• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪوڙي تصوير جو ڊرامو ظاهر ٿي پيو

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
ڪجھه ڏينهن اڳ، هڪ مولانا جي تصوير هڪ ڇوڪريءَ سان گڏ، ڪنهن فيس بوڪ تي ڏني هئي ۽ ان جي آڙ ۾ اسلام کي گھٽ وڌ ڳالهايو هو ـ مون لکيو هو ته پهريان تصديق ته ڪريو ته اها ڇوڪري ڪير آهي؟ ممڪن آهي ته سندس ڌيءُ، ڀيڻ يا ڀائيٽي هجي پر تنهن جي باوجود ڪوڙا سنڌي قومپرست گارگند ۽ بدتميزيءَ واري ٻولي جاري رکندا آيا ـ
اڄ فيس بوڪ تي ڪنهن اصلي تصوير لڳائي آهي ته اهو مولانا، مولانا طارق سان گڏ بيٺل هو ۽ ڪنهن مولانا طارق جو فوٽو ايڊٽ ڪري نوجوان ڇوڪريءَ جو فوٽو لڳائي ڇڏيو آهي ۽ ڪوڙن سنڌي قومپرستن وري انهيءَ بهاني اسلام کي گارگند ڪئي ـ
سڀاڻي جيڪڏهن ڪي، سندن قومپرست اڳواڻ جي تصوير اهڙي ريت ايڊٽ ڪري ڪنهن ننگي ڇوڪري سان ڪڍي فيس بوڪ تي لڳائين ته اهڙن ڪوڙن قومپرستن جو ڪهڙو ردعمل هوندو؟ شرم ڪريو، اهڙيون حرڪتون ڪري پنهنجون رهيل سهيل ساک به وڃايو ويٺا ـ
 
Back
Top