غزل اياز جاني زيتون جي ٽاري نه هئي ڳيرو نه هو واسينگ ها، ڪو مور جو پيرو نه هو ڪئن ڌوڙ ۾ لٽجي ويا سڀ قافلا اجرين اکين ۾ خواب جي ميرو نه هو هن زلف ۾ ويڙهي رکيو هو وصل کي هن وار جئن کوليا ته ڪو گهيرو نه هو ان ننڊ جي مون لئه ڪراچي تنگ هئي جنهن جاڳ ۾ منهنجو نئون ديرو نه هو دل سانوڻي وسندي رهي، جلندي رهي ڀرسان ڪٿي بارش نه هئي، ڄيرو نه هو '"""""""""""""""""""""""""" ڪتاب : دراوڙ دل جي تنهائي صحفو ..239