اڄُ نه اوطاقن ۾ ٿا طالب تنوارين، آديسي اُٿي ويا مڙهيون مون مارِين،
جيڪي جيءَ کي جِيارِين ، سي لاهُوتِي لَڏي ويا...
سنڌسلامت تي ڪاڪي آچار جي اوطاق ڪنهن وقت ۾ تمام مچيل اوطاق هوندي هُئي جتي ڪچهريءَ جا مور دل پيا وندرائيندا هُئا، پر اڄ الائي ڪنهن جي نظر لڳي وئي جو ڪاڪي آچار جي اوطاق ۾ ڪير اچڻ لاءِ به تيار ناهي، مان آيم پئي ته ڏٺم اوطاق جو دَرُ کُليل آهي سوچيم اندرُ ڪو مور ويٺو هوندو پر اوطاق ۾ صرف ڪبوترن جي ٻولي ۽ ڪاڪي آچار جون يادون ئي پيل آهن، هئه ڙي ڪاڪا آچار توهان جي ڪچهري.. ماضيءَ ياد ڏياري ڇڏيندي هُئي.. هاڻ ته نه ئي توهان ٿا لڀو نه ئي ڪچهريءَ جا ٻيا مورَ..
آئون به هِي خطڙو ڇڏيو وڃان پيو اوطاق ۾ ، جيڪڏهن ڪاڪو آچار وڏن شيشن واري عينڪ اکين تي چاڙهي پڙهي ته ڏاڍي خوشِي ٿيندي.. جيڪڏهن ڪو ٻيو پڙهي ته ان کي عرض ڪندس، ادا ڪچهري نه ڇڏيو! اوطاق مچايو.. اسان جي سنڌ جي ثقافت ۾ شامل آهي اسان جي اوطاق..