ٻول : چوريءَ چوريءَ ڪوئي ڪنهن سان ڪوئي، نيڻ ملائي ويٺو آ

'ٻول' فورم ۾ سجاد علي چنا طرفان آندل موضوعَ ‏24 مارچ 2016۔

  1. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    ايئن وار پنهنجا نه سينگار تون متان ڪا نظر توکي گھائي وجهي
    متان تنهنجي وارن جي تارن ۾ ڪو هميشه لاءِ جندڙي اڙائي ويهي
    =======
    چوريءَ چوريءَ ڪوئي ڪنهن سان ڪوئي، نيڻ ملائي ويٺو آ
    هيڏيءَ ساريءَ محفل ۾ ڪو پاڻ وڃائي ويٺو آ.

    اڏري آئي ديوي دل تي، جنهن جو ڪوئي ديس نه ويس،
    مورک ماڻهو ان سان پنهنجو انگ اڙائي ويٺو آ.

    پوڻيءَ وانگر پرزا ٿي وئي، پٿر جهڙي کهري دل،
    غم جو ماريل شاعر اهڙو نغمو ڳائي ويٺو آ.

    ٽمڪي پئي لاٽ وفا جي، ڪاريءَ ڪاريءَ واٽ مٿي،
    طوفانن ۾ اڄ ڀي ڪوئي، جوت جلائي ويٺو آ.

    واهڻ جو هڪ سادو ماڻهو، جنهن جي دل ۾ مير نه هو،
    شهر جي سياڻن واپارين کان، پاڻ ڦرائي ويٺو آ.

    شوق مجهان جا مورت ٺاهيئين، ڪاريگر سان الجهي پيئي،
    پنهنجي هٿ سان پنهنجي گهر کي، باهه لڳائي ويٺو آ.

    واهڻ جي او چنچل، ڀوري، ڇوري ! پنهنجو پاڻ سنڀال،
    هر ڪو ڇورو تنهنجي واٽ تي، ڄار وڇائي ويٺو آ.

    بستيءَ بستيءَ توکي ڳوليم، جوڳين وانگر جوءِ ڇڏي،
    ماڻـهن ليــکي ارشـد صــاحب، واٽ وڃــائي ويـٺو آ.

    ======
    غزل: عبدالحڪيم ارشد - سرمد سنڌي جو پيارو آواز
     
  2. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,729
    ورتل پسنديدگيون:
    6,956
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    واھ يار.. دل کي ڇُھندڙ غزل
     
  3. الاهي بخش

    الاهي بخش
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2021
    تحريرون:
    9
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    Zabardast
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو