مخدوم نوح سرور هالائي رحه (9 لک گودڙيءَ) وارا عالم، شاعر ۽ اديب. هن خاندان وڏا وڏا عالم، شاعر ۽ اديب پئدا ڪيا آهن ، جن سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جي وڏي خدمت ڪئي آهي. هن خاندان جو 16 هون سجاده نشين (مخدوم طالب الموليٰ رحه) هڪ حساس، اهل دل ۽ سنڌي ٻوليءَ جو عظيم محسن ٿي گُذريو آهي. ها صاحب عالم، شاعرن ۽ سُگهڙن جو وڏو شائق هوندو هو. سندن هر وقت علمي ماڻهن ۽ درويشن سان ڀريل رهندي هُئي. مخدوم صاحب کي راڳ سان تمام گهڻي دلچسپي هُئي ۽ پاڻ (راڳ جو راڻو) ۽ ڄاڻو هُئا ۽ سنڌ جو هي هڪ تمام پيارو شاعر هو. سندن شاعريءَ جو لهجو تمام ميڄاج وارو، حد کان وڌيڪ دلڪش ۽ دلنشين هوندو هو. اگر خدمت ڪرڻ جي ناههِ طاقت طالب الموليٰ ته پوءِ مخدومي دنيا ۾ وڏو منصب ته ڪونهين ڪو سندن وفات کان پوءِ (مخدوم امين فهيم) گادي نشين ٿيا جيڪي نه صرف هڪ سياستدان هُئا پر پاڻ وڏا شاعر، ۽ سنڌي ادب ۾ وڏا اديب پڻ هُئا ۽ سند وفات کان پوءِ هاڻ سندن فرزند ارجمند (مخدوم جميل الزمان) گادي نشينيءَ سان گڏ سنڌي ادب ۽ ثقافت جا پڻ وڏا رکوالا تصور ڪيا وڃن ٿا. نه سي جوڳي جُوءِ ۾ نه سي سامي واٽ ڪاپڙين ڪنواٽ، وڏيءَ ويل پلاڻيا (مخدوم نوح) مخدومن جي خاندان ۾ شامل ڏهين صديءَ جي نامور هستي اعليٰ حضرت (مخدوم نوح سرور رحه ) هن وقت مهراڻ جي مردم خيز مٽيءَ ۾ محو خواب آهن. اهو مرد قلندر جنهن تي سنڌ صدائين فخر ڪري سگهي آهي، تنهنجو وقت جي علمن ۾ شمارو ٿئي ٿو. پوري مُتحده هندستان (هنڌ ۽ سنڌ) ۾ هي پهريون نمبر شخص هو جنهن قرآن پاڪ جو پارسي زبان ۾ ترجمون شايع ڪيو هو. مخدوم نوح هالائي سهروردي پنهنجي وقت جو اهل الله بزرگ ٿي گُذريو آهي ۽ وقت جا سڀ اولياءَ سندس معتقد ۽ بُزرگيءَ جا قائل هُئا. هي بُزرگ امام الاُمت ، خليفه اول (حضرت ابوبڪر صديق رضيه) جي اولاد مان هو. جيئن ته سندن وقت ۾ سندن مُريدن جو تعداد (9 لک) هو تنهنڪري هن خاندان کي (9 لک گودڙيءَ) جو صاحب چئي ياد ڪيو ويندو آهي. پاڻ ظاهري تعليم ته تمام ٿورڙي حاصل ڪئي هُئي پر ذاتي مطالعي ۽ روحاني طاقت سبب قرآن پاڪ جو جڏنهن تفسير ڪندو هو ته عالم به دنگ رهجي ويندا هُئا. خوراڪ ۾ پاڻ سادو کائيندو هو ۽ سادو هنڊائيندو هو، پاڻ هميشه ذڪر ۽ فڪر ۾ مشغول رهندا هُئا. مخدوم نوح وڏو فياضي هو تڏنهن ته (شاه عبدالطيف رحه ) جو تڙڏاڏو (شاه عبدالڪريم رحه ) بُلڙيءَ واروبه وٽائن فيض حاصل ڪندو هو ۽ سند خاص مُريد هو. اهوئي سبب هو جو شاه عبدالطيف رح به مخدوم ۽ سندن اولاد جو هميشه معتقد رهيو. بل آخر هي تصوف ۽ عرفان جو امام به سن 998 هجري بمطابق 27 ذوالقعد بروز خميس صبح جي وقت رحلت فرمائي ويا. ندن وفات بعد سندن وڏو فرزند (مخدوم امين مُحمد اول) سجاده نشين ٿيا.