1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 60000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 60,000
    37500

ڪاڪو آچار ۽ سندس ويران اوطاق تي هڪ خطُ

'ڪاڪي آچار جي اوطاق' فورم ۾ عبيد ٿهيم طرفان آندل موضوعَ ‏24 مارچ 2016۔

  1. عبيد ٿهيم

    عبيد ٿهيم سپرايڊيٽر انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,662
    ورتل پسنديدگيون:
    6,914
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    343
    ڌنڌو:
    ڊولپر، سنڌي لئنگئج اٿارٽي، حيدرآباد.
    ماڳ:
    ٽنڊوآدم
    اڄُ نه اوطاقن ۾ ٿا طالب تنوارين، آديسي اُٿي ويا مڙهيون مون مارِين،
    جيڪي جيءَ کي جِيارِين ، سي لاهُوتِي لَڏي ويا...

    سنڌسلامت تي ڪاڪي آچار جي اوطاق ڪنهن وقت ۾ تمام مچيل اوطاق هوندي هُئي جتي ڪچهريءَ جا مور دل پيا وندرائيندا هُئا، پر اڄ الائي ڪنهن جي نظر لڳي وئي جو ڪاڪي آچار جي اوطاق ۾ ڪير اچڻ لاءِ به تيار ناهي، مان آيم پئي ته ڏٺم اوطاق جو دَرُ کُليل آهي سوچيم اندرُ ڪو مور ويٺو هوندو پر اوطاق ۾ صرف ڪبوترن جي ٻولي ۽ ڪاڪي آچار جون يادون ئي پيل آهن، هئه ڙي ڪاڪا آچار توهان جي ڪچهري.. ماضيءَ ياد ڏياري ڇڏيندي هُئي.. هاڻ ته نه ئي توهان ٿا لڀو نه ئي ڪچهريءَ جا ٻيا مورَ..
    آئون به هِي خطڙو ڇڏيو وڃان پيو اوطاق ۾ ، جيڪڏهن ڪاڪو آچار وڏن شيشن واري عينڪ اکين تي چاڙهي پڙهي ته ڏاڍي خوشِي ٿيندي.. جيڪڏهن ڪو ٻيو پڙهي ته ان کي عرض ڪندس، ادا ڪچهري نه ڇڏيو! اوطاق مچايو.. اسان جي سنڌ جي ثقافت ۾ شامل آهي اسان جي اوطاق..
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    742
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ادا عبيد ٿهيم ڪاڪوآچار يقينن ايندو ۽ تنهنجو خطڙو جنهن جو رواج هاڻي بلڪل ختم ٿي چُڪو آهي ، من پڙهي وٺي نه ته آسرو گهٽ آهي ، جڏهن اي ميل ، فيس بُڪ تي پرسنل ميسيج، موبائل تي ايس ايم ايس جو رواج آيو ته خطڙن کي ڀلا ڪير پڙهندو. ڪاڪو آچار جتي به هُجي ادا عبيد ٿهيم جو خطڙو ٻيلي ضرور پڙهي ، مون جهونڙي سميت جيڪي به ڪاڪي آچار جي اوطاق کان مُنهن مَٽي ويا آهن سي يار ڪاڪي آچار کي وري نئون جيئدان ڏين ته مهربانيون ٿينديون . باقي جڏهن کان عالمي اوطاق فيس بُڪ جو رواج پيو آهي تڏهن کان دنيا جي هر ٻي اوطاق ۾
    اڄ نه اوطاقن ۾ ٿا طالب تنوارين لڳي پئي آهي خير ادا عبيد ٿهيم جون مهربانيون جوهن اسان کي پنهنجي فرضن جي ادائيگي جي يادگيري ڏياري. لک ٿورا
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,217
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    ها يارو سچ ٿا چئو ٻيو ته ٺهيو پر ڪاڪي اچار وانگي محترم سائين نثارناز هن محبتي اوطاق کان منهن مٽي انٽرنيشنل اوطاق وڃي وسائي آهي ، دعا آهي ته شال سدا سلامت هجو ، مرڪندا رهو
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبيد ٿهيم

    عبيد ٿهيم سپرايڊيٽر انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,662
    ورتل پسنديدگيون:
    6,914
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    343
    ڌنڌو:
    ڊولپر، سنڌي لئنگئج اٿارٽي، حيدرآباد.
    ماڳ:
    ٽنڊوآدم
    انٽرنيشنل اوطاق تي آئون به چوويھ ڪلاڪ ويٺو هوندو آهيان، ڇوته اُها گَسَ ۾ سولي ٿِي پوي، ايندي ويندي دُعا سلام رکندو اچان، پر ڪاڪي آچار جي اوطاق تي ته مزو ئي الڳ آ.. پو ڀلي کڻي اوطاق روڊ کان ٿورو پَري ڪَچي ۾ ٿِي پَوي ;);) پر آهي ته پنهنجي سِنڌي اوطاق نه... :rolleyes:
    شال جُڙيا هُجو
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,551
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ڪاڪي آچار کي سنگت جو خط ملي ويو بابلا، مست جي خبر ايجنسي کي خبر پئي آهي ته ڪاڪو آچار بس سڏ پنڌ تي آهي، اجهو ڪي آيو
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو