ٻول : اڄ دل ٿي چوي ڳايون (استاد بخاري \ منظور)

'ٻول' فورم ۾ سجاد علي چنا طرفان آندل موضوعَ ‏23 مارچ 2016۔

  1. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    اڄ دل ٿي چوي ڳايون،
    ڪجهه ياد اٿئي يا نه،
    ننڍڙي لاءِ جون ڳالهيون.

    ڪيئن پير ٻِليءَ جا کڻي ،
    ڪجهه ياد اٿئي يا نه،
    ڪِت ڪِت،ڪِت،ڪِت چوڻي،
    اڄ دل ٿي چوي ڳايون...


    ڪيئن گُڏيو پرڻايون،
    ڪجهه ياد اٿئي يا نه،
    سهرا ، لاڏا ڳايون.
    اڄ ته دل ٿي چوي ڳايون...


    ڪيئن نوڙيءَ راند ڪُڏون،
    ڪجهه ياد اٿئي يا نه،
    ڪئين پياري پينگه لُڏون.
    اڄ دل ٿي چوي ڳايون...


    ڪيئن عيد جا دهل ٻُڌون
    ڪجهه ياد اٿئي يا نه،
    ڪپڙن ۾ نه پيا ماپون.
    اڄ دل ٿي چوي ڳايون...


    هن توکي گار ڏني
    ڪجهه ياد اٿئي يا نه،
    مون هن کي مار ڏِني،
    اڄ دل ٿي چوي ڳايون...


    تو نڪرڻ کان بس ڪئي،
    ڪجهه ياد اٿئي يا نه،
    مون کيڏڻ کان بس ڪئي.
    اڄ دل ٿي چوي ڳايون...

    ڪيئن ويندي واٽ ملون،
    ڪجهه ياد اٿئي يا نه،
    ڪجهه ڳالهائي نه سگهون.
    اڄ ته دل ٿي چوي ڳايون...

    سڪ ننڍڙي لاڪون آ
    منهنجي منٿ ته مڃ پيارا
    اچي پيار جو ڀاڪر پاءِ

    (استاد بخاري)
    آواز: منظور سخيراڻي
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,729
    ورتل پسنديدگيون:
    6,956
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    هڪ سونَ ورني مھ جَبِين..
    يار اهو ته ونڊ ڪَر.
     
  3. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    سهڻي ۽ يادگار ونڊ ادا
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو