عابده پروين (شعبو: فنِ موسيقي/ گائڪي)

'سنڌي موسيقي' فورم ۾ نياز الاهي طرفان آندل موضوعَ ‏14 مارچ 2016۔

  1. نياز الاهي

    نياز الاهي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2016
    تحريرون:
    22
    ورتل پسنديدگيون:
    69
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    دادو
    سائنڻ عابده پروين بين الاقوامي شهرت يافته فنڪاره آهي. هن جو جنم 20 فيبروري 1958 تي لاڙڪاڻي جي علي گوهر آباد محلي ۾ ٿيو. عابده پروين کي راڳ ورثي ۾ مليو، سندس والده مائي ممتاز بيگم هڪ سٺي فنڪاره هئي ۽ سندس والد پڻ موسيقي جو ماهر هو جنهن کان هن راڳ جي ابتدائي سکيا حاصل ڪئي بعد ۾ استاد محمد جمن سندس گهڻي رهنمائي ڪئي. ريڊيو پاڪستان جو مشهور پروڊيوسر مرحوم غلام حسين شيخ سندس ور هو، جنهن جي محبت سانئڻ عابده جي محنت ۽ رياضت کيس شهرت جي بلندين تي پهچايو.
    عابده پروين اُها ڳائڻي آهي، جنهن جڏهن جتي ۽ جيڪو به ڪلام ڳايو اُهو مقبول ٿي ويو، سندس شاعريءَ جي چونڊ عُمدي ۽ ڌُنَ سُريلي هوندي آهي. هن گھڻي ڀاڱي صوفي بُزرگن کي ڳايو آهي، انهن مان شاه عبدالطيف ڀٽائيءَ کي سڀني کان وڌيڪ ڳايو اٿس. هن سچل جي گھڙولي ”گُھنڊ کول ديدار ويکائو، مين آيا مُک ويکڻ“،”جب سي توني مُجھي ديوانا بنا رکا هي“، ”توني ديوانه بنايا تو مين ديوانا بنا“ ۽ ”سنڌ منهنجي امان“ جهڙا ڪلام ڳائي ڏيهان ڏيهه مقبوليت حاصل ڪئي.
    هوءَ سنڌيءَ کان سواءِ اُڙدو، سرائڪي ۽ پنجابيءَ ۾ به بهترين اچارن سان دنيا ڀر ۾ ڳائيندي رهي ٿي، سندس لفظن جي ادائگي چِٽي ۽ اثرائتي هُئڻ ڪري ٻڌندڙن ۽ ڏسندڙن کي جھومائي، مست ڪري ڇڏيندي آهي جنهن سان اُنهن تي هڪ وجداني ڪيفيت طاري ٿي ويندي آهي. عابده هندي زبان جي عظيم شاعر ڀڳت ڪبير جو ڪلام ڳائڻ کان علاوه جڳ مشهور صوفي شاعر مولانا روميءَ بابت لنڊن ۾ ٺهندڙ فلم لاءِ پڻ ڳاتو آهي.
    سانئڻ عابده پروين کي هن وقت تائين سوين ايوارڊن سان نوازيو ويو آهي ۽ کيس ملڪ جو وڏي ۾ وڏو صدارتي ايوارڊ ”پرائيڊ آف پرفارمنس“ پڻ ملي چڪو آهي. ان کان علاوه کيس ڪيئي غير ملڪي اعزاز ۽ ايوارڊ مليا آهن.
    اسان لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي طرفان فنِ گائڪي جي شعبي ۾ سانئڻ عابده پروين جي شاندار خدمتن جي اعتراف طور کيس ”لائيف اچيومينٽ ايوارڊ“ پيش ڪري رهيا آهيون.
     
  2. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    راڳ جي راڻي عابده پروين جي 60 سالگرهه تي لفظن جي ڀيٽا [​IMG]

    جب سي توني مجهي ديوانا بنا رکها هي

    ابراهيم لاشاري (وارهه )

    هن رنگابه رنگي سنسار ڪيترن ئي رنگ سان سرشار نظر اچي ٿو مڱر موسيقي جو رنگ وري سڀني رنگن منجهان نرالو نظر اچي ٿو هن جهان جو ڪو به علائقو يا خطو ،قوم يا قبيلو لکين سال گذري وڃڻ باوجو پنهنجي موسيقي ۽ ثقافتي رنگن کي جئين جو تئين جاري ۽ساري رکيون اچن ٿا موسيقي جا ڄاڻو هن رنگ تي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چون ٿا ته موسيقي ئي اهڙو دنيا جو واحد رنگ آهي جنهن کي ثقافتي طور ماڻهو ارتقا جي سفر ۾ سانده وڌو کان وڌ محڪم ۽ سنڀالي رکڻ جي ڪوششن ۾ رڌل نظر اچن ٿا اهڙي ريت پنهنجي ڌرتي وادي مهراڻ کي به اهو اعزاز حاصل آهي ته سنڌي سر سنگيت جا وڏا وڏا نالا صدين کان پنهنجي راڳ واري رنگ فن کي ساهه سان گڏ ساهنڊيون ٿا وتن اهڙي لاڙڪاڻي جي چيڪي مٺي مٽي کي اهو اعزاز حاصل آهي ته سياسي ، سماجي ،ثقافتي شخصيتن کي وقت به وقت جنم ڏئي پنهنجو پنهنجي ڌرتي جو نالو روشن ڪرڻ ۾ ڏيهان ڏيهه نالو نشابر ڪرائڻ ۾ ڪا ڪمي ناهي ڇڏي اهڙين شخصيتن منجهان ماسٽر غلام حيدر شيخ کي اها پروڙ نه رهي ته 20فيبروري 1958ع خميس ڏينهن اڄ کان (سٺ سال ) پهريان رب سائين نياڻي جي نعمت ۽ رحمت سان راضي ٿيو علي گوهر آباد لاڙڪاڻي واري گهر ۾ هن موسيقي واري ماحول ۾ جنم وٺندڙ نياڻي جي ڇٺي جو نالو (عابده پروين ) رکيو ويو سندس مٺڙي امڙ جو نالو (ممتاز بيگم ) هو جيڪا پڻ ڳائڻ وڄائڻ واري مڙس وانگر ڪرت سان لاڳاپيل هئي ميڊم عابده پروين صاحبه کي ننڍي وهي کان وٺي ڳائڻ سان بي انتهاه لڳاءَ هيس گهر منجهه جڏهن به سر ۽ ساز جو آواز ڪنن تي پوندو هو ته پنهنجي والد کان رهنمائي وٺڻ لاءِ سرن کي ڇيڙي داد حاصل ڪرڻ ۾ ڪڏهن به نه ڪيٻايائين بس آهستي آهستي انهي رنگ سان رنگجندي رهي ۽ پوءِ وڏي مشهور ماڻيائين سرن سازن جي هن دنيا ۾ هن سونهن ڀري سڄي سنسار ۾ موجوده دور ۾ اهڙو ته هن نالو ڪمايو اٿين جو اڄ ڏينهن تائين سندس ڪو به سنڌي فنڪار۽ فنڪاره مٽ ثاني ناهي ٿيو سر سنگيت جي باقاعده ڄاڻ ته گهر وارن والدين کان ئي حاصل ڪري چڪي هئي مڱر ان جي باوجود هن ڏاهي فنڪاره پنهنجي سر سنگيت واري فن جو (استاد محمد جمن )کي بڻايائين ۽ ٻين ڪيترن ئي انهي زماني جي وڏن ناليوارن ڳائڻ کان فن جي رهنمائي پڻ حاصل ڪندي رهي انهن چوٽي جي فنڪارن منجهان ماسٽر محمد ابراهيم ، استاد نياز حسين سرن سازن جي ڄاڻ وقت به وقت ڏيندا رهيا تنهن بعد سال 1972_73ع ڌاري موسيقي جي بهترين ڄاڻ رکندڙ ريڊيو حيدرآباد جي ان وقت جي پروڊيوسر شيخ غلام حسين کيس هڪ راڳ واري محفل ۾ ان جي فن کان متاثر ٿي ريڊيو پاڪستان تي آواز رڪارڊ ڪرائڻ جي هام ڀري جيڪا ميڊيم عابده پروين قبول ڪئي ان ئي زماني ۾ ميڊيم عابده پروين شڪارپور سان واسطو رکندڙ شاعر مفتون همايوني جو ڪلام (تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا ) رڪارڊ ڪرايو تنهن بعد هو تيزي سان سر سنگيت جون منزلون ماڻيندي ماڻيندي چوٽي جي مشهوري ماڻي ورتي جنهن جو تسلسل اڄ ڏينهن تائين پڻ برقرار آهي هن وقت سنڌي موسيقي جي وڏي مان وڏي فنڪاره بڻجڻ جو اعزاز پڻ هٿن منجهه اٿس پاڻ پياري پاڪستان کان علاوه هن سڄي ڌرتي جي مختلف ملڪن تائين مشهوري جو تاج مٿي تي رکيون بيٺي آهي جيڪا ڳالهه ڪنهن هر ديس جي ماڻهون لاءِ فخر کان گهٽ ناهي سنڌي زبان کان سواءِ هي ڏاهي جئيجي عابده پروين اردو ، سرائڪي ، ملتاني ۾ ڳائي ماڻهن کي جهومائڻ ۾ ڪاڪمي ناهي ڇڏي موسيقي جا ڄاڻو ميڊيم جي فن لاءِ چون ٿا ته پاڻ جڏهن آمريڪا ملڪ منجهه پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيائين ته سندس سرن ۽آواز واري وجد آمريڪن جي دلين ۾ لهي وئي ڪيترائي آمريڪي سرسنگيت سرن جو آواز ٻڌي مدهوش ٿي ويا سائڻ عابده پرين جي شخصيت ۽ فن جي بلندي کي چوٽي جي شهرت اردو جي مشهور شاعر (ناصر ڪاظمي صاحب ) جي اردو غزل (جب سي توني مجهي ديوانا بنا رکها هي ) پهچايو سنڌ جي هن لوڪ فنڪاره کي ڪافي ۽ غزل جي ايترو ته شاندار فن آهي جو سندس فن سان هن هلندڙ زماني ۾ ڪو ڳائڻو مٽ ثاني ناهي ، پاڻ غزل کي نئين انداز سان ڳائي چاهيندڙن ۽ موسيقي جي ڄاڻ رکندڙن کان داد حاصل ڪندي رهي آهي انهي سبب ڪري سٻاجهڙي سنڌ جا ماڻهو سندس عقيدت منجهان (راڳ جي راڻي ) جي خطاب سان ساريندا رهندا آهن سندس جي لاءِ اها به ڳالهه فخر جي آهي ته پاڻ هميشه لطيف سرڪار جي ڪلام کي دل سان ڳايو اٿائين ۽ سندس جو سمورو رسالي وارو ڪلام رڪارڊنگ جي صورت ۾ پڻ محفوظ ٿيل آهي ،سائڻ عابده پروين کي گهڻي کان گهڻا ايوراڊ به (لطيف ايوراڊ ) مليا آهن مڱر اها مڃل حقيقت آ ته پاڻ دل سان چوندي رهي ٿي ته اهو ايوراڊ ڪنهن ٻئي فنڪار جي حوالي ڪيو وڃي پاڻ لطيف ايوراڊ کانسواءِ سچل ايوارڊ 1980ع ،سگا ايوارڊ 1980ع ۽ حڪومت پاڪستان پاران سال 1986ع حسن ڪارڪردگي ايوارڊ پرائيڊ آف پرفارمس سان پڻ نوازيو ويو آهي انکان علاوه سندس کي ڪيترن ئي انعامن ۽ اعزازن سان پڻ نوازيو ويو آهي لوڪ ڏاهي سر سنگيت جي نماڻي ڳاڻي عابده پروين صاحبه صوفياڻي رنگ کي اهڙي ته بهترين انداز ۾ ڳائيندي رهي ٿي جو ماڻهون سندس ڇٽي آواز ۽ تلفظ جي هميشه قدرداني ڪندا رهن ٿا پاڻ انهي ڳائڻ واري رنگ ۾ پڻ محو۽ وجد واري حالت سندس هميشه وجڊ طاري ٿي ويندي آهي پاڻ اسٽيج کي به پنهنجي مٺڙي آواز سان هميشه ڏوهيڙن جي رنگ سان ماڻهن جي دلين تي راج ڪندي نظر ايندي آهي ، سندس مشهور ڪلامن ڪافين منجهان گهوم چرخرا، گهنڊ کول ديدار وکائو،هن جنم هن جنم وچن ٿو ڪيان ، سخي شهباز قلندر ، اري لوگو تمهارا کيا ، ڳائي اڄ ڏينهن تائين چاهيندڙن جي دل کي جهومائيندي نظر اچي ٿي ،عابده پروين صاحبه سنڌي فلم (ڌرتي لال ڪنوار ) ۾ پڻ ڪلام ڳائي فلم جي سونهن ۽ زينت اضافو پڻ ڪيو پاڻ پاڪستان جي وڏي ۾ وڏي ڳاڻي تصور ڪئي ويندي آهي عابده پروين صاحبه ريڊيو پاڪستان ۽ ٽيليويزن پاڪستان تي به پنهنجي آواز جو جادو هميشه اڄ ڏينهن تائين جاڳائيندي نظر اچي ٿي عابده پروين صاحبه سنڌ جي بزرگن حضرت شاهه عبداللطيف رح، حضرت سچل سرمت رح ۽ حضرت لعل قلندر شهباز رح ميلن ۽ عرس مبارڪن تي پڻ عوامي داد حاصل ڪندي رهي آهي پاڻ نئون توڙي پراڻن شاعرن جي شاعري کي پنهنجي رنگ ۽ فن سان ڳائيندي رهي ٿي انهن شاعرن ۾ حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي رح سچل سائين ، استاد بخاري، شيخ اياز ، امداد حسيني ، خواجه غلام فريد ، جي ڪلامن کي پنهنجي ڏاهپ سان ڳائي پنهنجو ۽ شاعرن جو نالو نروار ڪرڻ ۾ ڪا ڪمي ناهي ڇڏي عابده پروين صاحبه سنڌ جي بهترين موسيقي جي ڄاڻو ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي اڳوڻي براڊڪاسٽر ۽ پروڊيوسر شيخ غلام حسين سان شادي جو نڪاح پڻ ڪيو جنهن منجهان رب سائين هڪ پٽ سارنگ لطيف ، ۽ ٻن نياڻين سنڌو ۽ پرهه جي نعمت سان نوازيو سڄي دنيا تي فن موسيقي جي ڪمال جي ڳاڻي سائڻ عابده پروين صاحبه ور جي وفات کان پوءِ سال 1994ع کان وٺي پاڪستان جي گاڌي واري شهر اسلام آباد ۾ رهائش اختيار ڪئي اٿين اڄ ڏينهن تائين اتي ئي رهائش پذير آهي سندس جي ڳائڻ واري فن ۽ ڪمال تي سونهاري سنڌ جا چاهيندڙ هميشه فخر ۽ ناز ڪندا رهندا ڇو جو سندس جي فن کي اڄ ڏينهن تائين انهي ڪمال تائين پهچي ناهي سگهيو سندس (سنڌ جي ام ڪلثوم ) چئجي ته ڪو وڌا نه ٿيندو سنڌ جي لوڪ ڳاڻي سنڌي راڳ جي راڻي ميڊم عابده پروين صاحب اڄ 20فيبروري 2018ع اڱارو ڏينهن پنهنجي 60هين سالگرهه جو ڪيڪ گهر ڀاتين سان گڏجي ڪاٽي پنهنجي سالگرهه ملهائيندي منهنجي هن عظيم سنڌي موسيقي جي راڻي لاءِ رب سائين جي بارگاهه ۾ دعا ته رب سائين سندس کي وڏي ڄمار ڪامل صحت عطا فرمائي جئين هو سنڌي موسيقي جي اڃان به خدمت ڪندي رهي ______________________ 616​
     
    نثارابڙو هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو