ذري پيار ۾ ڪانه شَدَ مَدَ ڪر (غزل)

'نثار احمد ناز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏25 مارچ 2016۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    سنڌ سلامت جا ساٿيو منهنجو هڪڙو نڪور غزل توهان سان وڊيو جي صورت ۾ ونڊيان ٿو، اميد ته پيار جا پانڌيئڙا منهنجي مجاز جي رنگ ۾ رڱيل هن غزل مان آنند حاصل ڪندا.

    ذري پيارَ ۾ ڪانه شَڌَ مدَ ڪر
    پرين محبتن جي صفا حد ڪر!

    چپن جام ڇلڪڻ متان تون ڏين،
    سڄڻ نانءُ اسان جي اهي مَڌَ ڪر!

    رکي چَپَ چپن تي ڀري ڀاڪرين
    سياري ۾ گرميءَ سندا پَدَ ڪر!

    ختم ٿي ڪهاڻي انا الحق ڇو،
    ڪي منصور ماڻهو ۽ سرمَدَ ڪر!

    نه دل جي لڳيءَ جي سهين سَٽَ ٿو
    صنم ”ناز“ هينئڙو کڻي اَڌَ ڪر.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    ڪافي عرضي کانپوءِ اوهانکي هڪ محبتي اڱڻ تي فعال ڏسي دل خوش ٿي رهي آهي ته هاڻي ، پيار ونڊيندڙ محترم سائين نثارناز محبتن جو جهول ڀري هوڪا ڏيندو پيو مئڪشن کي پيو جام پياريندو ، سدا سلامت هجو مرڪندا رهو

     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ادا عبدالغني سنڌ سلامت کان پري ضرور هُئس پر سنڌ سلامت کي وساريو ڪونه هُئم، سنڌ سلامت سان ئي منهنجي سُڃاڻپ آهي سنڌ سلامت کان سوا نثارناز اڌورو آهي ۽ رهندو. آئي ڳالهه سمجهه ۾ يا نه.......؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو