• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نتيجي طور نوان ڪلاڪار، ليکڪ، فنڪار اُسريا ئي ڪونه آهن. ايستائين جو هن وقت جو سُڄاگي ۽ ذهين طبقي ۾ به

Sindhi Media

سينيئر رڪن
ڇا اسان سنڌي به هاڻ واپاري پيا بڻجندا وڃون؟ جو ميڊيا ميڊيم جو سهار وٺي پنهنجي سنڌي (ساهت، ڪلا ۽ تعليم کان ڪافي پري ڌڪيلجي) هاڻ ٺيڪيدارن وسيلي يا پنهنجي صنف جي لکيارين وسيلي (شعر، نثر، ادب ۽ اديب کي) ڪمائڻ لاءِ مارڪيٽ پيا ڪريون جو نئين ٽهي هڪ طرف شهرن ۽ شهري ادارن ۾ پاڻ کي سنڌي سڏائڻ ۾ شرم محسوس پئي ڪري. نتيجي طور نوان ڪلاڪار، ليکڪ، فنڪار اُسريا ئي ڪونه آهن. ايستائين جو هن وقت جو سُڄاگي ۽ ذهين طبقي ۾ به ٺيڪيداري گهر ڪري وئي آهي.
چئي سگهجي ٿو ته درباري ۽ غيرنيوٽرل (مذهبي، ذاتي، سماجي، علاقائي، سياسي) لکيارين جي ڪري ، سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب ۾ جيتوڻيڪ (علمي، ادبي، فني ۽ فڪري پرک، ڇنڊ ڇاڻ جو علم ۽ فن اڃا اُسريو ۽ بالغ ) ئي ناهي ٿيو يا ائين کڻي چئجي ته اهو اڃا هڪ پورو ضابطو به نه بڻجي سگهيو آهي حالنڪه آڱرين تي ڳڻجي ايندڙ ڪن عالم ۽ ادب جي پارکن ان شعبي جا مضبوط بُنياد وجهڻ جي ڪوشش ضرور ڪئي آهي.
اڳ جي ۽ اڄ جي ليکڪن ۽ شاعرن جي ڀيٽا ڪرڻ سان خبر پوي ٿي ته ٻنهين جي دئورن ۾ ادب جي صنف (شاعري ۽ نثر) ۾ 180 ڊگرين جو ذهني سوچ ، ماحول جوتفاوت گهڻي فرق سان واضح آهي.
اروڙ ۾ هڪ رسم آهي ته سنڌي ڪنواريون پرڻي رات، (مدن مست) نالي هڪ پهاڙي ٻُوٽوُ پنهنجي سيرانديءَ کان رکي سُمهنديون آهن. تواريخ جي ورق ڦهلائڻ سان خبر پوي ٿي ته (اروڙ) ۾ (مُحمد بن قاسم) مسجد جي هيٺان (تليءَ) جي ميدان ۽ جاءِ تي ڦُٽجندڙ اهو ٻوٽو نالي (مدن مست) جنم ورتو اُتي وقت جي راڻي (لاڏي) عربن سان وڙهندي مُئي هُئي جتي سندر رت ڪريو هو ته ان وقت مينهن ڦُڙيون وسيون هُيون ۽ ڪاريون گهٽايون آسمان ۾ زخمي هاٿين وانگر راڙا ڪنديون، ڌوڪيندون آيون. پوءِ جتي اهو ٻوٽو ڦُتو هو. هن ٻوٽي کي سُنگهڻ سان اڄ به تکي تکي سُهاڳ رات جهڙي سُڳنڌ ايندي آهي. حاصل مطلب ته هاڻ ڇا سنڌ ۾ اهڙن لکيارين يا شاعرن جو وُجود بچيو آهي؟ جيڪي اهڙيون ٻوليو ٻوليندا رهن؟
ممڪن آهي ته ان جو سبب سنڌ تي قابض ٿيندڙن ۽ پوئيرن ليکيارين، شاعرن يا نثر نگارن تي (عباسين جي چوٿئين خليفي (معتصم با الله ، وچ جي ميرن جي دئور۽ آخري نادرشاهي) جبرن ٿيو هُجي جن جون لکتون پوءِ انهن جي چوڻ يا زور ڀرڻ يا مجبور ڪرڻ تي درباري بڻجي چُڪيون هُجن، پر انهن ڌرتيءِ ۽ ماڻهن جي حقن جي آواز جي گهٽ عڪاسي ڪئي آهي ٻي هنڌ انهن کي غلامي طوق وجهڻ لاءَ انهن تي خوف جي لکت گهڻي لکي آهي يا اوتارا يونيورسٽين تان عجين منورجهنن جا سبق سيکارڻ سان گڏ کين ازل لاءَ خوفي ڪردار پيش ڪري وڏيرن ، جاگيردارن جو غلام بڻائي رکڻ جو ساٿ ڏنو آهي. جنهن سنڌين جي بهادري، بيباڪي، جُرئت کي ڀوتارن جي حفاظت لاءَ مخصوص ڪرڻ ۾ به مدد ڪئي آهي. ته اڄ جو سنڌ ڀير جي ڏئونڪي ۽ منورجهن ۽ جذباتي شاعرين تي ٿڙڪجي ، نچي ڪُڏي ته ضرور ٿو پر عملي جدوجهد ۾ گهڻو پري رهيو آهي.
ارسطو چوي ٿو ته شاعري، فلسفي کان وڌيڪ فڪر انگيز ۽ تواريخ کان وڌيڪ سبق آموز ٿيندي آهي هو سبب ڄاڻائي ٿو ته شاعري، انسان جي داخلي ڪائنات جي فطرت ۾ زياده اونهون ڏسندي ۽ پنهنجين لفظن ۾ اندر جي اسرارن ۽ رُوح جي صورتگري ڪندي آهي. ان وقت، حالتن ۽ حقيقتن جو سچو عڪس هوندو آهي، انهيءَ ڪري ان ۾، ٻنهين تواريخن ۽ فلسفي جي جهلڪ موجود هُجڻ کان علاوه جذبن ۽ احساسن جي جيئري نقش ڪشي به هوندي آهي، جنهنڪري ان کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ بظاهر جيترو آسان لڳندو آهي، اوترو ئي مشڪل ۽ اوکو آهي.
 
Back
Top