ايئن وار پنهنجا نه سينگار تون متان ڪا نظر توکي گھائي وجهي متان تنهنجي وارن جي تارن ۾ ڪو هميشه لاءِ جندڙي اڙائي ويهي ======= چوريءَ چوريءَ ڪوئي ڪنهن سان ڪوئي، نيڻ ملائي ويٺو آ هيڏيءَ ساريءَ محفل ۾ ڪو پاڻ وڃائي ويٺو آ. اڏري آئي ديوي دل تي، جنهن جو ڪوئي ديس نه ويس، مورک ماڻهو ان سان پنهنجو انگ اڙائي ويٺو آ. پوڻيءَ وانگر پرزا ٿي وئي، پٿر جهڙي کهري دل، غم جو ماريل شاعر اهڙو نغمو ڳائي ويٺو آ. ٽمڪي پئي لاٽ وفا جي، ڪاريءَ ڪاريءَ واٽ مٿي، طوفانن ۾ اڄ ڀي ڪوئي، جوت جلائي ويٺو آ. واهڻ جو هڪ سادو ماڻهو، جنهن جي دل ۾ مير نه هو، شهر جي سياڻن واپارين کان، پاڻ ڦرائي ويٺو آ. شوق مجهان جا مورت ٺاهيئين، ڪاريگر سان الجهي پيئي، پنهنجي هٿ سان پنهنجي گهر کي، باهه لڳائي ويٺو آ. واهڻ جي او چنچل، ڀوري، ڇوري ! پنهنجو پاڻ سنڀال، هر ڪو ڇورو تنهنجي واٽ تي، ڄار وڇائي ويٺو آ. بستيءَ بستيءَ توکي ڳوليم، جوڳين وانگر جوءِ ڇڏي، ماڻـهن ليــکي ارشـد صــاحب، واٽ وڃــائي ويـٺو آ. ====== غزل: عبدالحڪيم ارشد - سرمد سنڌي جو پيارو آواز