اڄ دل ٿي چوي ڳايون، ڪجهه ياد اٿئي يا نه، ننڍڙي لاءِ جون ڳالهيون. ڪيئن پير ٻِليءَ جا کڻي ، ڪجهه ياد اٿئي يا نه، ڪِت ڪِت،ڪِت،ڪِت چوڻي، اڄ دل ٿي چوي ڳايون... ڪيئن گُڏيو پرڻايون، ڪجهه ياد اٿئي يا نه، سهرا ، لاڏا ڳايون. اڄ ته دل ٿي چوي ڳايون... ڪيئن نوڙيءَ راند ڪُڏون، ڪجهه ياد اٿئي يا نه، ڪئين پياري پينگه لُڏون. اڄ دل ٿي چوي ڳايون... ڪيئن عيد جا دهل ٻُڌون ڪجهه ياد اٿئي يا نه، ڪپڙن ۾ نه پيا ماپون. اڄ دل ٿي چوي ڳايون... هن توکي گار ڏني ڪجهه ياد اٿئي يا نه، مون هن کي مار ڏِني، اڄ دل ٿي چوي ڳايون... تو نڪرڻ کان بس ڪئي، ڪجهه ياد اٿئي يا نه، مون کيڏڻ کان بس ڪئي. اڄ دل ٿي چوي ڳايون... ڪيئن ويندي واٽ ملون، ڪجهه ياد اٿئي يا نه، ڪجهه ڳالهائي نه سگهون. اڄ ته دل ٿي چوي ڳايون... سڪ ننڍڙي لاڪون آ منهنجي منٿ ته مڃ پيارا اچي پيار جو ڀاڪر پاءِ (استاد بخاري) آواز: منظور سخيراڻي