سنڌ سلامت جا ساٿيو منهنجو هڪڙو نڪور غزل توهان سان وڊيو جي صورت ۾ ونڊيان ٿو، اميد ته پيار جا پانڌيئڙا منهنجي مجاز جي رنگ ۾ رڱيل هن غزل مان آنند حاصل ڪندا. ذري پيارَ ۾ ڪانه شَڌَ مدَ ڪر پرين محبتن جي صفا حد ڪر! چپن جام ڇلڪڻ متان تون ڏين، سڄڻ نانءُ اسان جي اهي مَڌَ ڪر! رکي چَپَ چپن تي ڀري ڀاڪرين سياري ۾ گرميءَ سندا پَدَ ڪر! ختم ٿي ڪهاڻي انا الحق ڇو، ڪي منصور ماڻهو ۽ سرمَدَ ڪر! نه دل جي لڳيءَ جي سهين سَٽَ ٿو صنم ”ناز“ هينئڙو کڻي اَڌَ ڪر. https://www.facebook.com/video.php?v=10154064841833216
ڪافي عرضي کانپوءِ اوهانکي هڪ محبتي اڱڻ تي فعال ڏسي دل خوش ٿي رهي آهي ته هاڻي ، پيار ونڊيندڙ محترم سائين نثارناز محبتن جو جهول ڀري هوڪا ڏيندو پيو مئڪشن کي پيو جام پياريندو ، سدا سلامت هجو مرڪندا رهو
ادا عبدالغني سنڌ سلامت کان پري ضرور هُئس پر سنڌ سلامت کي وساريو ڪونه هُئم، سنڌ سلامت سان ئي منهنجي سُڃاڻپ آهي سنڌ سلامت کان سوا نثارناز اڌورو آهي ۽ رهندو. آئي ڳالهه سمجهه ۾ يا نه.......؟