڪي آکیو،
    ڪــنـڌ اتــھــاس مـان ڦٽـا آھن۔

    شـعـر ڪـو نـئـون صـبـح آٹـیـندا،
    منھنجي ھڪ آس مان ڦٽـا آھن۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    نظام الدين ڪاڪا صاحب لکيو آهي:

    سائين سليمان وساڻ شعوري احساسن کي شعوري ڪوشش سان ڪنهن رچنا جي شڪل ۾ جوڙي ٿو.ارتقا ۽ وشالتا تائين آزاديءَ جو اتساهـ، غلاميءَ لاءِ ڪرود، قداين لاءِ نفرت، ماڻهپي جي مڃتا، ذهني سجاڳي، انساني عظمت جو حسن، پيار، مان، نياءُ، امن، سک، شانتي، خوشحالي ۽ حب الوطني جهڙن آدرشي قدرن جي اپٽار سدائين ڪندو رهيو آهي. اسان جو ديس جنهن جي مقدس مٽيءَ جي مهانتا آڏو سرجڻهار سِيسُ، نمائي ان کي چمڻ جي چاهنا کي بندگي بنائيندو رهيو آهي.سائين سليمان وساڻ بـ انهن آدرشي انسانن مان هڪ آهي. سندس جنم ڏينهن تي کيس جهول ڀري واڌايون ڏيون ٿا.

    سنڌ سلامت واري جهوني علي ظفر لکيو آهي:

    سليمان وساڻ هڪ سهڻو انسان، محبتي ماڻهون هجڻ سان گڏوگڏ سنڌي ٻولي جي لاء پاڻ پٽوڙِيندڙ سهڻو نو جوان آهي
    سنڌيءَ جو محاورو آهي ”مٽيون ڀرڻ“ سليمان وساڻ سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ۾ مٽيون ڀري رهيو آهي ۔۔۔ سنڌ سلامت هجي يا فيسبڪ هجي پاڻ هميشه سنڌي ٻولي لاء ڪوشان رهندو آهي ان سهڻي نوجوان کي جنم ڏينهن جون کوڙ ساريون واڌايون قبول هجن
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مجيب سنڌي ڪورائي لکي ٿو:

    سنڌ سلامت جي جاکوڙي ڪردار، علم ادب سان چاھ رکندڙ باشعور دوست
    محترم محمد سليمان وساڻ
    کي جنم ڏينهن جون کوڙ ساريون واڌايون .

    محترم محمد سليمان وساڻ هڪ سٺي انسان سان گڏ همدرد ۽ سنڌي ٻولي ۽ ادب سان انتهائي چاھ رکندڙ شخص آهي ، سادي طبيعت جي مالڪ سليمان وٽ دوستن لئه اڻ کُٽ پيار ۽ سچائي آهي ،
    ساڻس منهنجي ملاقات ”صاف “ جي پهرين سالگره ۽ سنڌي ٻولي قومي ٻولي سيمينار، ممتاز مرزا هال ڪراچي ۾ ٿيل پروگرامن ۾ ٿي، پهرين ملاقات ۾ ائين مليو ڄڻ ساڻس اڳ به کوڙ ساريون ملاقاتون ۽ ڪچهريون ٿيل هجن، وڏي سڪ ۽ پيار منجهان ڀاڪر ڀري پنهنجائپ منجهان ملندڙ شخص سليمان وساڻ هر دوست سان ائين ئي مليو ، قرب ۽ پيار ڏنو، سندس ملاقات ۽ پيار کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي.
    سوشل ميڊيا جي دور ۾ سرگرم دوستن ۽ خدمتگارن ۾ سندس نالو هميشه لئه سونن اکرن سان لکجي چڪو آهي، سليمان جون ادبي حوالي سان ڪيل خدمتون ۽ مختلف ادب دوستن جون لکڻيون سهڻي ڊزائين ۾ سجائڻ ۽ دوستن سان ونڊڻ وارو ڪم ساراھ جوڳو آهي.
    سنڌ سلامت سميت مختلف گروپن ۾ سرگرم رهندڙ سليمان وساڻ جي اڄ 13 مارچ تي سالگره آهي، سندس جنم ڏڻ جي موقعي تي کوڙ سارو پيار، نيڪ تمنائون ۽ دعائون ته شال سدا خوشيون ماڻي.

    محترم مظفر منگي لکيو آهي:

    پيار، پاٻوهه، پنهنجائپ جو مجسمو، عقل، شعور، ڏات، سوچ ۽ سمجهه، ڄاڻ جو خزانو ورهائيندڙ
    سنڌي ٻولي سنڌي ادب کي سڄي دنيا تائين ڦهلائيندڙ
    صبح سويل ماڻهن ۾ گلابن ۽ رابيلن جهڙيون هٻڪارون ورهائيندڙ
    مهربان شفيق ٻاجهارو ۽ املھ ماڻڪ انسان سائين
    محمد سليمان وساڻ صاحب
    کي جنم ڏهاڙي تي دعائون نيڪ تمننائون
    ۽ کوڙ ساريون جنم واڌايون
    منهنجا محسن شال جڙيا هجو.


    فقير عابد ديشي لکي ٿو:

    سنڌ سلامت، سوشل ميڊيا جي سرگرم ساٿي، ماکي جهڙي مٺڙي ماڻهو، دلبر دوست
    محمد سليمان وساڻ
    کي جنم ڏِڻ جون لک لک واڌايون

    سليمان وساڻ جي شخصيت تي جيترا لفظ لکجن اُهي گهٽ هوندا. سليمان وساڻ ڌرتي جو سچو عاشق ۽ سنڌ پرست آهي. سليمان وٽ لفظن جي اڻکٽ کاڻ آهي ۽ اها حقيقت آ ته جيڪو هڪ دفعو سليمان سان مليو تنهن جو من ڪندو ته اهڙي سٻاجهڙي ماڻهو کان ڪڏهن نه ڌار ٿيان. سليمان جهڙا دوست نصيب وارن کي ملندا آهن.
    ۽ آئون به انهن مان هڪ آهيان، آئون فخر سان چوندس ته آئون اهڙي مٺڙي ماڻهو جو دوست آهيان.
    مالڪ در دعا آهي ته مالڪ کيس وڏي ڄمار عطا فرمائي. هر ڏينهن هر پل خوشين سان ٽمٽار ڀريل هجي.
    سکيا هجو شال
    ڄمار جا سڀ سال
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سيبتو شخص سليمان وساڻ (جنم ڏينهن جي نسبت سان)

    مٺل جسڪاڻي

    سليمان وساڻ سان پهرين عالمي اوطاق (فيس بوڪ) تي، پوءِ موبائيل فون وسيلي رابطو ٿيو ۽ 28 آگسٽ 2015ع تي ڪراچيءَ ۾ محمود مغل جي ڪتاب ”سنڌ ٽاڪيز“ جي مهورتي تقريب دوران پهرين روبرو ملاقات ٿي. تمام گهڻو محنتي، محبتي، خوش اخلاق ۽ خوش طبيعت شخص سان ملي، مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي. انهن ٽن حوالن کان اڳ ۾ مون کيس مختلف اخبارن ۾، جيستائين مون کي ياد پيو پوي، تہ مون مختلف شخصيتن تي سندس خاڪا پڙهيا، يا وري ڪنهن ڪتاب تي تبصرو پڙهيو.
    عالمي اوطاق تي سليمان وساڻ کي مون ذري گهٽ روز مختلف ناميارن شخصيتن کي جنم ڏينهن جون مبارڪون ۽ نيڪ تمنائون آڇيندي ڏٺو، مختلف شاعرن جي شاعري سهڻين ڊزائينن ۾ پيش ڪندي ڏٺو، لطيف جي بيتن کي بہ خوبصورت آرٽ سان عام ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مگن محسوس ڪيو. مون ڏٺو تہ هي مختلف ليکڪن جون لکڻيون بہ عالمي اوطاق تي ونڊيندو ورهائيندو رهيو.
    مختلف علمي، ادبي ۽ سماجي پروگرامن ۾ سندس شرڪت ۽ شرڪت کان پوءِ وري انهن جو سربستو احوال بہ آئون مختلف اخبارن ۽ عالمي اوطاق تي ڏسندو، پڙهندو رهيو آهيان.
    انٽرنيٽ جنهن کي ڪي ڳنڍڄار، ڳنڍڻ ڄار بہ چوندا آهن، اهو اهڙو سستو ۽ سولو وسيلو ٿي پيو آهي، جنهن جي معرفت هاڻ ماڻهو پنهنجي گهر ويٺي بہ دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پڻ موجود هوندو آهي. روز نوان واسطا، نوان رابطا، نيون دوستيون ۽ نوان اختلاف بہ جنم پيا وٺندا آهن.
    وچ وارا، روزاني روز روبرو ملندڙن ۾ بہ موجود آهن، تہ عالمي اوطاق تي پڻ اهڙن جي ڪا کوٽ نہ آهي. منهنجي ۽ سليمان وساڻ جي وچ ۾ پڻ اهڙا گهڻا رهيا، رهندا. ان هوندي بہ، هڪ ٻئي جي تربيت جي حوالي سان، اسان وقتي طور عالمي اوطاق واري سنگت تان دستبردار بہ ٿيندا رهيا آهيون، پر صرف عالمي اوطاق تان! اسان جو موبائيل تي رابطو ساڳئين رفتار سان جاري ساري رهيو.
    مون سليمان وساڻ لاءِ ڪجهہ بہ نہ ڪيو آهي، پر سليمان وساڻ ٻين سميت منهنجي لاءِ بہ ڀلائي جا اهي ڀال ڪيا، جنهن کيس هڪ غير متنازع شخصيت طور سڃاڻپ ڏني آهي.
    سليمان وساڻ طبيعت ۾ صابر آهي، ماٺيڻو آهي، سمجهہ کان ڪم وٺندڙ آهي. آئون چوندو آهيان جيڪو گهر وارو هجي، يعني جيڪو شادي شده، زال وارو هجي، اهي ساڳئي وقت ٻارن جو پيءَ بہ هجي ۽ پيشي جي لحاظ کان استاد هجي، استاد بہ وڏي عمر جي ٻارن يعني بالغ شاگردن جو هجي، اهو بہ پنهنجي ماحول ۾ عملي طور سرگرم هجي، اهڙو ڪير بہ جذباتي نہ ٿو ٿي سگهي، اهڙو ڪير بہ ناراض نہ ٿو ٿي سگهي، پر سچ اهو آهي تہ سليمان وساڻ جي ڪنهن مثبت عمل جي نتيجي ۾، منهنجي ”مثبت“ راءِ سبب، سليمان وساڻ سان نہ، ”مون“ سان اختلاف ٿيا، انهن اختلافن جي نتيجي ۾، اختلاف ڪندڙن سان نہ، سليمان وساڻ سان آئون ڪاوڙجي پيس، پر سليمان وساڻ ذاتي طور اڻ ڌريو رهيو!
    ڌر جي ڀيٽ ۾ اڻ ڌرائي تمام بهترين عمل آهي، پر ڪن خاص حالتن، صورتن ۾ اڻ ڌرائي درست نہ آهي، اهو منهنجو خيال آهي، ان ڪري، مون، سليمان جي يا مون پنهنجي تربيت جي ڪري سليمان وساڻ سان ڪي اختلاف بہ ڪيا، پر... اسان اختلافن باوجود هڪ ٻئي کان پري نہ رهيا آهيون، جنهن جو سبب شايد آئون گهٽ، سليمان وساڻ وڌيڪ رهيو آهي.
    اسان جي اها لڪ لڪوٽي، اسان جي لاءِ بہ تربيت جو حصو رهي آهي ۽ آئون سمجهان ٿو تہ ٻيا بہ ان مان پرائڻ جي ڪوشش ڪن. ڇاڪاڻ تہ زختلاف خراب عمل نہ آهي، خراب عمل آپي مان نڪرڻ آهي. ننڍڙا ننڍڙا اختلاف ڳالهين وسيلي ختم ڪري سگهجن ٿا، پر پاڻ وٽ ائين تمام گهٽ ٿيندو آهي!
    سليمان وساڻ ۽ مون ۾ اختلاف رهڻ باوجود اسان هڪ ٻئي خلاف ٽولا کڙا نہ ڪيا! جڏهن تہ پاڻ وٽ ٽولا پرستي تمام گهڻي آهي! ٽولا پرستي ڪم علمي جو نتيجو آهي، ان ڪري بي سبب نفرتون، بي سبب اختلاف، بي سبب وير وڌندو آهي.
    مون کي انهن تي حيرت ٿيندي آهي، جيڪي پاڻ کي شاعر، صحافي، اديب سمجهندا آهن، پر عمل ۾ هو!؟ اُف خدايا...
    13 مارچ سليمان وساڻ جو جنم ڏينهن آهي. سليمان وساڻ بنا ڪنهن مت ڀيد جي، جنهن ۾ ڪجهہ مثبت محسوس ڪندو آهي، ان کي سندس سوچ جي نسبت مانُ ۽ مڃتا ڏيندو آهي. سالگرهہ کان ورسي تائين، اڪثريت کي ياد ڪري، انهن جي ذات مان پرائڻ جي نشاني ڏيندو آهي.
    آئون سيبتي شخص سليمان وساڻ جي جنم ڏينهن تي کيس ڇا ٿو ڏئي سگهان؟! ڪجهہ بہ نہ! ڇو تہ آئون ڏيڻ جيتري حيثيت وارو نہ آهيان. آئون پاڻ طالب آهيان. وٺندڙ آهيان. مون پاڻ کي گهرج آهي. آئون سليمان وساڻ کي نيڪ تمنائون، دعائون ۽ سالگرهہ تي واڌيون ڏئي سگهان ٿو. سدا صحتمند، خوش، خيريت سان هجي، مثبت سوچ سندس ساٿاري رهي ۽ مثبت ڪم عمل جاري رکي، آمين.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ٿورائتو آهيان پياري دوست ساجد چاڪراڻيءَ جو
    جنهن منهنجي جنم ڏينهن تي دوستن پاران ٺاهيل ڪارڊن جي وڊيو ايڊيٽنگ ڪندي سائين ادل سومري جو نظم “جنم ڏهاڙي جون توکي واڌايون” پنهنجي خوبصورت آواز ۾ مونکي ارپيو آهي.

    هن لنڪ تي وڊيو موجود آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو