ها! هڪ اُستاد هوندي ، اُستاد ٿي ڪري توهانجي اهڙن لفظن ڳالهائڻ تي مونکي به اعتراض آهي. ۽ خاص طور جڏنهن توهانجو منصب به (هيڊ ماسٽر يا پرنسپال جو هُجي) ۽ جنهن جو اثر سڌو سئون اسانجي نئين ٽهي (سنڌي شاگردن) جي اخلاق تي پوندڙ هُجي جن کي (وڏيرن جي غلاميءَ )۽ انهن طرفان مليل سوغات (موالي ڪلچر، ڪاپي ڪلچر ۽ سفارشي ڪلچر) مان ٻاهر آڻي هڪ باشعور ۽ اصلي سنڌي کي ڪڍي اڳيان کڻي وڌڻو آهي. ته اهڙي وقت يقينن توهانجو اهو بد ٻولڻ هن قوم لاءِ افسوس جو مقام آهي . هڪ اڀياس موجب شايد ماحول يا انوائرنمينٽ جنهن ۾ رهبو آهي اها به مجبور ڪندي آهي ته ائين ئي ڳالهائجي يا لکجي ، ممڪن آهي هڪ پڙهيل لکيل انسان ٿي ڪري به ماحول گهڻو اثر ڪندو هُجي پر شايد توهان وساري ويٺا آهيو ته اسانجي سنڌي ٻولي هڪ شاهوڪار ٻولي آهي جنهن ۾ الاهي بهترين ۽ اخلاق جي اندر رهندڙ لفظ به هوندا آهن جيڪي توهانجي چيل لفظن جو ردو بدل ٿي سگهن ٿا. توهانجا الاهي آرٽيڪل پڙهي اندازو ته ٿيندو اٿم اٿم ! پر صرف ٽيسٽ ٿو ڪريان ته توهان (سنڌ اشوز پويان) ڪنهنجي ٻولي پيا ڳالهيايو ۽ ڳالهائيندا آهيو ڪنهنجو مشن کڻي پيا اڳيان وڌو ۽ ڇو ؟ جڏنهن ته بظاهر سامهون (سنڌ اشوز) هوندا آهن. اسانجي سنڌ ڪلچر ۾ جي ڪنهن کي مجبوري گهٽ وڌ ڳالهائڻو هوندو آهي ته گار گند ڪونه ڏيندا آهيون پر اهو ضرور چوندي ٻُڌو اٿئون ته (اڙي ماڇي ته ڪونهن آهين) يا اڙي ميربحر ته ڪونه آهين) شايد وڏڙن اهي لفظ اچارڻ وقت اهڙي ماحول کي سمجهي اُن وقت چيو هُجي يا اهڙي ذات وارا ماڻهون جيڪي شايد ان وقت صرف ڪنهن مزدوري پيشي سان تعلق رکندا هوندا، ته بيباق اهڙي بد زبان ڳالهائيندا هوندا(جيڪا اڪثر توهان کان به ٻُڌي وڃي ٿي) شايد ان ڪري به ته تڏنهن انهن ذات وارن ۾ علم عام نه هو ! پر اڄ ڪله ته ذات تي ڏات ئي ناهي ۽ هر ماڻهون علم وارو ٿي ويو آهي آهي، پوءِ کڻي (ڪاپي ڪلچر ڪري ٿيو هُجي يا سفارشي ڪلچر ڪري يا ڪنهن وڏيري جي موالي ڪلچر) يا ڪنهن ڊڪٽيٽر ۽ ساٿين جي مدد سان ، اُڀاري ڪو ڪامورو يا ڪنهن اداري جو هيڊ به بڻايو ويو هُجي ته اندران ئي اندران (سنڌي فلاسافي ختم ٿي وڃي) پر ان هوندي به هاڻ انهن ذات وارن وٽ به ڳالهائڻ جو هڪ معيار مقرر ٿيل آهي . ممڪن آهي ذاتي بيٺڪن دواران اڄ به دوستي ياريءَ ۾ اُهي ائين ئي ڳالهائيندا هوندا پر معلم ٿيڻ کان پوءِ گهٽ ۾ گهٽ (سوشل ميڊيا ۽ عام پبلڪ ۾) ته هرگز نه ۽ پروٽوڪول جو تمام گهڻو خيال رکندڙ هوندا آهن (جيئن مون ڏٺو آهي) ته سوال ڪريان ٿو ان ڪري جوهن وقت سنڌ جي بقا جو سوال آهي . سوال آهي سنڌ جو ! نه تُنهنجو نه مُنهنجو ! قابل احترام آهيو ! ۽ قابل احترام آهي اها ذات به ،جنهن کي (مُنهانڻا) به چيو وڃي ٿو. مُنهن+آڻا (مُنهن تي ايندڙ). هڪ روايت موجب ان ڪري تڏنهن جو (بحر) جا اهي مير (ماڻهون) ئي سڀ کان پهرئين مُحمد عربي (صلي الله عليه وسلم) جن جي سامهون آيا هُئا ۽ فخر سان پوءِ انهن ( مير بحر يا ميراڻي، يا لاڙڪ يا.... +... +) ... پاڻ کي مُنهانڻا چورائڻ شروع ڪيو هو ۽ انهيءَ اهميت کان عقيدت به وٺڻ لڳا هُئا . روزگار لاءِ پيشو ڪرڻ ڪو عيب ناهي ، جيئن ڪورڪو (ڪپڙي جو) ميمڻن جو پيشو، کٽي (ڌوٻي) سومرن جو پيشو، يا ٻيا پيشا حجام، وڍو وغيره عوام ۾ ذاتين جو بدل ٿيڻ لڳا. . هاڻ خبر ناهي ته هاڻ اهي قابل احترام ، بحر (پاڻيءَ) جا مڙئي مير(ماڻهون) ، اُهي پاڻ کي (مُنهانڻا) چورائڻ کان ڇو ٿا ڪيٻائين ۽ ڪڏنهن (ميربحر، ڪڏنهن ماچي، ڪڏنهن سولنگي ڪڏنهن خاصخيلي، ڪڏنهن لاڙڪ، ڪڏنهن ميراڻي) سڏائڻ ۾ ته فخر ٿا محسوس ڪن جڏنهن ته انهن جو فخر (مُهاڻا) سڏائڻ ۾ هو ۽ ٻي ڳالهه ته شايد ان (مُهاڻا) حيثيت ۾ ، هاڻ ڳالهائڻ تي يا لکڻ تي ڪنٽرول ڪرڻ سندن فرض بڻجو پوي ۽ هو فرض نڀائڻ کان بچڻ چاهيندا هوندا. اُميد ته ناراض نه ٿيندا ڪي تواريخي تلخ حقيقتون اڀياس ۾ آيون ته چئي ڏنم ! اهو به ان ڪري جو سوال آهي سنڌ جو ! نه تُنهنجو ! نه مُنهنجو ! بيشڪ ٻين سميئت آئون به انهن مڙني گارين مان واقف آهيان ۽ ڊڪشنري به ڀري پئي آهي ! پر ڪنهن به شيءِ جي (مئنيجمينٽ ڪرڻ )۾ هڪ وڏو فيڪتر آهي (مٽيگيشن) جو يعني (هر ايوينٽ کي ڪنٽرول ڪرڻ) جو. ۽ جڏنهن ته ساڳي ڊڪشنريءَ ۾ (ڪنٽرول لفظ ) به آهي پر ٻنهين ۾ هڪ واضح فرق آهي لازمي ڪنٽرول ڪرڻ جو (نه ته ايوينٽ رُخ تبديل ڪري وجهندو) ته اهڙي ڪنٽرول لاءِ (مٽيگيشن) لفظ استعمال ڪبو آهي. باقي قابل احترام سائن (وات وڪيل) آهيو ! ڪهڙا لفظ به کڻي اُچاريو ڇا ٿو ڪري سگهجي پر اسان جي حس اُتي ٿڙڪندي آهي جتي سوال هُجي سنڌ جو. اُتي سوال ٿئي ٿو ڀلي اسان ڪنهن به مائينڊ سيٽ جا هُجون، ڪنهن جي ئي مشن کي (مُفت يا پئسي تي) کڻي هلندا هُجون پر جتي سنڌ جو سوال اچي ٿو ٿو اُتي اسان سڀ رشتا، مشن ۽ مائينڊ سيٽ ختم ڪري سنڌ لاءِ ئي آهيون جنهنجي تڙپ بظاهر توهانجي آرٽيڪلس ۾ به هوندي آهي.