• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

باب الاسلام(سنڌ) ۾(توحيد،تصوف)۽سُر۽سنگيت!۽(سنڌ)تي هر حملا آور قوم جو ثقافتي،لساني،مذهبي۽سياسي اثر

Sindhi Media

سينيئر رڪن

  1. پارٽ پهريون
    باب الاسلام (سنڌ) ۾ (توحيد ، تصوف) ۽ سُر ۽ سنگيت ! ۽ (سنڌ) تي هر حملا آور قوم جو ثقافتي، لساني ، مذهبي ۽ سياسي اثر (تواريخ جي ورقن جي اڀياس).
    هڪ ڳال...ه ٿو ڪريان جو هاڻ سوال آهي سنڌ جو! نه تُنهنجو ! نه مُنهنجو !

    انٽرنيٽ تي گوگل سرچ انجڻ معرفت ريسرچ ڪرڻ کان پوءِ جڏنهن (دُنيا جي) سنڌ متعلق تواريخ جا ورق اُٿلائي ڏسجن ٿا ته ايتري گهڻي (لاجيڪل ۽ قابل قبول) ڄاڻ ملي ٿي جو وقت جي (انڌيري ۽ درباني حاڪمن جي دوئر جي) اسانجي لوڪل (تواريخدانن، ليکڪن، اديبن، شاعرن وغيره) جا گهڻا آرٽيڪل اڌورا ڏسڻ ۾ اچن ٿا.

    انهن سڀني کي اڀياس ڪرڻ کان پوءِ هڪ (نيوٽرل ۽ غير متعصبانا يا غير طرفدانا نظر) هڻڻ کان پوءِ ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته هيل تائين اسان جيڪو (ڪاغذ ڪارا ڪري) پنهنجي سنڌ جي (تهذيب، تمدن، روايتن) کي اُجاگر ڪيو آهي انهن ۾ گهڻي ڀاڱي ته سنڌ تي حملا آور (قومن، تهذيبن پنهنجو (مذهبي، سياسي، سماجي، لساني، ادبي) اثر ڇڏيو آهي ۽ ان ۾ سنڌ جو پنهنجوحصو ڇا آهي اهو ڳولهي ڦولهي ڪڍڻون آهي.

    جڏنهن چيو وڃي ٿو ته (سنڌ ۽ سنگيت) هڪ وجود جا ٻه نالا آهن جو (سنڌ ۽ سُر) سنڌين جي رڳن ۾ رت وانگر سمايل آهي پوءِ اُهو چاهي 712ع جي (باب الاسلام سنڌ) کان پوءِ جي ڳالهه هُجي يا عيسيٰ عليه السلام کان اڳ ۽ 7000 سال پوڙاڻي سنڌ واديءَ (انڊس سولائيزيشن) جي. يا موهن جي دڙي واريءَ سنڌ جي دئور جي، يا سنڌ ۾ آرين ۽ دراوڙي سنڌو تهذيب جي يا سنڌ ۾ اچي سموئيک فارس، ميسوپوٽيما ۾ فرات ۽ دجلا جي، يا مصر ۾ نيل نديءَ جي تهذيبن سان قدامت رکندڙ همعصر سنڌ جي جڏنهن انهن دئورن جا پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان دريائي تهذيبن جي ڪري لاڳاپا رکيل هُئا.

    تواريخ به گواه آهي ته سنڌ جي انهيءَ مڙني ماتر ڀومين ۾ ۽ سنڌوءَ جي وهڪري ڪري سنڌ ۾ سدائين سُڪار رهيو هو ۽ هتي(سنڌ) جا ماڻهون هميشه خوشحال رهيا هُئا ۽ انهيءَ خوشحاليءَ جي ڪري ئي اڄ تائين (سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن کي) هميشه ڏکيا ڏينهن پڻ ، نه صرف ڏسڻا پيا آهن پر ڀوڳڻا به پيا آهن اڃان به پيا ڏسجن ۽ ڀوڳجن پيا .

    تواريخ جي اڀياس مان خبر پئي ٿي ته اهي تڪليفون سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن کي تڏنهن ڀوڳڻيون پون ٿيون جڏنهن سنڌ جو ڪو ماڻهون مير جعفر ۽ مير صادق بڻجي وڃي ٿو. تواريخ جا ورق اهو به ٻُڌائين ٿا ته سنڌ جا اهي مير جعفر ۽ مير صادق ڪڏنهن به نسلي سنڌي نه رهيا آهن ۽ هميشه انهن قومن مان هوندا آهن جيڪي ڌاريان سنڌ ۾ ڪاهي آيا، مقبوض ٿيا ۽ باوجود هو سنڌ ۾ اچي رچي وسي ويا پوءِ به اُهي ئي مير جعفر ۽ مير صادق بڻيا نه ڪه سنڌ جا پنهنجا(اوريجنل اصل رت جا سنڌي). تنهن هوندي به سنڌ ۽ سنڌ جا ماڻهون ، هميشه پنهنجي سِر تي ڌارين جون ڪاهون، کين غلام ابن غلام رکڻ باوجود(هنر ۽ فن ۾ اڳتي وڌندا رهيا آهن.

    تواريخ جا ورق ڦهلائڻ کان پوءِ خبر پوي ٿي ته مسلمانن جي (تڏنهن کان پوري مقدس سرزمين) عربستان ، اڄ (مُحمد عربيءَ صلي الله عليه وسلم) جي ڪري ، جڏنهن (توحيدي دين اسلام) اچي سنڌ ۾ 711ع شفٽ ٿيو هو تڏنهن کان وٺي ۽ (عباسي دئور جي چوٿين خليفي (معتسم بالله) تائين، سنڌ ۾ به عربستان وانگر (توحيد وارو اسلام ) هو، يعني هتي جا ماڻهون به (قرآن، و حديث) جا پوئياري(شرڪ و بدعت) کان پاسيرا رهندا هُئا.

    عباسين جي چوٿئين خليفي (معتسم باالله ، ميرن ۽ فارس جي نادرشاه) جي سنڌ تي حملي ۽ قبضي کان پوءَ هتي جو توحيدي دئور (تصوفي دئور) ۾ متعارف ٿيڻ لڳو. ميرن جي دئور ۾ سرڪاري طور (تصوف) جي پروموشن ٿي، سنڌ تي نادرشاه جي قبضي کان پوءِ (پيري مُريدي) ۽ ٻيون مذهبي بدعتون ۽ فرقا پروان چڙهڻ لڳا. (عالمن، الله جي ولين، نيڪو ڪارن) جي وفات کان پوءَ سندن قبرون پڪو ٿيڻ لڳيون پوءِ اتي مقبرا اڏجڻ لڳا ۽ قبرپرستي وڌي وئي ، ۽ گهڻي ڀاڱي (تصوف کي سُر ۽ سنگيت) سان پروان چڙهايو ويو، ماڻهن جو گهڻي ۾ گهڻو لاڙو (مسجدن بجاءِ مقبرن ڏانهن) ٿيڻ لڳو جو سُر ۽ سنگيت کين ڇڪڻ لڳو هو.

    جڏنهن يمن جا 72 مُسلم خانا بدوشي قبيلا واپار سانگي برصغير ڏانهن نڪتا ۽ سنڌ جي بحري شهر(ديبل بند)ر وٽ پُهتا ته قذاقن ان قافلي تي حملو ڪري متاع لُٽي، پوءِ انهن قبيلن جي ٻارن ٻچن کي سنڌ جي برهمڻ (راجا ڏاهر) کي وڪيو، جيڪو پوءِ کائن( ونگار) تي ڪم وٺي قيد ڪري ڇڏيندو هو، ۽ پوءِ دانهين جي دانهن تي جڏنهن (حجاج بن يوسف) انهن مسلم خانا بدوشين کي آزاد ڪرڻ لاءِ گهڻا ئي ڀيرا (برهمڻ راجا ڏاهر) کي نياپا موڪليا ته هُن نه مڃيو ته پوءِ (محمد بن قاسم) کي موڪليو ويو جنهن کيس اروڙ جي ميدان تي 712ع ۾ شڪست ڏني، اهڙيءَ طرح عربن جو سنڌ تي پهريون ڀيرو قبضو ٿيو. سنڌ جي مختلف ڀاڱن ۾ پنهنجون آباديون قائم ڪيون، پوءِ ڪيترن ئي هندن (اوچي ۽ نيچي ذات) سميعت اسلام قبول ڪيو ۽ سنڌ عربن اسلامي عقيدي (توحيد) موجب اثر آڻي سنڌ جي ماڻهن جي انفرادي ۽ اجتمائي زندگيءَ ۾ وڏي نفسياتي تبديلي آڻي ڇڏي ۽ سنڌ ٻن ڌرمن (مذهبن) ۾ ورهائجي وئي.
 
پارٽ ٻيون
باب الاسلام (سنڌ) ۾ (توحيد ، تصوف) ۽ سُر ۽ سنگيت ! ۽ (سنڌ) تي هر حملا آور قوم جو ثقافتي، لساني ، مذهبي ۽ سياسي اثر (تواريخ جي ورقن جي اڀياس اُنهن لاءِ جيڪي نيوٽرل آهن، هڪ پاسي سوچ يا ذهنيت نٿا رکن ۽ بس (سچ ڇا آهي؟ اُهو پڙهڻ چاهين ٿا).
هڪ ڳاله ٿو ڪريان جو هاڻ سوال آهي سنڌ جو! نه تُنهنجو ! نه مُنهنجو !

تواريخي ماڳ شاهدي ڏين ٿا ته ، سنڌو ماٿريءَ ۾ 711ع ۾ سنڌين جي (توحيدي دين اسلام )قبول ڪرڻ کان اڳ سنگيرت جي روايت موجود هُئي ۽ اُنهن جون پاڙون (موهن جي دڙي) واري تهذيب ۾ به کُتل آهن. اهو به ثبوت ملي ٿو ته جُڙيل دريائي تهذيبن جي ثقافتي اثر ۽ لاڳاپن جي ڪري (عِبرانين) جو قديم ساز (ڪينرو) ۽ مصر جو ساز(تنبورو) به سنڌ جي سُر ۽ سنگيت ۾ اهم ساز رهيا آهن. ۽ جڏنهن ڀنڀور جي کوٽائي ٿي هُئي ته ڪيترن ئي ٺڪر جي ٿانون تي اهڙن سازن جا (چٽا نقش) به مليا آهن. جنهن کي اُن وقت جي سنڌي ڪاريگرن ۽ ڪُنڀرن سامهون رکي ٿانون تي اُڪريا هُئا. اُن کان علاوه (موهن جي دڙي) مان مليل (ناچڻيءَ) جي مورتي، جيڪا پنهنجي مُنهن، رُخ، قدمن جي بيهڪ ۽ هٿ کڻڻيءَ سان ان دئور ۾ سُر ۽ سنگيت جهڙي فن جي ساک ڀري ٿي.

ته هن مضمون جي (پهرئين پارٽ) ۾ پنهنجي ڳالهه پئي هلي ان دئور جي يعني (سنڌ تي عربن جي ڪاه) جي، جنهن کان پوءِ سنڌ مذهبي طور ٻن حصن ۾ ورهائجي چُڪو هو. (هندو سنڌي ۽ مُسلم سنڌي). سنڌ جو (هندو سنڌي) ته پنهنجي اُهائي (سُر ۽ سنگيت) واري فن ۾ اڳتي وڌي آيو هو جو سندن (مذهب ۾ به سُر ۽ سنگيت جي اهميت) هُئي، پر (توحيدي دين اسلام) قبول ڪندڙ مُسلم سنڌي (سُر ۽ سنگيت) کان پاسيرو ٿي ويو جو اسلام ۾ ان جي منع ٿيل هُئي ۽ پوءِ سنڌ ۽ (سنڌي مُسلم ماڻهون) مذهبي تبليغن ۾ جُڙي ويو ۽ سنڌ ۾ اسلام ايترو ته ڦهليو جو سنڌ (باب السلام سنڌ) سڏجڻ لڳي ان وقت سعدي عرب جا گهڻان ماڻهون ۽ ديندار عالم به سنڌ ۾ اچي رهڻ لڳا ۽ اسلام جي تبليغ ڪري غير مسلم سنڌين کي مسلمان ٿيڻ تي راغب ڪرڻ لڳا.

وليد بن عبدالملڪ جي وفات کان پوءِ جڏنهن سُليمٰن بن عبدالملڪ (جيو ڪهاڻيءَ تي ميرا سلطان سيريل وارو) تخت تي ويٺو ته هُن فاتح سنڌ (مُحمد بن قاسم) کي معزول ڪرائي واپس دمشق ڏانهن گهرائي ورتو ۽ کيس (واسط) جي جيل ۾ قيد ڪري ڇڏيو جتي پوءِ عراق جي عملدار (صالح بن عبدالرحمٰن) کيس طرح طرح جون سزائون ڏئي مارائي ڇڏيو. جڏنهن اهي خبرون سنڌ ۾ سنڌي مسلمانن ۽ رهندڙ عربن کي پُهتيونته اُنهن ۾ بيچينيءَ جي لهر پئدا ٿيڻ لڳي.

۽ جڏنهن (عربن جي پاڻ ۾) اندروني طور گهڻي ناچاڪي پئدا ٿيڻ لڳي ته سنڌ ۾ لڏي آيل ۽ رهندڙ ڪيترائي (عربن جا قبيلا) واپس لڏ پلاڻ ڪري واپس عرب دُنيا ۾ واپس وڃڻ لڳا خليفي سُليمٰن جو فرمان پُهتو ته هو هميشه لاءِ سنڌ ۾ وسي وڃن، اُتي ئي (ٻني ۽ پوک) جي شعبي سان پاڻ جوڙيو، هر ڪاهڻ سکو ۽ سُکيا ستابا ٿيو ۽ اُتيجي ئي لوڪل زبان سکي توحيدي دين اسلامي ڪلچر جو فروغ ڪريو. ان فرمان کان پوءِ لڏڻ جو ارادو ڪندڙ (عرب) سنڌ کي پنهنجو وطن سمجهي هميشه لاءِ سنڌ ۾ (سنڌي بڻجي) رچي وسي ويهي رهيا.۽ پوءِ سنڌي مُسلمان ۽ عربن وچ ۾ پاڻ ۾ شاديون ٿيڻ لڳيون .

هڪ طرف سنڌي عالم عربي علوم ۾ شهرت حاصل ڪئي ته ٻئي پاسي وري عربي نسل جي عالمن سنڌ ۾ اُن وقت جي سنڌي ٻوليءَ جو مطالعوشروع ڪيو. عربن جي ان گهري لاڳاپي جو اثر سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب دب تي پيو ، ته سنڌ جي عالم عربي ٻوليءَ ۽ ادب ۾ پنهنجي خارجي ۽ داخلي ڪيفيتن جو اظهار ڪيو. اهڙيءَ ريت سنڌ جي ماڻهن تي عرب جا گهڻا (مذهبي، لساني، ثقافتي ۽ سياسي) اثر پجي ويا. ان دئور ۾ عربي شاعريءَ جو به سنڌ ۾ مطالعو شروع ٿيو ۽ گهڻا عربي شاعر پڻ سنڌ ۾ اچڻ لڳا. ته ٻئي هنڌ سنڌي شاعرن به پنهنجي عربي دانيءَ ۾ ڪمال ڪيو. ۽ عربيءَ ۾ شعر چيائون.
 
پارٽ ٽيون
باب الاسلام (سنڌ) ۾ (توحيد ، تصوف) ۽ سُر ۽ سنگيت ! ۽ (سنڌ) تي هر حملا آور قوم جو ثقافتي، لساني ، مذهبي ۽ سياسي اثر (تواريخ جي ورقن جي اڀياس اُنهن لاءِ جيڪي نيوٽرل آهن، هڪ پاسي سوچ يا ذهنيت نٿا رکن ۽ بس (سچ ڇا آهي؟ اُهو پڙهڻ چاهين ٿا).
هڪ ڳاله ٿو ڪريان جو هاڻ سوال آهي سنڌ جو! نه تُنهنجو ! نه مُنهنجو !

سُليمٰن بن عبدلملڪ طرفان سنڌ جي فاتح (مُحمد بن قاسم کي) قتل ڪرائي مارائڻ کان پوءِ عربن ۾ به اندروني خلفشار وڌندو پئي ويو. عباسين جي ڪيترن ئي خليفن جو لاڙو به توحيدي دين اسلام کان ڦري (سُر ۽ سنگيت) طرف وڌڻ لڳو هو ۽ وقت گذرڻ سان پوءِ عباسي خليفن جڏنهن بعداد کي پنهنجي گاديءَ جو هنڌ مقرر ڪيو هو ته سندن درٻار ۾ ڪيترا ئي موسيقار سلهاڙيل هُئي . سنڌ ۾ پڻ اهو ساڳيو سلسلو جاري رائج ٿي چُڪو هو. توحيدي طريقو تصوفي طريقي ۾ بلجڻ لڳو. جنهن ڪري باب الاسلام توحيدي دين واري سنڌ ۾ سنڌ ۽ سنڌ جي ادب تي وري (سُر ۽ سنگيت) جو گهرو اثر پئجي ويو جيڪو (سنڌي هندوءَ) ۾ ته تسلسل سان هلندو پئي آيو پر توحيدي دين اسلام قبول ڪندڙ (مسلمان سنڌي) ان کي وساري چُڪو هو. ۽ پوءِ تصوفي دئور ۾ موٽي آيو ته ٻي پيڙهي (سنڌي مُسلمانن) ۾ به (سُر ۽ سنگيت) فروغتازيءَ سان پائڻ لڳو.
جڏنهن هڪ طرف عباسي خليفن جي ڪري تصوفي (سُر ۽ سنگيت) جو(توحيدي سنڌي مسلمان) ڏانهن واپس ورڻ وقت شروع ٿيو هو ، ته به اُن وقت به هندو ۽ مُسلم (سُر ۽ سنگيت) ۾ مذهبي فرق واضح هو.اهو جو (مسلم سنڌيءِ) ۾ صوفي ازم (صوفين جي ڪري) اظافو ٿي ويو هو ۽ جنهنڪري ولين ۽ نيڪو ڪارن، صوفين جي مزارن ۽ مقبرن تي سماع ۽ ڳائڪيءَ جون محفلون مچلڻ لڳيون. جڏنهن ته طرف سنڌي هندو به ان (سُر ۽ سنگيت) کي اڳئي پنهنجي( پوڄا پاٽ ۽ عبادتن جو حصو بڻائي ويٺا هُئا. هوڏانهن عباسي خليفن ۾ به اهي ئي سُر سنگيت جون محفلون شروع ٿي چوڪيون هُيون.
جيئن ته شروعات دئور (توحيدي سنڌي مسلم) ۾ سنڌين جي شرافت ۽ مروت کان وڏا وڏا عرب خاندان مُتاثر ٿيل هُئا ۽ ٻنهين قومن جي وچ ۾ معاشرتي تعلقات پئدا ٿيا هُئا ته اهڙيءَ طرح اهي بغداد ۾ عروج ڀرف وڌڻ لڳا هُئا ۽ صوفي ازم جي پوئياري ڪندڙ ٻئي دئور جا (تصوفي سنڌي مُسلمان) جي راڳين بغداد ۾ ايڏو نه نالو ڪڍيو جو اُن وقت جي عالمن حر الجاحظ) جنهنجي وفات 869ع ۾ ٿي هُئي به پنهنجي گهڻين تصنيفن ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي بغداد جي سنڌي موسيقارن جي ساک ڀري. عباسي خليفن جي درٻار ۾ جيڪي سنڌي موسيقار سلهاڙيل هُئا انهن ۾ (السندي بن علي الوراق ۽ علي بن نافع( جيڪو اڳتي هلي (زرياب) جي نالي سان مشهور ٿيو هو) جا نالا اهم آهن. جن بغداد، قيروان ۽ قرطبه ۾ وڏو نالو ڪمايو هو.
سنڌي موسيقارن عرب رياستن ۾ (عربي ، ايراني) ۽ (ايراني ، سنڌي) سنگيت جي ميل سان سنگيت ۾ هڪ نئون رُوح ڦوڪيو. اهوئي سبب آهي تي سنڌ جي صوفي ازم (تصوف) تي ايران ۽ بغداد جا گهڻا اثر نميان رهيا ۽ اڄ به جاري و ساري آهن.جن سنڌي شاعرن جا عربيءَ ۾ چيل ڪلام به عربي شاعريءَ ۾ مثالي شعر بڻيا تن ۾ (ابو عطا سنڌي، ابو معشر، ابو ضلع) جا نالا اهم آهن. جيئن ته بغداد ۾ بغدادي شهزادن جي (سُر ۽ سنگيت) شوق جي ڪري تصوف جو بُنياد پيو هو ته (عرب، سنڌي) لاڳاپن جي ڪري بغداد جي اسلامي رياستن جا ڪيترا ئي صوفي بزرگ سنڌ ۾ (تصوف) جي تبليغ ڪرڻ لاءِ سنڌ آيا هُئا ۽ سنڌ ۾ پنهنجي بغدي فلسفي (تصوف) يا صوفي ازم جي پرچار ڪيائون. (سُر ۽ سنگيت) جي ڪشش ڪري، ڪيرائي سنڌي ماڻهون سندن حلقي ۾ شامل ٿي ويا.
سومرن جي دئور ۾ جڏنهن (سنڌ جا حاڪم) بغدادي صوفي بزرگن جا پوئلڳ بڻيا ته ڄڻ سڄي سنڌ (توحيدي دين اسلام) ڇڏي صوفيت جي سرزمين بڻجي وئي ۽ سنڌ ۾ صوفي ازم فروغ پائڻ لڳو. صوفين روحاني رمزن جي اظهار لاءِ سنگيت کي سماع جي محفلن جُز بڻايو جنهن سان هندو سنڌي ۽ مُسلم سنڌي (تصوف) ڪري ڳنڍجي ويا ۽ پوءَ و لاڙو ويتر صوفين ڏانهن وڌڻ لڳو. اهڙيءَ ريت اڳتي هلي سنڌ ۾ (سُر ۽ سنگيت) جو دائرو اڃان به وسيع ٿيو جو ڪافيءَ وارو ڪلام سماع ۽ عوامي محفلن ۾ ڳائجڻ لڳو. هندو ۽ مُسلمانن جو صوفي بزرگن جي قبرن ۽ مقبرن ڏانهن وڌاءُ ٿيڻ لڳو هو.
 
پارٽ چوٿون
باب الاسلام (سنڌ) ۾ (توحيد ، تصوف) ۽ سُر ۽ سنگيت ! ۽ (سنڌ) تي هر حملا آور قوم جو ثقافتي، لساني ، مذهبي ۽ سياسي اثر (تواريخ جي ورقن جي اڀياس اُنهن لاءِ جيڪي نيوٽرل آهن، هڪ پاسي سوچ يا ذهنيت نٿا رکن ۽ بس (سچ ڇا آهي؟ اُهو پڙهڻ چاهين ٿا).
هڪ ڳاله ٿو ڪريان جو هاڻ سوال آهي سنڌ جو! نه تُنهنجو ! نه مُنهنجو !

جيئن ئي سنڌ ۾ ڪافي، راڳ ۽ عوامي محفلن ، (مندرن ۽ مقبرن) ۾ ڳائجڻ لڳي جنهن کي بغداد، ايران جي ذاڪرن ۽ پيروي ڪندڙ سنڌي لوڪ راڳين اوج تي رسايو ته صوفي ازم (صوفيت) جو بغداد، ايران کان پوءِ سنڌ ۾ به عوج ٿيو.
جڏنهن عربي ۽ فارس جا شاعر ، اديب سنڌ ۾ آيا ۽ سندنَ اصطلاح، بيت، مصرع ۽ قافيا سنڌي ٻوليءَ ۾ رائج ٿيا ته (ڪافي ۽ ڪلام) جو اصطلاح جيڪو هن وقت تائين سنڌ ۾ هلندو اچي اُهو ٿربي شاعريءَ جي (قافيا و ڪلمه) تان ورتو ويو آهي. جنهن جي معنيٰ به اُها ئي ساڳي آهي جيڪا سنڌي (ڪافي ۽ ڪلام) جي آهي. يعني ڪو به منظوم يا قصيدو. هن دئور ۾ سنڌ جا شاعر، عربي شاعريءَ جي اثر هيٺ، پنهنجي نظم کي (ڪافي) سڏڻ لڳا. ۽ جڏنهن ان ڪلام کي هڪ مخصوص آلاپ يعني( راڳ ۾ ڳائڻ) لڳا ته ان گائڪيءَ کي ڪافيءَ وارو ڪلام سڏيو. اهڙيءَ ريت ئي سنڌ ۾ (ڪافي ۽ ڪلام) وارو اصطلاح رائج ٿي ويو. جنهن اڳتي هلي (سنڌي شاعريءَ ۾) هڪ الڳ صنف جو روپ ورتو جيڪا هن وقت (ڪافي) جي نالي سان سڏجي ٿي.
صوفي ازم (تصوف) بغداد ۽ فارس مان جڏنهن پوءِ هجرت ڪري برصغير (هند ۽ سنڌ) پُهتو ته هتي جي پوئلڳ ماڻهون به (سُر، سنگيت ۽ شاعري) جي ميلاپ وسيلي ظاهري ۽ دُنياوي (ذهني) سڪون ۽ رُحاني تسڪين حاصل ڪرڻ ۾ لڳي ويا. (سُر، سنگيت ۽ شاعري) جي پاڙن کي سنڌ سماج ۾ مضبوط ڪرڻ ۽ رکڻ واسطي، انهن پوئلڳن نه صرف سماجي ريتن، رسمن ۾ موسيقيءَ کي شامل ڪيو بلڪه پڄا پاٽ ۽ عبادت جو حصو بڻائي، مذهبي سرگرمين ۾ شامل ڪري، رُح کي ريجهائي، رب سان رَلاڻ جي راه پڻ بڻايائون. جنهنجا زنده مثال (ستسنگ ۽ سماع) آهن. اهي روايتون ۽ سرگرميون، تواريخ جي مختلف دئورن ۾ مسلسل طور هلنديون اچن، جنهن سان (سنڌي سنگيت) هر دئور ۾ اوج ماڻيو ۽ پنهنجي انفراديت کي قائم رکندو اچي.
ڪافيءَ جي موضوع تي گهرائيءَ ۽ مطالعي ڪرڻ جي ضرورت محسوس ٿي جو تحقيق جو محور جن سوالن تي آڌاريل هوندو آهي ته (شاعريءَ جي صنف ڪافيءَ جي) اوسر ڪڏنهن ٿي؟ ڪهڙيءَ ريت ڪافيءَ هڪ گائڪيءَ جو انداز بڻجي وئي؟ ۽ ڪيئن هڪ مخصوص آلاپ (ڪافي) راڳ طور روپ اختيار ڪري سنگيت ۾ هڪ ٺاٺ جي صورت اختيار ڪئي؟ جو ڪافي راڳ ۽ گائڪيءَ کان سواءِ شاعريءَ جي هڪ نفيس صنف آهي، جيڪا احساس، اُمنگ، جذبن جي محور ۾ ڦري ٿي. ڪافيءَ ۾ (شاعر) پنهنجي اندر جي اڌمن کي لفظن جو روپ ڏئي اظهار ڪري ٿو ته ڪڏنهن (گائڪيءَ) جي ڪاريگيريءَ سان (راڳ) جي آلاپ ۾ (سُرن کي) سوز سان آلاپي ٿو.
ڳائڻ جي سلسلي ۾ (ڪافي ڪلام) جو اصطلاح فقط سنڌ ۾ ئي رائج آهي ۽ آڳاٽن سنڌي نظمن جو يادگار آهي جيڪي (قافيا ۽ ڪلام) جي نالي سان سڏبا هُئا. اوائلي دئور جي ديني عقيدي (توحيدي) ۽ پوءِ جي (صوفي سلسلي) سبب (تعريف) واري مضمون جو رُخ، الله تعليٰ جي (ثنا) ۽ نبي ڪريم (صلعم) جي (صفت) ڏانهن ٿيو هو ۽ مولودن انهيءَ مضمون واريون ڪافيون چيون ۽ پوءِ صوفي دئور جي ذاڪرن انهيءَ مضمون وارين ڪافين کيمقبرن ۾ سماع جي محفلن ۾ ڳائڻ شروع ڪيو ته ٽئي طرف (تشبيب) واري مضمون جون ڪافيون پوءِ عام شادين ۽ ٻين محفلن ۾ ڳائجڻ لڳيون ۽ ڇيد ٿي ويون.
شاعريءَ جي صنف (ڪافي) جو اڀياس، جيڪڏنهن موسيقيءَ جي (تاڃي پيٽي) تي ڪبو ته، پوءِ ايئن چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته (ڪافي) آهي ئي (ڳائڻ لاءِ) نه ڪي لکي رکڻ لاءِ. ان ڪري ئي (ڪافي ۽ موسيقي) ٻئي هڪ ٻئي لاءَ لازم ۽ ملزوم آهن. ٻين مُلڪن ۾ رُڳو شعر لکيا ويندا آهن ۽ پوءِ موسيقار انهن کي ڳائڻ لاءِ (طرز جي ترتيب) ڏيندا آهن. پر سنڌ ۾ ڪافي لکت جي صورت ۾ اچڻ کان پوءِ، ان تي (راڳ ۽ تار هميشه ضروري سمجهيو ويو آهي. سنڌ جا صوفي شاعر پنهنجي ڪلام جون طرزون پاڻ ٺاهيندا هُئا جن کي پوءِ (راڳي فقير ۽ طالب فقير) ڳائيندا هُئا. شاه لطيف ڪافيءَ بدران (وائي) چئي آهي اهو ئي سبب آهي ته ڪي سنڌي ريسرچ اسڪالر) به وائيءَ کي به ڪافي سمجهن ٿا.
سنڌي ڪافيءَ جو (اکر اکر، لفظ لفظ، پد پد، ۽ هر هڪ اُچار)، موسيقيءَ جي اصول موجب آواز جي (لاهين چاڙهين) جي حساب سان لکيل هوندو آهي، ڪافيءَ جي (طرز) مضمون جي مفهوم جي بُنياد تي ٻڌل هوندي آهي ۽ هر طرف جا (آلاپ، ۽ ورلاپ) ، آواز ۽ انداز، لاهيون ۽ چاڙهيون، جُدا جُدا هونيون آهن. ڪنهن ڪافيءَ ۾ (مدح ۽ ثنا) ڪنهن ۾ (توحيد ۽ تصوف) ته ڪنهن ۾ (حوشق) جو بيان هوندو آهي. ڪنهن ۾ (سوز ۽ گداز، ڪنهن ۾ صدائون، التجائون، جوش،، عبديت ۽ الوهيت) هوندي آهي.
 
پارٽ پنجون
باب الاسلام (سنڌ) ۾ (توحيد ، تصوف) ۽ سُر ۽ سنگيت ! ۽ (سنڌ) تي هر حملا آور قوم جو ثقافتي، لساني ، مذهبي ۽ سياسي اثر (تواريخ جي ورقن جي اڀياس اُنهن لاءِ جيڪي نيوٽرل آهن، هڪ پاسي سوچ يا ذهنيت نٿا رکن ۽ بس (سچ ڇا آهي؟ اُهو پڙهڻ چاهين ٿا).
هڪ ڳاله ٿو ڪريان جو هاڻ سوال آهي سنڌ جو! نه تُنهنجو ! نه مُنهنجو !

باب الاسلام سنڌ جي اوائلي دئور يعني (توحيدي دين اسلام) جي دئور ۾ يعني 712ع وقت کان بغداد جي عباسي خليفن (شهزادن) ۽ تصوف (صوفي ازم) دئور کان پهرئين يعني تقريبن 860ع جي دئور ڱان اڳ (عرب ۽ سنڌي) ميلاپ جي مليل جُليل شاعرن جي شاعري (قافيا ۽ ڪلمه) يا (ڪافي ۽ ڪلام) ۾ جيڪي سُر ڳائي آلاپبا هُئا، انهن سُرن کي (مولود) چئبو هو . ان قسم جي شاعري ۽ ترنم جو مقصد (تعريف ۽ ثنا) بيان ڪرڻ هو، جنهن ۾ الله جل شانهُ ۽ رسول الله مُحمد عربي صلي الله عليه وسلم جي ساراه ڪري، ڪائنات جي حقيقي رمزن ۽ اعليٰ اخلاقي تعليم کي آئنو بڻائي مولود چئبا هُئا جيڪي سنڌ ۾ خوشين، شادين ۽ ڪچهرين جي موقعن تي چئبا هُئا.
سنڌ ۾ بغداد ۽ فارس (ايران) مان صوفي ازم (تصوف) منتقل ٿيڻ کان پوءِ حمد و ثنا واري شاعري (مولودن) جي جاءِصوفيت جي ذاڪرن حاصل ڪري ورتي جن کي وقت جي عباسي شهزادن (خليفن) جي پُٺ هُئي . صوفيت (صوفي ازم) جو سنڌ ۾ گهڻو فروغ، سومرن جي دئور ۾ ٿيو هو. جيئن ته (مُلتان) اُن وقت (سومرن دئور ۾) سنڌ جي گاديءَ هو ته سنڌ جي هي صنف (ڪافي نظم ۽ ڪافي ڳائڻ) اول مُلتان کان رائج ٿيو جتان پوءِ پنجاب ۽ هندستان جي ٻين ڀاڱن ۾ پُهتو هو.
جيئن ته اهو سنڌ ۾ صوفي ازم جو (اول سلسلو) مُلتان کان ئي شروع ٿيو هو ۽ سومرن جي دئور ۾ ئي گهڻي ڀاکي ترقيءَ تي پُهتو هو ته مُلتان جو غوث بهاوالدين زڪريا (1182ع کان 1262ع) تائين ۽ پاڪ پتڻ جو (بابا شيخ فريدالدين مسعود گنج شڪر (1188ع کان 1280ع) تائين، اُچ جو (سيد جلال سُرخ بُخاري) جيڪو (غوث صاحب جو معصر ۽ مريد پڻ هو)، شيخ عثمان قلندر شهباز (وفات 671 هجري بمطابق 1272ع ، ۽ شيخ حوسين اُن وقت سنڌ جا وڏا صوفي ولي ۽ درويش هُئا، جن جو سنڌ ۾ وڏو اثر هو ۽ جن تصوف (صوفي ازم) تي سنڌ جي عوام جي (اخلاق ۽ روحاني) تربيت ڪئي هُئي. اهي سڀ بُزرگ سومرن جي دئور ۾ ٿي گُذريا.
جيئن ته سومرن جي حاڪمن جي به ساڻن گهڻي عقيدت هوندي هُئي ته هنن بُزرگن جي (خانقاهن) خاص طرح (غوث صاحب ۽ بابا فريد شڪر گنج) جي درگاهن تان ذڪر جا سلاسلا شروع ٿيا. هن دئور ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ به (بيان جي صلاحيت) پيدا ٿي چُڪي هُئي اُنهيءَ ڪري سماع جا سلسلا، سنڌي زبان ۾ به آسانيءَ سان شروع ٿيا. هن دئور ۾ ئي (ڪافيءَ جي گائڪي) عوامي سطح تي ڏاڍي مقبول ٿي، جنهن کان پوءِ (سهروديا ۽ چشتيا سلسلي جا پوئلڳ پروان چڙهڻ لڳا ۽ پوءِ (سماع جي محفلن) جو رواج قائم ٿيو ۽ حمد و ثنا واري گائڪي (مولود) گهٽجڻ لڳا، ۽ ڪافي ڳائيدڙن کي پوءِ (ذاڪر) چوجڻ لڳو.
سنڌي ذاڪرن تڏنهن کان ئي پنهنجي مُلتاني مرشدن (بهاوالدين ذڪريا (1182ع کان 1262ع) ۽ بابا فريدالدين شڪر گنج (1188ع کان 1280ع) جي سماع وارين محفلن ۾ ڪافيون ڳايون. توريخي ورقن جي ان اڀياس ڪرڻ مان خبر پوي ٿي ته اهوئي سبب هو ته سنڌ ۾ پروان چڙهندڙ (صوفي ازم ( تصوف ) ۾ گهڻي ڀاڱي اڪثريتي جيڪو سنڌي هو (سرائڪي) اُن جي ٻولي هُئي ۽ ٻي هنڌ جتي (ذاڪر) بدران (مولوديت) هلي ٿي ،اُتي جي اڪثريت جو تعلق انهن خالص سنڌي ڳالهائڻ وارن ۾ هو۽ آهي جيڪي گهڻي ڀاڱي لاڙي سنڌي آهن يعني اڄ جي(اپر سنڌ) ۽ اڄ جي جنوبي پنجاب ۽ ڀروارن علائقن جا ماڻهون جن جي ماءُ ٻولي سرائڪي آهي. جڏنهن ته غير سرائڪي سنڌي اڄ به ذڪر بدران مولود چئي ٿو.
حاصل مطلب ته جن سومرن جي دئور ۾ تصوف ڳا پوئلڳ هُئا، سنڌ مُلتان (گاديءَ جي هنڌ) ۽ سرائڪي علائقن جي انهن بُزرگن جا مُريد جيڪي اڄ جي سنڌ ۾ هآڻي به آهن ته اُنهن جو تعلق به اڪثريت جو انگ اکر به اُتر ۽ اوله طرف (سيوهڻ ، دادو ۽ لاڙڪاڻي) ۾ گهڻا هُئا. ته ذاڪرين جي ڪافي به هندستان مان ٿيندي سڀ کان پهرئين هندستان پُهتي هُئي ۽ سنڌ جي لاڙي علائقن ۾ جيڪا ڪافي چئي ويندي هُئي ، اُن کي شاه عبدالطيف ڀٽائي (وائي) چئي ٿو ۽ (لاڙي وائيءَ) ۾ باب السلام سنڌ جياوالي دئور ( تُوحيدي دئور) واري چئجڻ واري ڪافي(وائي) گهڻي ڀاڱي (حمد و ثنا) جو اظهار ٿيل آهي.
تواريخي ورقن جي اڀياس مان خبر پئي پَئِي ته بابا فريد گنج بخش پنهنجي مُرشد (بختيار ڪاڪيءَ) جي چوڻ تي هندستان ويو هو ۽ پوءِ سندس مريدن يعني (ذاڪرن) جو به هندستان اچڻ وڃڻ شروع ٿيڻ لڳو، جتي سماع جون محفلون مچائي سنڌي سرائڪي ڪافيون ڳايون وينديون . انهن مُريدن ۾ (حُسين سنڌيءَ) جو نالو اهم آهي. سندس سان (شيخ نظام الدين اولياءَ) تي وجد طاري ٿي ويندو هو.
 
پارٽ ڇهون
باب الاسلام (سنڌ) ۾ (توحيد ، تصوف) ۽ سُر ۽ سنگيت ! ۽ (سنڌ) تي هر حملا آور قوم جو ثقافتي، لساني ، مذهبي ۽ سياسي اثر (تواريخ جي ورقن جي اڀياس اُنهن لاءِ جيڪي نيوٽرل آهن، هڪ پاسي سوچ يا ذهنيت نٿا رکن ۽ بس (سچ ڇا آهي؟ اُهو پڙهڻ چاهين ٿا).
هڪ ڳاله ٿو ڪريان جو هاڻ سوال آهي سنڌ جو! نه تُنهنجو ! نه مُنهنجو !

جيئن ته اسان مٿي تواريخ جا ڪي ورق اٿلائي پڙهي آيا آهيون ته ڪافيءَ (وائيءَ) جي وصف باب الاسلام سنڌ ۾ ٽن قسمن جي ڪيل آهي
1. ڪافي (وائي) اوائلي (عرب سنڌي) دئور جي جن کي (مولود) پڙهندا هُئا ۽ اُها (حمد و ثنا) تي ٻڌل هُئي.
2. اها ڪافي ءَ جي ٻي وصف بغداد ۽ فارس کان سنڌ پُهتي ، جنهن ۾ (سُر ۽ سنگيت) ڳنڍيو ويو ۽ جنهن کي صوفي ازم (تصوف) جي پوئلڳن (سرائڪي ذاڪرن) ڳايو۽ سومرن جي دئور ۾ سنڌ جي گاديءَ جي هنڌ مُلتان کان گهڻو مشهور ٿي پنجاب جي ٻين ڀاڱن ۽ پوءِ هندستان پُهتي ۽ گهڻي ڀاڱي سرائڪي ماءُ ٻوليءَ وارا سنڌي (بزرگن جي مقبرن ۽ خانگاهن تي ڳائڻ لڳا.
3. ٽيين وصف (تشبيب) واري مضمونن تي ڳائي ويندي آهي جيڪا اڄ ڪله توهان گهڻي ڀاڱي سنڌي ٽيليويزن چئنلن تي نئين ٽهيءَ کي ڳائيندي ٻُڌندا رهو ٿا جنهن ۾ مجازي رنگ، پريئنءَ جي حُسن ۽ مُحبت جي بيان جا مضمون شامل آهن ۽ اهڙيون ڪافيون چئنلن کان علاوه عوامي محفلن ۽ اڳ حاڪمن کي خوش ڪرڻ لاءِ شاهي درٻار ۾ پيش ڪيون وينديون هُيون.

سنڌ ۾ جڏنهن (بغدادي ۽ ايراني ذاڪرن) طرفان (صوفي ازم تصوف) دئور ۾(ڪافي ڪلام) ڳائڻ جو سلسلو سماع جي محفلن جو مُکيه جُز بڻيو ته اها روايت (بهاوالدين ذڪريا) جي وفات کان پوءِ سندس خليفن ۽ معتقدن وٽ قائم رهي. جن ۾ سندس ناٺي ۽ خليفي (حميد الدين حاڪم) جي اولاد مان (شيخ عبدالجليل) ٿيو، جنهنجو تحريري ثبوت موجود آهي ته اندازن(1490ع کان 1540ع) تائين واري عرصي ۾ سنڌ ۾ (سرائڪي ماءُ ٻولي) ڳالهائيندڙ سنڌ جي ذاڪرن لاهور ۾ شيخ عبدالجليل (وفات 1504ع) ۽ ڱائنس پوءِ سندس ڀائٽئي (شيخ علي بري) جي سماع جي محفلن کي (سنڌي ڏوهيڙي ۽ ڪافين) سان گرمايو.

بهاءُ الدين ذڪريا جا مُريد (لاڙ ۽ ٿر) جي پاسي ۾ ۽ سومرا خاندان جا ڪي حڪمران پڻ سندس مُريديءَ ۾ داخل هُئا. جڏنهن سن 1520ع ۾ (شاه بيگ ارغون) سما گهراڻي جي آخري واليءَ سنڌ (ڄام فيروز) کي ۽ سنڌ جي حڪومت هٿ ڪئي ته پوءِ هنن ارغونن، سنڌ ۾ قتل عام جو رڻ ٻاري ڏنو، طاقت جي نشي ۾ سنڌ جي ماڻهن کي (حقير ۽ اڻ سُڌريل) سمجهڻ لڳا، جنهن سان نه رُڳو عام ماڻهون مُتاثر ٿيو پر (صوفين ۽ بُزرگن) کي به ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پيا.، جنهن جو نه وسرندڙ مثال (مخدوم بلاول) جي شهادت وارو واقعو آهي. جنهن کي ارغونن گهاڻي ۾ پيڙهائي شهيد ڪرائي ڇڏيو. نتيجي ۾ سنڌ جي ڪيترن صوفي بُزرگن کي هندستان جو شهر برهانپور وسائڻو پيو ۽ تي ئي وڃي سماع جون محفلون مچايون. انهن ۾ سنڌ جي شهر (پاٽ شريف) جي بزرگن جا نالا اهم آهن. شيخ لاڏيجو سنڌي (1523ع کان 1598ع) انهن برگزيده خاندانن مان هڪ هو.

شيخ لاڏيجو سنڌيءَ هند جي سرزمين تي ڪافيءَ جو بُنياد (بابا فريدالدين، سنڌي ذاڪرن سان گڏجي پنهنجي مُرشد بختيار ڪاڪي ۽ خواجا معين الدين چشتيءَ جي سماع وارين محفلن ۾ وڌو هو. هو سنڌي ڪافيون اهڙي ته درد ۽ سوز سان چوندو هو جو نه فقط پاڻ مست ٿي ويندو هو پر ٻُڌندڙ پڻ محو ۽ سُرها ٿي ويندا هُئا.

ساڳئي ئي دئور ۾ (مير معصوم بکري) جيڪو اصل سکر جو هو ۽ پوءِ اڪبر بادشاه پاران سندس دئور حڪومت ۾ (اصفهان) جو سفير مقرر ۽ سندس وڏو ڀاءُ (مير محمد فاضل) جيڪو نه صرف سنڌي راڳ جو ڄاڻو
 

  1. پارٽ ستون
    باب الاسلام (سنڌ) ۾ (توحيد ، تصوف) ۽ سُر ۽ سنگيت ! ۽ (سنڌ) تي هر حملا آور قوم جو ثقافتي، لساني ، مذهبي ۽ سياسي اثر (تواريخ جي ورقن جي اڀياس اُنهن لاءِ... جيڪي نيوٽرل آهن، هڪ پاسي سوچ يا ذهنيت نٿا رکن ۽ بس (سچ ڇا آهي؟ اُهو پڙهڻ چاهين ٿا).
    هڪ ڳاله ٿو ڪريان جو هاڻ سوال آهي سنڌ جو! نه تُنهنجو ! نه مُنهنجو !

    مير مُحمد فاضل جيڪو سنڌي راڳ جو گهڻو ڄاڻون ۽ ڳائڻ ۾ به مهارت رکندو هو، تنهن ٻئي صفت واري صوفي ڪافيءَ (سُر، سنگيت ۽ شاعري) کي آگري ۽ دهليءَ تائن پُهچائي مشهور ڪيو سندس مقبوليت جو ڪارڻ سندس مغليه درٻار جي (گوين) سان ويجهڙائپ هُئي. ان کان علاوه (اڪبر بادشاه) جو نورتن راجا بيربر (راجا بيربل) کي به ڳائڻ تي وڏو ملڪو هو تنهن به ڪافي ڳائڻ جو فن (ابوالفضل) کان سکيو هو. اڪبر بادشاه خود به گائڪيءَ جي نون مختلف قسمن کي ٻُڌڻ جو اشتياق هوندو هو. ۽ ابوالفضل اچي هن صوفي ڪافيءَ جي نئين ڳائڪي ڪئي.

    آئين اڪبريءَ ۾ لکيل آهي ته دکن ۽ جولها ۾ (ڇنڊ) بنگال ۾ بنگلا، ڪرناٽڪ طرف ڌرو، دهليءَ ۾ قول ۽ ترانو، مٿرا ۾ بشن پد، جونپور ۾ چٽڪلو، گُجرات ۾ جڪري ۽ جو سنڌ ۾ ڳائيندا آهن، جنهن ۾ مهر، محبت جون ڳالهيون هونديون آهن سا تشبيب ڪافي سڏبي آهي.

    سنڌي (صوفي ڪافي) جيڪا (سنڌي سنگيت ۾ گائڪيءَ) جي مقبول صنف رهي آهي. هن کي پهرئين دئور ۾ (شام چوراسي گهراڻي) جي گوين مان (استاد علي خان ۽ نزاڪت علي خان) بابا فريد جي ڪافين کي ٺمريءَ جي قالب ۾ گهڙي ڳايو، ته (گواليار گهراڻي) جي گوين، ڪافيءَ کي ڪلاسيڪي انداز ۾ڳائڻ واري روايت جو ٻُنياد وڌو، ۽ سنڌ جي صوفي ڪافيءَ کي (خيال جي گائڪيءَ) جي اثر هيٺ پيش ڪيو، جن ۾ (گامڻ خان، مُراد علي، بيبو خان، جمالو خان، عاشق علي خان، منظور علي خان، هادي بخش ميمڻ، ارباب خان کوسي، الله ڏني نوناري، لعل خان، هوشو شيدي بُلڙيءَ وارو، رسول بخش ڪلهوڙي ۽ يوسف کٽيءَ) جا نالا اهم آهن.

    سنڌ ۾ (محمد يوسف، محمد جُمن ۽ وحيد عليءَ) صوفي ڪافين کي اهڙي انداز ۾ پيش ڪيو جو سنڌ جي نئين ٽهيءَ جي راڳين پڻ سندن ڳائڻ واري واٽ ورتي. سو اڄ به سنڌ جي عوامي ڳائڪيءَ ۾ اهو انداز ملي ٿو ۽ اهي ئي اُهڃاڻ صوفي بزرگن جي درگاهن تي ملن ٿا. جن فنڪارن اهڙي عوامي ڪافي ڳائي مقبوليت ماڻي اُنهن ۾ (عابده پروين، فقير عبدالغفور، علڻ فقير، سهراب فقير، فقير غلام حيدر ۽ محمد عالم (ٻئي ڀائُر درگاه فتح پور جا طالب هُئا) اهم نالا آهن.

    جيئن ته تواريخ جي ورق اُٿلاڻ پُٿلائي ڏسڻ ۽ پڙهڻ سان خبر پئي ٿي ته ڪافيءَ کي عربي شاعريءَ (قافيا ۽ ڪلمه) تان ورو ويو آهي ۽ اُن جا اهڃاڻ 712ع کان پوءِ سنڌ ۾ عربن جي دئور کان ملن ٿا ، اوالي دئور ۾ جيئن ته سنڌ ۾ (توحيدي ديني دئور) هو تنهن وقت ڪافيءَ ۾ صرف ۽ صرف (حمد و ثنا) يعني الله ۽ الله جي رسول (صلعم) جي شان کي سُر سام (مولود) پڙهندا هُئا ۽ اهو تڏنهن ختم ٿي ويو جڏنهن عباسين ۽ ايرانن جو سنڌ ۾ اثر وڌيو.

    تواريخ جا اهي ئي ورق اُٿلائڻ پُٿلائڻ کان پوءَ پروڙ پئجي ٿي ته عباسي دئور ۽ ايراني اثر تحت ، صوفي ڪافي جو وجود آيو، جنهن کي (مولودن) بدران (ذاڪرن) ڳائڻ شروع ڪيو ۽ (حمد و ثنا) جي جڳه هندو سنڌين (مندرن ۾) ۽ مسلم سنڌين (خانگاهن ۽ مقبرن ۾) ڳائڻ شروع ڪيو هو ۽ شروعات مُلتان مان بهاو الدين ذڪريا(1182ع کان 1262ع) ۽ بابا فريدالدين شڪر گنج 1188ع کان 1280ع) جي سماع وارين محفلن ۾ ٿيڻ لڳي، ۽ ڦوه جواني۽ ۾ هندستان کان شيخ لاڏيجو سنڌيءَ (1523ع کان 1598ع تائين) رسايو جنهن کي صوفي ڪافي يعني (سُر سنگيت ۽ شاعريءَ) جي ميلاپ واري ڪافي چئبو آهي. جڏنهن ته عرب سنڌ جي اوائلي دئور ۽ ميلپ واري ڪافي (مولود) جنهن ۾ رُڳو (حمد و ثنا) هوندي هُئي ۽ سنگيت کان پاڪ هوندي هُئي . ۽ پوءِ (تشبيب ڪافيءَ) جو وجود پيون جنهن ۾ به (سُر، سنگيت ۽ شاعري) آهي اُها صوفي بزرگن جي (خانگاهن ۽ مقبرن) کان نڪري عوامي محفلن جي زينت بڻجي وئي جنهن ۾ عاشقي ۽ معشوقي يعني پريئن جي (حُسن، عشق و محبت) جي بيان جا مضمون سمايل هُئا مقبوليت وٺڻ لڳي ۽ اڄٿوامي محفلن کان علاوه (ٽيليويزن ۽ فلمي دُنيا) جو حصو بڻجي وئي.
 
پارٽ اٺون
باب الاسلام (سنڌ) ۾ (توحيد ، تصوف) ۽ سُر ۽ سنگيت ! ۽ (سنڌ) تي هر حملا آور قوم جو ثقافتي، لساني ، مذهبي ۽ سياسي اثر (تواريخ جي ورقن جي اڀياس اُنهن لاءِ... جيڪي نيوٽرل آهن، هڪ پاسي سوچ يا ذهنيت نٿا رکن ۽ بس (سچ ڇا آهي؟ اُهو پڙهڻ چاهين ٿا).
هڪ ڳاله ٿو ڪريان جو هاڻ سوال آهي سنڌ جو! نه تُنهنجو ! نه مُنهنجو !

علم موسيقيءَ موجب (سُرن جي لاه چاڙه) جي هڪ مقرر ڪيل (ماڻ) کي (راڳ) چئبو آهي. هر راڳ ڪن (مخصوص سُرن) تي ٻڌل هوندو آهي ۽ راڳ جي هر سُر جو تعلق ماڻهونءَ جي (داخلي توڙي خارجي) ڪيفيتن سان هوندو آهي. جڏنهن ڪو به راڳ ٻُڌي ٿو ته (راڳ جي سُرنڌندڙن مٿان طاري ٿي وڃي ٿي. ڪي اهڙا سُر آهن جن جي ٻُڌڻ سان طبيعت ۾ (خوشيءَ جي ڪيفيت) پئدا ٿئي ٿي ته ڪي اهڙا به سُر آهن، جن جيٻُڌڻ سان (غم جي ڪيفيت) طاري ٿي ويندي آهي.
راڳ ڪڏنهن جنم ورتو؟ ڪهڙيءَ ريت ارتقا جون منزلون طع ڪيون؟ اهو به تحقيق طلب موضوع آهي. پر جي راڳن جي نالن تي غور ڪجي ٿو ته خبر پوي ٿي ته ڪي راڳ (قومن ۽ سند قبيلن جي نالن سا، ڪي ڪنهن خطي يا علائقي سان، ڪي ڪنهن مخصوص ڌُن، ۽ ڪي ڪنهن خاص شخصيت) جي نالن سان ملن ٿا.
جيئن درواڙي قومن ۽ قبيلن جي لحاظ کان (دراڙوي راڳ) گُجي قبيلي جو (راڳ گُجري)، مُکياري قبيلي جو راڳ (مُکياري) ، پلا قبيلي جو راڳ (پيلو)، يا خطي ۽ علائقي جي حوالي سان يمن مُلڪ جو (راڳ يمن) سنڌ مُلڪ مان (راڳ سنڌوي)، صوبي برار جو راڳ (براري)، مُلتان صوبي جو (راڳ مُلتاني)، کنڀات جو (راڳ کنڀاوتي)، ڪلياڻي شهر جو (راڳ ڪلياڻ) ته مخصوص (ڌُن) مان (راڳ ساڪا)، انڌڌرا قبيلي جي ڌُن مان (راڳ اڀيري)، ساڪا قبيلي جي ڌُن مان (راڳ ساڪا)، انڌرا قبيلي جي ڌُن مان (راڳ انڌرا) ۽ خاص شخصيتن جي نالي سان جيڪي راڳ ملن ٿا اُنهن ۾ بلاس خان جي نالي سان (بلاس خان ٽوڙي، ميران ٻائي جي نالي سان ميران ٻائيءَ جو (راڳ ملهار)، سُهڻي جي نالي سان (راڳ سُهڻي)، بابا سُرداس جي نالي سان (راڳ سُرداسي ملهار) وغيره.
جي نالن جي بُنياد تي (راڳ جي جنم) کي تسليم ڪجي ته اهو نتيجو اخذ ڪري سگهجي ٿو ته مٿي ڄاڻايل پاسا ئي (راڳ جي جنم جا بُنيادي مُحرڪ) هُئا. جي (شاستر يا سنگيت) جي بُنياد تي راڳ جي جنم جو اڀياس ڪبو ته، مٿي ڄاڻايل مُحرڪ، رد ڪري اهو مڃڻو پوندو ته راڳن جا موجد (آرين جا ديوتا) آهن پر راڳ جو آريائي نظريو، (علمي) ڄاڻ بدران (ڌرمي) روايتن تي ٻڌل آهي، جنهن کي (پنڊتن، پاٺڪن ۽ سندن گروئن) پڪي ڪرڻ لاءِ اهڙي قسم جي روايتن کي جنم ڏنو، جيئن پنهنجي برتريءَ کي ثابت ڪري سگهن.
پر تواريخي ورق اٿلائڻ پُٿلائڻ ، پڙهڻ ۽ سمجهڻ کان کان پوءِ حقيقت لڳي ٿي ته (آرين) مقامي ثقافتن کي ائين جذب ڪيو آهي جو مقامي ثقافت، سُڃاڻڻ کان ٻاهر ٿي وئي ۽ انهن تي آريائي رنگ چڙهايو ويو. پر تنهن هوندي به انهن آريائي رنگ چڙهيل راڳن ۾ مقامي تهذيب ۽ ثقافت، سندن رهڻي ڪهڻي جا چٽا نشان نظر اچن ٿا، ڀلي اُنهن کي آريائي ذهن هڪ نئي صورت ڏئي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
جهڙوڪ جي سندن (شاسترن) جي اڀياس ڪبي ته خبر پوي ٿي ته انهن جو آريائي سماج سان ڪوبه تعلق ڪونهين، آرين ته ايتري قدر جو سنڌ جي مشهور راڳ (ڪافيءَ) کي به پنهنجو ورثو ڏيکاري (ڀير مت) ڏانهن منصوب ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي آهي. ڪافيءَ کي (ڪانڙي ۽ سمپورڻ ڀيروي مان (گنيش مت) ايجاد ڪري ڄاڻايو آهي جڏنهن ته سندن راڳ مالها ۾ ڪو به اهڙو راڳ ڪونهين جنهن جو پهريون اکر (ف) سان هُجي، ڇو ته سندن ٻوليءَ ۾ (ف) جو اکر يا آواز موجود ئي ناهي.
 
پارٽ نائون
باب الاسلام (سنڌ) ۾ (توحيد ، تصوف) ۽ سُر ۽ سنگيت ! ۽ (سنڌ) تي هر حملا آور قوم جو ثقافتي، لساني ، مذهبي ۽ سياسي اثر (تواريخ جي ورقن جي اڀياس اُنهن لاءِ... جيڪي نيوٽرل آهن، هڪ پاسي سوچ يا ذهنيت نٿا رکن ۽ بس (سچ ڇا آهي؟ اُهو پڙهڻ چاهين ٿا).

ڪيترن ئي موسيقيءَ جي ماهرن ڪافيءَ کي (امير خسري) سان وابسطا ڪري کيس راڳ جو موجد قرار ڏئي ڇڏيو پر تواريخي ماخذن ۾ هن وقت تائين جيڪي راڳ جا ماخذ ملن ٿا اُنهن ۾ ڪا به اهڙي شاهدي نٿي ملي ته (امير خسرو) ڪو ڪافي ۽ راڄ جو موجد هو. جيڪي راڳ امير خسري سان منسوب آهن تن لاءِ انهن راڳن جي فهرست ڏيندڙ (رشيد ملڪ) چوي ٿو ته سندس راڳن جو تعداد پنڌرهن آهي پر ان سان منسوب ٿيندڙ راڳن جو تعداد سورهن آهي.
۽ اهي راڳ ٻن حصن ۾ ورهايل آهن. (هڪڙا) اُهي جيڪي هن وقت موسيقيءَ ۾ مروج آهن جن ۾ (حجاز، زنگولا، اَيمن يا ايمن ڪلياڻ، سرپرده، زيلف، غارا، سازگيري) ۽ (ٻيا) اُهي جيڪي هن وقت موسيقيءَ ۾ رائج ناهن جهڙوڪ (فردوست، عشاق، مجير، موافق، شهناز، غنم، صنم، فرغانه، باغرو) وغيره.
جيئن ته امير خسرو پڻ (چشتيا سلسلي) جو پوئلڳ هو ۽ لڳ ڀڳ پنج سال مُلتان ۾ رهيو هو، جتي سماع جي محفلن ۾ شريڪ ٿيندو هو ۽ هو اُتي ئي سنڌ جي (ڪافي ۽ راڳ) جي گائڪيءَ کان واقف ٿيو هو.
مٿس انهيءَ (سوز ۽ سنگيت ج)و ايترو اثر ٿيڻ لڳو هو جو هو پاڻ به (ڪافي ۽ راڳ) تي طبع آزمائي ڪرڻ لڳو. هڪ روايت موجب پاڻ (نائڪ گوپال) کي شهه ڏيڻ لاءِ (ڪافي راڳ) پيش ڪيو هو ان ڪري جو اُن وقت( هند جا گويا) اڃان (ڪافي ۽ راڳ) کان واقف نه ٿيا هُئا.
ڪافي ۽ راڳ جا موجد ملتان جا (سنڌي ذاڪر) هُئا جن بغداد ۽ ايران کان ايندڙ صوفي ازم (صوفيت) ۽ صوفين جي (خانگاهن ۽ مقبرن) ۾ سماع جون محفلون جوڙي (سوز، سنگيت ۽ شاعري) جي ميلاپ واري (ڪافي ۽ راڳ) ڳايو جيڪو اڳتي هلي ننڍي کنڊ جي (گرنٿن ۽ تارخي ماخذن) ۾ شامل ٿي ويو هو.
غوث مانڊوي پنهنجي ڪتاب (گلزار ابرار) ۾ لکي ٿو ته ڪافي سنڌ جي مقبول راڳن مان هڪ راڳ آهي جنهن مقبوليت ماڻي ۽ ان راڳ کي (ٺاٺ) جو درجو ڏنو ويو. پر سنڌ ۾ هن وقت تائين ڪو به اهڙو (راڳ جو جامع ڪتاب) ملي ناهي سگهيو جنهن ۾ سنڌ جي (نج راڳن) جا احوال قلمبند ٿيل هُجن. سبب اهو ته(اِهي راڳ) اڃان تائين سنڌ جي (عوامي ۽ لوڪ گائڪي) جي راڳين جي سيني ۾ سانڍيل آهن.
ويجهڙائيءَ واري وقت ۾ (ڪافي ۽ راڳ) تي جيڪي مضمون ۽ مقالا لکيا ويا آهن، اُهي پڻ (هندي گرنٿن) مان ورتا ويا آهن، ڇو جو (اڪبر بادشاه) جي زماني تائين اهي راڳ، لکت جي صورت ۾ محفوظ ٿي چُڪا هُئا، جنهن جا اهڃاڻ، اُن وقت جي (گرنٿن) ۾ ملن ٿا.
ڪافي ۽ راڳ کي ظاهر ڪرڻ لاءِ (هو الاڙي ميان) جا ٻول (اترانگ کان پوري انگ) تائين (سا، ني، ڌا، پا، ما، گا، را، گا، پا، ما، گا، ر، سا) جي (سُرن) ۾ پورو ڪري آلاپبو ته جيڪا سادي شڪل ٿي پوندي اُها آهي
هو ا لا ڙ ي م يان
سا ني ڌاپا ما گارگاپاما گارسا
شاستريه سنگيت ۾ هن راڳ کي (ٺاٺ) جو درجو پڻ ڏنل آهي
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
پارٽ ڏهون (آخري)
باب الاسلام (سنڌ) ۾ (توحيد ، تصوف) ۽ سُر ۽ سنگيت ! ۽ (سنڌ) تي هر حملا آور قوم جو ثقافتي، لساني ، مذهبي ۽ سياسي اثر (تواريخ جي ورقن جي اڀياس اُنهن لاءِ... جيڪي نيوٽرل آهن، هڪ پاسي سوچ يا ذهنيت نٿا رکن ۽ بس (سچ ڇا آهي؟ اُهو پڙهڻ چاهين ٿا).

مرزا غالب صوفي ڪونه هو پر هن به سلسليوار هلندڙ اصول تحت ان وقت جا صوفي ازم (صوفيت) تي مُبني ڳالهيون ، حققتون، ۽ ڪلام، راڳ جا ڪتاب پڙهيا هُئا ان ڪري زماني جي دستور موجب سندس ڪلامن ۾ به تصوف جو رنگ ملي ٿو. بقول (حالي) کيس انهي صوفيت مبني خيالن ۾ (مرزا غالب) کي نه صرف پنهنجي هم عصر، پر ٻارهين ۽ تيرهين صديءَ جي تمام شاعرن ۾ ممتاز بڻائي ڇڏيو. ڇو جو سندس شاعريءَ ۾ الله جي وحدانيتن جنت ۽ دوزخ ۽ حورن جو ذڪر به ملي ٿو. سندس (تصور خدا)، به افلاطون جي (تصور خدا) جي ويجهو رهيو آهي.
شاعريءَ ۾ مرزا غالب ڪنهنجو به شاگرد نه هو هو نجوم ۽ تصوف سترص رکندو هو، ڳاله سان ڳاله گهڙڻ جي هُنر جو ماهر هو، هو هڪ فلسفي شاعر هو ۽ سندس ذهانيت جا مختلف پاسا هُئا. سندس شاعريءَ ۾ جتي محبوب جو ذڪر آهي اُتي رقيب به آهي ته خدا جي وحدانيت جو ذڪر به ملندو. مرزا کي فارسي شاعريءَ سان ايترو ته لڳاءُ هو جو هُن جي هميشه خواهش هُئي ته هو هن جي شاعرانه قابليت جو اندازو سندس فارسي شاعريءَ مان لڳايو وڃي.
اسلام کان پهرئين به عربن ۾ (شعر ۽ نثر) موجود هو. شاعريءَ سان گڏ، نثر ۾ هنن جا (ڪاهنن) تي قول ته موجود هُئا پر اُهي بي اثرائتا هُئا تعقل ۽ تدبر کان بلڪل عاري هُئا پر جڏنهن (قرآن شريف) سامهون آيو ته سڀ حيران ٿي ويا ته ان کي ادب جي ڪهڙي (صنف) ۾ وجهجي. ناقابل انڪار تاثير جو خيال ڪندا هُئا ته اُن کي (شعر ۽ سحر) جي خاني ۾ رکي ڇڏيندا هُئا. حالنه (قرآن پاڪ) جي آيتن جو (شعر ۽ سحر) واسطو ئي ڪون هو. نثر جي ظاهري شڪل تي نظر وجهندا هُئا ته (قول قاهن) کان علاوه سند عقل ۾ ٻي ڳالهه پئدا ئي ڪانه ٿيندي هُئي. جتي گهري معنيٰ ۽ مطلب سامهون ايندا هُئا ۽ جڏنهن سندند هُئي ته هو اُن کي (اساطير الولين) يعني (پهرين ماڻن جون آکاڻيون) چئي جان ڇڏائيندا هُئا.
پر اها قرآن شريف جي بُلندي ئي هُئي ته جنهن پهريون ڀيرو حضرت انسان کي (غور ۽ فڪر) ڪرڻ تي راغب ڪيو هو، کين (ڪائنات) جي مشاهدي تي همٿايو هو، زندگيءَ جو مقصد سمجهايو هو، اخلاق ۽ انساني قدرن کي اُڀاريو هو جنهن جي ڪري حضرت انسان (برضا و رعبط) پنهنجي (ارادن ۽ پنهنجي اعمالن) جون حدون قبول ڪرڻ تي آماده ٿي ويو ۽ اهو (شعور ۽ رُجهان) جيڪو (قُرآن پاڪ) پئدا ڪيو هو ۽ جيڪو جدت، بلڪه (انقلاب آفرينيءَ) جي جان آهي اُن کي پيش ڪرڻ ۽ مخاطب جي (دل و دماغ) ۾ لاهڻ جو وسيلو بڻيو. قرآن ۾ نه ته (سحر) آهي، نه (بحر) نه ئي (وزن) ، نه (قافيو) نه (رديف) ۽ هو (قول ڪاهن) جي وزن کان به آزاد آهي.
قرآن جو (قالب) نثر جو آهي، جيڪو ننڍن نڍن (پرسائيزڊ جملن) تي مشتمل آهي، اهڙا (نثري جُملا) جيڪي پاڻ ۾ ملائي پڙهڻ وقت (نغمه ۽ صوت) جي لحاظ کان هڪ ٻئي جي نظير معلوم ٿين ٿا. اسلام جيڪي (ثقافتي ۽ معاشرتي) اقدار زماني کي ڏنا، انهن کان مرعوب ۽ متاثر ٿي، اُهي عرب شاعرجيڪي (زلف گره گير، نگه نيم باز، خنجر و آبرو، لب و رخسار، حسن ۽ عشق) جي چرچن ڪري مشهور هُئا، سي پوءِ (حمد باري تعاليٰ، منقبت رسول صلي الله عليه وسلم، اخلاق جو فضيلتون، حڪايتون، سُلوڪ ۽ معرفت) جهڙن موضوعن تي طبع آزمائي ڪرڻ لڳا، جنهنجي آخري صورت اسان کي (با ب الاسلام سنڌ) ۾ 712ع کان عباسين جي چوٿئين خليفي معتصم با الله تائين ڏسڻ ۾ آيا ۽ مولودن جي صورت ۾ (حمد و ثنا جي صورت ۾ مليا. جيڪي پوءِ معتسم با الله، ميرن، نادر شاه ۽ سومرن جي ادوارن ۾ صوفي ڪافي، (سور سنگيت ۽ شاعري) ۽ تشبيب ڪافي يعني (عاشق، معشوق، حسن) واري رواجي تشبيب ڪافي۽ ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. جنهن جو گهڻي ڀاڱي ڦهلاءُ به )سرائڪي ماءُ ٻولي) ڳالهائيندڙ سنڌين ۾ ملي ٿو.
تحير، تحقيق ۽ اڀياس لاءِ مدد وٺڻ جا ڪتابي حوالا :
1.معارف النغمات (محمد نواب علي خان)
2. سنڌي ادب جي تواريخ (ميمڻ عبالمجيد سنڌي)
3. آئين اڪبري (ابو الفضل)
4. سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ ( ڊاڪٽر بني بخش بلوچ)
5. سنڌي موسيقيءَ جي روايت ۽ شاه جي رسالي جا سُر (آغا سليم)
6. سنڌي موسيقيءَ جي اوسر (ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ)
7. حضرت امير خسرو ڪا علم موسيقي (ملڪ رشيد)
9. سنڌي ادب جي تاريخ (ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ)
10. تاريخ زبان و ادب (پرفيسر انجم جميل احمد)
11. عالب سي عالم ارواح ۾ ايڪ مڪالما (ڊاڪٽر عبدالستار نيازي)
12. تفسير ماجدي (مولانا عبدالماجد دريا آبادي)
13. جوش شرح ديوان غالب (ملسياني)
 
Back
Top