ٿر جا عظيم ڪردار___4............ ٿر جو ايڌي

'تعارف' فورم ۾ ارمان جنجهي طرفان آندل موضوعَ ‏28 مارچ 2016۔

  1. ارمان جنجهي

    ارمان جنجهي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2016
    تحريرون:
    6
    ورتل پسنديدگيون:
    13
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    وڪڙيو ٿرپارڪر
    کرڪڻا لاهي سک نـ ستا ڪڏهن،

    سدا آهي کاهوڙين، اوسينڙيو پنڌ جو.

    انسانيت دنيا جو وڏي ۾ وڏو مذهب آهي ۽ انهي مذهب جي پرچار ڪندڙ کي ئي انسان چئبو آهي. دنيا ۾ اجڙا چند ئي ماڻهو هوندا آهن جيڪي انسان هوندا آهن.

    ڪو آ رحمان جي پاسي ڪو آ ڀڳوان جي پاسي،

    آئون سجدو ڏيان انهن کي، جيڪو انسان جي پاسي.

    مٿين بند پورو لهندڙ شخص وشن ٿري جو تعلق ٿرپارڪر جي شهر مٺي سان آهي. اصل نالو وشنداس لوهاڻو پر پاڻ کي مامو وشن ٿري سڏائيندو آهي. مامو وشن ٿري 21 آگسٽ 1960ع تي مٺي ۾ جنم ورتو. سندن والد جو نالو هنسراج مل لوهاڻو هو. مامو جڏهن 6 مهينن جو هو تڏهن سندن والد جو جسم سن ٿي ويو هو.

    مامو وشن ٿري جڏهن 12 سالن جو ٿيو تـ عبدالستار ايڌهي ۽ مسڪين جهان خان کوسي جي خدمتن کان متاِثر ٿي هن اهو وقف ڪيو تـ پاڻ پنهنجي پوري زندگي ٿر ۽ انسانيت کي ڏيندا ۽ خلق ئي خدا جي خدمت ڪنداسون. ٿر ۾ مشاهدو ڪرڻ کان پوء مامي اهو فيصلو ڪيو تـ ٿري غريب جيڪي وقت سر رت نـ ملڻ ڪري گذاري وڃن ٿا تن لاء رت جو بندوبست ڪجي. جيتوڻيڪ اهو تمام گھڻو ڏکيو ڪم هو پر جنهن ماڻهو جي دل ۾ خدمت جو جذبو هجي تـ اهو ڪين ٿو ڦري سگھي پنهنجي ڳالهـ تان. پوء ٿر جي ماڻهن مامي وشن ٿري کي رت جو عطيو ڏيڻ شروع ڪيو ۽ مامو خلق خدمت ۾ لڳي ويو. انهي جذبي کي ڏسي ٿر جي ماڻهن مامي وشن کي ” ٿر جو ايڌهي “ سڏڻ لڳا. ماما وشن اهو شخص آهي جنهن کي تقريبا ٿر جي هر ماڻهو جي رت جو گروپ برزبان ياد آهي. ماما ڪنهن بـ وقت ۽ ڪنهن بـ ماڻهو کي انڪار نـ ڪندو هو. ”ٿرپارڪر سوشل آرگنائيزيشن“ جي باني ماما وشن ٿري رت ۽ ايمبولينس فراهم ڪرڻ سان گڏ پئسي ڏوڪڙ ۾ بـ ماڻهن جي مدد ڪندو آهي.

    مامو وشن طبيعت ۾ بـ تمام سادو ماڻهو آهي، گھر جي ٻاهران کٽ وجھي سمهندڙ ماما وشن ٿري جو چوڻ آهي تـ اندر گھر ۾ سمهڻ سان متان ڪڏهن ڪو سڏ نـ ٻڌي سگھي ۽ ڪو خالي موٽي نـ وڃي . ماما کان جڏهن اهو پڇيو تـ توهان کي ڪهڙو ايوارڊ مليو آهي تڏهن چيائين تـ؛

    ”پيار هميشه وڏو تحفو آهي جيڪو مونکي بي انتها مليو آهي.“

    ٿر جي ايڌهي جو ماڻهن سان پيار ۽ خدمت جو جذبو هر پل آهي ۽ رهندو. خدا پاڪ مامي وشن کي وڏي ڄمار ڏي..

    ”سي ڪئين سمهن سيج جن جي سنگت سورن سان.“
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو