هيلن ڪيلر

'مختلف موضوع' فورم ۾ منظور احمد ڪلوئي طرفان آندل موضوعَ ‏20 مارچ 2016۔

  1. منظور احمد ڪلوئي

    منظور احمد ڪلوئي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2016
    تحريرون:
    27
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    پرائويٽ استاد نيو غزالي گرامر پبلڪ اسڪول پيارو
    ماڳ:
    تعلقو ۽ ضلعو دادو پوسٽ آفس پيارو اسٽيشن
    هيلن ڪيلر آمريڪا جي هڪ ننڍڙي شهر ۾ 1880ع ۾ پيدا ٿي.
    ٻن سالن جي عمر تائين هو هڪ عام ٻار وانگر هئي. هوء هر شيء ڏسي ۽ ٻڌي سگهي پئي، فيبروي 1882ع ۾ ننڍڙي هيلن ڪيلر سخت بيمارٿي پئي، سڀني کي هن لاء ڏک محسوس ٿيو ڇاڪاڻ ته هو انڌي ۽ ٻوڙي ٿي چڪي هئي. هن جا وادين ڏاڍا غمگين نظر اچڻ لڳا.هر ماڻهو غمگين هو ۽ ننڍڙي ٻارڙي پريشان محسوس پئي ٿي.
    جڏهن هوء ستن سالن جي ٿي ته هن جي زندگي اوچتو تبديل ٿي ويئي، هيلن ڪيلر جي والد هڪ عورت مس سليوان کي پنهنجي انڌي ٻارڙي جي سنڀال لاء چيو. مس سليوان جڏهن ٻار هئي ته پاڻ به انڌي ٿي پيئي هئي پر ان کانپوء سندس نظر واپس ملي. الله تعالي مٿس جيڪا مهرباني ڪئي ان جو شڪريو ادا ڪرڻ لاء هو ٻين انڌن ماڻهن کي خوش ۽ مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي هئي.
    هن هيلن ڪيلر کي سيکارڻ شروع ڪيو، هڪ ڏيهن هوء هيلن کي درياء جي ڪناري تي وٺي وئي ۽ هن جو هٿ پاڻي ۾ وڌو پوء هن آهستي آهستي واريء تي لفظ پاڻي لکيو.هن هيلن کان اهو عمل ڪيترائي دفعا ڪرايو ۽ اهڙي ريت هيلن سکيو ته لفظ پاڻي ڪيئن اچارجي. هوء تمام گهڻو خوش ٿي ڇاڪاڻ ته هن سمجهيو ته سندس انڌيري دنيا ۾ روشني ايندي.
    ڪم تمام گهڻو ڏکيو ۽ سست هو پر مس سليوان تمام گهڻي مهربان ۽ صابر هئي. آهستي آهستي هن هيلن کي جبلن ۽ درياهن ۽ تاريخ ۽ جاگرافي بابت سيکاريو. ايتري قدر جو هن هن کي ڳڻڻ ۽ حساب به سيکاريا.
    جڏهن هوء اٺن سالن جي ٿي ته هن کي انڌن ٻارن جي اسڪول موڪليو ويو. هن کان وسري ويو ته ڪيئن ڳالهائجي پر هن جي استاد مدد ڪئي. هوء هيلن جو هٿ پنهنجي چپن جي مٿان رکندي هئي ۽ هن کي چپن جي چرپر ڳالهائڻ وقت محسوس ڪرائيندي هئي. هيلن اهڙيون ڪافي مشقون ڪيون ۽ آخرڪار ڏهن سالن جي عمر ۾ هوء وري ڳالهائڻ جي قابل ٿي ويئي. ”ڪيڏو نه مزو آهي“ هن حيرت جو اظهار ڪيو. آهستي آهستي هن ڪتاب پڙهڻ سکيا. اهي ڪتاب اکرن جي بدران اڀريل نقطن سان ڇپيل هئا ۽ هوء انهن کي آڱرين جي ڇهڻ سان پڙهندي هئي. اهڙي طرح هو ء ايترو پڙهي ويئي جيترو ٻيا ماڻهو پڙهي سگهيا پئي. هن پنهنجا سڀ امتحان آساني سان پاس ڪيا. هوء ڪاليج ۽ پوء هارڊورڊ يونيوسٽي ويئي. هوء يونيورسٽي ۾ پڙهي گريجوئيشن ڪيائين. هن پاڻ کي ٻين شاگردن جي ڀيٽ ۾ بهتر ثابت ڪيو. هن جا استاد کيس تمام گهڻو پسند ڪندا هئا ۽ تعريف ڪندا هئا.
    هن عجيب عورت 1956ع ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو.هن جي عمر 76 سال هئي پر هوء تمام گهڻي چست هئي. پاڪستان جي ماڻهن هن جو شاندار استقبال ڪيو. هوء اسانجي ملڪ ۾ انڌن ۽ ٻوڙن ماڻهن جي مدد ڪرڻ آئي هئي. هن ڪيترين ئي ميڙن کي خطاب ڪيو ۽ انڌن ٻوڙن ۽ گونگن
    جي اسڪول جو دورو ڪيو
    ”ڪيترو نه سٺو اسڪول آهي! هن حيرت جو اظهار ڪيو،” توهان سان گڏجي خوشي ٿي ، منهنجيون ڌيئون ۽ پٽ هميشه خوش رهو ۽ پنهنجي بخت کي برو ڀلو نه چئو،
    توهان هن دنيا ۾ سڀ ڪجھ ڪري
    سگهو ٿا.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. محمد ع سومرو

    محمد ع سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    232
    ورتل پسنديدگيون:
    238
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    103
    ڌنڌو:
    پورهيو
    ماڳ:
    سنڌ
    واھ سائين واھ
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو