ڳوﺭ ﭘَٽ

'مختلف موضوع' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏17 مارچ 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    ڳوﺭ ﭘَٽ

    ﮘور پٽ ﺟﻮ ﺷﻤﺎﺭ ﺑﺎﻗﻲ ﺩﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﺍﻧﻬﻦ ﺟﺎﻧﻮﺭﻥ ۾ ٿئي ٿو ﺟﻦ ﺟﻮ ﻧﺴﻞ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘڄاڻيﺀَ ﺗﻲ ﭘﻬﭽڻ ﻭﺍﺭﻭ ﺁﮬﻲ. ﭘﺮ ﺳﻨڌ ۾ ﺍڄ ﺑﻪ ڳوﺭﭘٽ ڪافي ﺗﻌﺪﺍﺩ ۾ ﻣﻮﺟﻮﺩ ﺁﮬﻲ. ﺳﻨڌ ﺍﻧﺪﺭ ڳوﺭﭘٽ ﮐﻲ ﺳﻨﺪﺱ ﻧﺎﻟﻲ ﺟﻲ ﻣﻨﺎﺳﺒﺖ ﺳﺎﻥ ﺍﻫﻮ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ ﻭﻳﻨﺪﻭ ﺁﮬﻲ ﺗﻪ ﺷﺎﻳﺪ ﻫﻲ ﺟﺎﻧﻮﺭ ﻗﺒﺮﻭﻥ کوٽي ﺍﻧﻬﻦ ﻣﺎﻥ ﻻﺵ ڪڍﻱ ﮐﺎﺋﻴﻨﺪﻭ ﺁﮬﻲ، ﭘﺮ ﺣﻘﻴﻘﺖ ۾ بلڪل ﺑﻪ ﺍﺋﻴﻦ ﻧﺎﻫﻲ. ﺳﻨﺪﺱ ﺭﻫڻ ﺟﻲ ﺟﺎﺀِ ﺍﻧﺴﺎﻧﻲ ﻫﻞ ﻫﻨﮕﺎﻣﻦ ﮐﺎﻥ ﭘﺮﻱ ﻭﻳﺮﺍﻥ ﻋﻼﺋﻘﺎ ۽ ﻗﺒﺮﺳﺘﺎﻥ ﺿﺮﻭﺭ ﺁﮬﻦ. ﮘوﺭﭘٽ ﺟﻲ ﺧﻮﺭﺍڪ ﻣﺎﮐﻲﺀَ ﺟﺎ ﻣﺎﻧﺎﺭﺍ، ﺟﻴﺖ جڻا، ﻧﺎﻧﮓ، ﺑﻼﺋﻮﻥ ۽ ﭘٽ ڪرڙيون ﺁﮬﻦ .
    ﺍﻧﺴﺎﻥ ﻳﺎ ڪﻨﻬﻦ ٻئي ﺟﺎﻧﻮﺭ ﺟﻲ ﺍﻭﭼﺘﻲ ﺣﻤﻠﻲ ﻭﻗﺖ ڳوﺭﭘٽ ڄاﻫﻲ ﺟﻴﺎﻥ ﺳُﺴﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﺑﭽﺎﺀُ ڪندو ﺁﮬﻲ . ﺳﻨﺪﺱ ﮐﺮﮐﺮﻱ ۽ ﻧﻬﺎﻳﺖ ﺋﻲ پڪي ﮐﻞ ڪُتن ﺟﻲ ﺣﻤﻠﻲ ﮐﺎﻥ ﺳﻨﺪﺱ ﻣﺆﺛﺮ ﻣﺤﺎﻓﻆ ﺁﮬﻲ . ڳوﺭﭘٽ ﺳﻨڌ ﺟﻲ ڄامشوري، ﺩﺍﺩﻭ ۽ ٺٽي ﺟﻲ ﻋﻼﺋﻘﻦ ۾ اڪثريت ﺳﺎﻥ ڏٺو ﻭﻳﻮ ﺁﮬﻲ. ﭘﺮ ﺳﻨڌ ﺟﺎ ماڻهو گهڻي ﺗﻌﺪﺍﺩ ۾ ﻫﻦ ﺟﺎﻧﻮﺭ ﮐﺎﻥ شڪلي ﻃﻮﺭ ﺍڻ ﻭﺍﻗﻒ ﻫﺠڻ ﺟﻲ ڪري ڳوﺭﭘٽ ﮐﻲ ڏﺳﻨﺪﻱ ﺋﻲ ﻋﺠﻴﺐ ﻣﺨﻠﻮﻕ ﺳﻤﺠﻬﻲ ﻣﺎﺭڻ ﺟﻲ ڪڍ ﭘﺌﺠﻴﻮ ﻭڃن ٿا.

    حوالو منهنجي سنڌ جا پکي ۽ جانور
    چونڊ زاهد قمر
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هڪ دفعي سج لٿي کانپوءِ بلوچستان ۾ کيرٿر جبل جي چوٽِءَ تي اڪيلو رهجي ويس ۽ سج لهي ويو. دوست پري هيا، ڏاڍو ڊجھ پئي ٿيو نيٺ ٻه دوست اچي پهتا ۽ پوءِ اسان دير سان هيٺ لهڻ شروع ڪيو هو. گهگه اونداهي ۾ ... هيٺ پهچي ماڻهن جون عجيب ڳالهيون ٻڌم، جن مان هڪ اها به هئي ته هتي ڳورپٽ جام ٿين ۽ ماڻهوءِ جي چوڌاري اهڙو پيشاب ڪن ٿا جهنهن جي ڌپ کان ماڻهو بيهوش ٿي وڃي ٿو ۽ پوءِ ڳور پٽ مٿس حملو ڪري ماري وجهي ٿو .....
    خير اهي ته سڀ ڳالهيون هيون، نيٽ تي پڙهندي ڪٿان به اهڙي تحقيق ڪانه ملي هئي
     
  3. منيراحمد ملڪاڻي

    منيراحمد ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 نومبر 2011
    تحريرون:
    21
    ورتل پسنديدگيون:
    54
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    213
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين سنده
    اسان جي ڳوٺ (ملڪاڻي شريف) ۽ ان جي آس پاس گذريل سال اونهاري جي مند ۾ ڳورپٽ جو خوف ڪيترائي ڏينهن هليو. ڪجھ ماڻهن موجب رات جو انهن جي گهرن ۾ هڪ جانور اچي ٿو جيڪو عجيب قسم جو هوندو آهي انکي نالو ڳورپٽ جو ڏنو ويو. هڪ دفعي هڪ مشهور سنڌي اخبار ۾ خبر پڙهي سين تہ سنڌ جي ساحلي پٽي ۽ ٿرپارڪر ضلعي ۾ ڳورپٽ نالي جانور جي موجودگي، ماڻهن ۾ خوف ۽ حراس. تڏهن ڳوٺ جي ماڻهن سمجهيو تہ رڳو اسان وٽ نہ اتي بہ ماڻهن ۾ ساڳيو خوف حراس آهي. اها خبر پڙهڻ کانپوءِ هتي جي ماڻھن ۾ ڊپ اڃان وڌي ويو تہ واقعي اهڙي ڪا شئي آهي. ان خوف سبب ماڻهن کي رات جو ننڊ ئي نہ ايندي هئي، ننڍڙا ٻار رات ٿيندي ئي والدين جو پاسو وٺي گهر ۾ ويهي رهندا هئا. ڪير بہ ٻاهر نڪرڻ جي همت نہ ڪندو هو. پر پوءِ آهستي آهستي ماڻهن ان کي ڪوڙ سمجهي ان ڳالھ کي وساري ڇڏيو ۽ ڊپ ختم ٿي ويو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    مگر مونکي ته ڄاڻايل تصوير ڳورپٽ جي نه بلڪه رِڇَ جي ڪنهن نسل جي ٿي لڳي!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو