تاريخ مان سبق

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏12 جون 2010۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ دوست هڪ برقي پيغام موڪليو هيو، پيغام جو عنوان به ساڳيو ئي هو جيڪو مون مٿي لکيو آهي، ميل جي مضمون ۾ جيڪو مواد موجود هو اهو پڙهي، آءُ خلائن ۾ گم ٿي ويس، ڪڏهن فلسطيني عربن جي حالت تي ته ڪڏهن وري سنڌين جي حالتن تي ويچار ڪندو رهيس. ڇاڪاڻ ته سنڌين ۽ فلسطيني عربن جون حالتون به ٿوري گهڻي فرق سان ساڳيون آهن، هو مذهب جي بنياد تي ٺهيل ملڪ اسرائيل جي ظلم، ڏاڍ ۽ استحصال جو شڪار آهن ته سنڌي وري مذهب جي نالي تي ٺهيل ملڪ پاڪستان جي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاٿل آهن ... ٻنهي جون حالتو ڪي گهڻيون مختلف ناهن، ها فلسطين جي عربن وٽ ڪجهه مضبوط تنظيمون موجود آهن ۽ چوڦير نڪ پڪا هم زبان عرب سڳورا کين ڪجهه مالي مدد ۽ ڪجهه اخلاقي مدد ڪري کين وڙهڻ تي اڀاريندا رهن ٿا، پر سنڌي ويچارن وٽ نه ته ڪا اهڙي مضبوط تنظيم آهي ۽ نه وري ڪي اوسي پاسي ۾ خيرخواهه قومون جي کين آڏي وقت ۾ مدد ڪن ...

    اهي قومون هميشه ڪامياب ۽ سوڀاريون ٿينديون آهن، جي تاريخ مان سبق سکنديون آهن ۽ انهن تاريخي اهڃاڻڻ تي قدم رکي پنهنجي منزل ماڻي وٺنديون آهن ... ماضي مان سبق پرايو، حال ۾ جيئو ۽ مستقبل سنواريو جهڙا اصول حاصل ڪري جيڪي انسان يا قومون اڳتي وڌنديون آهن، انهن جي مٽي به سون ٿي پوندي آهي ...

    اسرائيل سان اسانجون لک دشمنيون ڇون هجن پر دشمن ڪا سٺي ڳالهه چوي ته ان تي ڪن ڌرجي ۽ حيرت ۽ عبرت کائڻ بجاءِ پنهنجو پاڻکي ٺاهجي. 1973 عيسوي سن جي ڳالهه آهي ته اسرائيل ۽ عربن جي جنگ لڳڻ تي هئي ۽ اسرائيل جون اقتصادي حالتون به انتها جون خراب هيون، پر اسرائيل جي عورت وزيراعظم ”گولدا مير“ آمريڪا سان مهانگو ترين هٿيارن خريد ڪرڻ جو معاهدو ڪيو، دنيا وارا حيران ٿي ويا ته هڪ ننڍڙو ملڪ، ٻيو وري سندن اقتصادي حالتون خراب ۽ مٿان وري چوڦير عرب ويڙهاڪ فوجون ۽ قومون، هي گولدا مير چري ٿي پئي آهي ڇا جو اسرائيل جي تاريخ جو مهانگو ترين هٿيار خريد ڪرڻ جو معاهدو ڪيو اٿس.

    کائنس هڪ صحافيءَ سوال ڪيو ته اوهان عربن جي وچ ۾ آهيو، اسرائيل جي اقتصادي حالتون به خراب آهن ۽ پارليامنٽ ۾ به ڪيترا ماڻهون ان ڳالهه جي خلاف آهن ۽ پوءِ به اوهان ملڪي اقتصاديات جو گهڻو ڀاڱو هٿيارن جي خريداريءَ تي خرچ ڪيو ٿا ... ائين ڇو؟

    وزير اعظم گولدا مير جواب ڏنو ته ” ان جو خيال به مون مسلمانن جي رسول محمد (صلي الله عيله وسلم) جن کان پرايو آهي .... صحافيءَ حيرانگي ظاهر ڪئي ته هڪ اسرائيلي ۽ يهودي وزيراعظم وري مسلمانن جي پيغمبر جي پيرويءَ جي ڳالهه پئي ڪري!!! ... گولدا مير چيو، ته جڏهن آءُ مذهب جي تقابلي تعليم حاصل ڪري رهي هيس ته مون محمد صه جي سيرت ۾ هڪ ڳالهه پڙهي هئي ته جڏهن محمد صه هن جهان مان رخصت ٿيو ته سندس گهر ۾ ايترو به پئسو نه هو جو سندس زال بيبي عائشه رحه گهر جي ڏيئي ۾ تيل ڀرائي سگهي، اُنلاءِ هُنَ گهر ۾ پيل هڪ ڍال گروي رکي تيل گهرايو ۽ گهر کي روشن ڪيو، پر ساڳئي وقت سندس ڀت تي نَوَ قميتي ۽ تيز تلوارون لٽڪيل هيون.

    حاصل مطلب ته کين گهر ۾ کائڻ لئه پئسا ڪونه هئا پر ويڙهه لئه سندن گهر ۾ تلوارون موجود هيون.

    گولدا مير صحافيءَ کي مخاطب ٿيندي چيو ته آءُ تاريخ مان سبق حاصل ڪيو آهي ته فتح حاصل ڪرڻ کانپوءِ دنيا يا قوم اهو ناهي ڏسندي ته اوهان جي گهرن ۾ سون آهي يا نه، اوهانجي گهرن ۾ ضروريات زندگيءَ جو سامان آهي يا نه، بلڪه دنيا اهو ڏسندي آهي ته اوهان فاتح آهيو ۽ اوهانجو آڌرڀاءَ هڪ فاتح جي حيثيت سان ٿيندو آهي .... الله جي رسول پنهنجي پيٽ تي پٿر رکيا، پنهنجي گهر ۾ سامان نه رکيو پر هن دنيا جي حڪمرانن کي لوڏي ڇڏيو ۽ اسلامي لشڪر ان وقت جي اڌ دنيا تي فتح حاصل ڪئي ....

    گولدا مير اسلامي تاريخ جو هڪ ٻيو واقعو ياد ڪرائيندي چيو ته ”جڏهن مسلمانن جي خليفي معتصم بالله کي تاتارين جي سپهه سالار هلاڪو خان ( چنگيز خان جي پوٽي) عراق ۾ شڪست ڏئي گرفتار ڪيو ۽ کيس کاڌي جي وقت پنهنجي درٻار ۾ گهرايو جنهن وقت هلاڪو هڪ سادي موچاري ٿالهيءَ ۾ سادو کاڌو کائي رهيو هو ... جڏهن معتصم بالله کي هلاڪو خان جي سامهون آندو ويو ته هلاڪوءَ نوڪرن کي حڪم ڪيو ته معتصم بالله جي لاءِ کاڌو آڻيو، ته ٿوري دير ۾ نوڪر هيرن جواهرن ۽ سون سان ڀريل هڪ پليٽ کڻي آيا ۽ آڻي معتصم بالله جي سامهون رکيائون ....

    معتصم بالله چيو ته هي ڇا آهي؟ آءُ هيرا جواهر ۽ سون ڪئين کائيندس؟ تنهن تي هلاڪوءَ وراڻيو ته پوءِ هي سون ۽ جواهر ۽ هي موتي ڪٺي ڇو ڪيا هيئي؟ ... جڏهن انهن کي کائي به نٿو سگهجي، ۽ جيڪڏهن اهي هيرا جواهر ۽ سون پنهنجي لشڪر تي خرچ ڪرين هان ته هو دل سان ۽ بهادريءَ سان وڙهن ها ۽ اڄ تون زنجيرن ۾ جڪڙيل هڪ ٻانهي جيئان منهنجي سامهون نه بيٺو هجين هان.

    معتصم جواب ڏنو ته اها الله جي رضا آهي؟

    هلاڪوءَ چيو ته پوءِ هاڻ جيڪا آءُ توسان حالت ڪندس اها به الله جي رضا ئي هوندي ... ۽ حڪم ڪيائين ته هن کي قالين ۾ ويڙهي گهوڙن جي هيٺان لتاڙيو وڃي ۽ پوءِ معتصم کي قالين ۾ ويڙهي مٿان گهوڙا ڊوڙائي کيس عبرتناڪ سزا ڏني وئي ....

    حاصل مطلب ته؛ جڏهن قومون ۽ انسان پنهنجا مقصد وساري صرف مال ۽ دولت گڏ ڪندا آهن ته سندن غلامي مقدر ٿي ويندي آهي ۽ هو پنهنجي حياتي بي مقصد ۽ هيٺاهين درجي جي گذاريندا آهن ... هو فاتح نٿا ٿي سگهن ۽ هو رب جي آڏو پڻ سرخرو ٿي نٿا سگهن.
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: تاريخ مان سبق

    [​IMG]
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: تاريخ مان سبق

    سائين عبرت وٺڻ واريون شيون ته الاهي آهن پر عبرت حاصل ڪرڻ وارا گهٽ‌آهن۔۔۔ تاريخ مان سبق سکن ها ته اسان جي مُسلم اُمت ڏڦيڙ‌جو شڪار نه هجي ها
     
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: تاريخ مان سبق

    ادا نثار ابڙا شال جُڙيو هُجين۔ تنهنجي هن زبردست ليک مان مون صرف مٿيون سِٽون ريفرنس طور کنيون آهن، ادا ڪٿي مذهب جي نان تي دادا گيري ڪئي وڃي ٿي، ته ڪٿي قوم جي نالي تي ضمير وڪڻيو وڃي ٿو، دنيا جو هر مذهب اخو در گذر ۽‌ روا داري جو سبق ڏي ٿو پر ان سلسلي ۾‌ دين اسلام تمام اڳ ڀرو آهي، دين اسلام سدائين جيئو ۽ جيئڻ‌ڏيو واري پاليسي تي عمل پيرا رهيو آهي۔ ان سلسلي ۾ ڪاري کي ڳوري تي ۽ ڳوري کي وري ڪاري تي فضيلت ناهي رهي، گولدا مير اسوه حسنه جي سلسلي ۾ آن حضور حضرت محمد مصطفى صلي الله عليه وسلم جو مثال ڏنو آهي ته جڏهن پاڻ ڪريم هن جهان مان برقعو مٽايو ته سندن گهر ۾ ايترو پيسو نه هُو جو رات ۾ روشني ڪرڻ لاءِ ڪو ڏيئو ٻاري سگهجي پر ام المومنين گهر ۾ پيل ڍال کي گروي رکي ( يا وڪڻي) ڏيئي کي ٻارڻ لاءِ تيل ورتو. اسان کي ته انهي اسرائيلي وزير اعظم جي مثال ڏيڻ واري ڳالهه مان به مذهب جي سلسلي ۾ نفرت ۽ بغض جي ڌپ نظر ٿي اچي. ان ڳالهه مان گولدا مير اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته نعوذ باالله اسان جو آقا جيڪو ڪريم به آهي، امين به آهي، جيڪو شفيق به آهي، پاڻ ساري عمر حق ۽ سچ جي واٽ ورتي پاڻ پنهنجي جڳه تي هڪڙا بهترين سپه سالار به آهن، پر ساري دنيا اهو بهتر ڄاڻي ته اسان جو مذهب تلوار جي زورسان اڳيان ڪونه وڌيو پر پنهنجي بهترين اصولن، پنهنجي اعلى اخلاقي قدرن، پنهنجي محبتن سان اڳيان وڌيو، پر هڪڙي ڳالهه توهان سان شيئر ڪندو هلان ته اسرائيل پنهنجي هٺ ڌرمي پنهنجي پراڻي مذهب ۽ پنهنجي قوم بني اسرائيل ٻنهي يعني قوم ۽ مذهب سان ساري دنيا جي مسلمانن سان اک ۾ اک ملايو جيئن چاهي تيئن ڪندو اچي ڪو مسلمان مُلڪ يا جنگ سان نفرت ڪندڙ ترقي پسند سوچ رکندڙ ملڪ کيس ڪجهه به ڪري نٿو سگهي. پر اسان جي سنڌ جيڪا صدين کان آزاد رهي هُئي، سنڌ تي مذهب جي آڙ ۾ پهريون حملو راجه ڏاهر جي دور حڪومت ۾ ڪيو ويو ، سنڌ ۽ سنڌي امن پسند سدائين رهيا آهن، جو هنن شروع کان وٺي ڪڏهن به ڪنهن قوم سان نه مذهب جي آڙ ۾ ۽ نه قوم جي آڙ ۾ ڪنهن سان پنگي پازي ڪئي آهي پر سدائين جيئو ۽ جيئڻ ڏيو جي عظيم اصولن تي ڪار بند رهيا آهن، سنڌ تي ٻيو حملو وري به ارغونن ۽ ترخانن ڪيو، انهن به مذهب جي آڙ ۾ سنڌ جي سڀني وسيلن تي قبضو ڪيو توهان کي ياد رکڻ گهرجي بُکيو ڪڏهن به ڪنهن بکئي يا ناڻي کان خالي مُلڪ تي حملو ڪونه ڪندو ۽ سنڌ انهي وقت به سرسبز ۽ مالا مال هُئي ارغون يا عرب ان وقت جي حساب سان صفا بُکيا هُئا انهن ظالمن کي سنڌ جي شادابي ڏسي دل ۾ هُورا کُورا ٿيندي هُئي نه انهن وٽ ان وقت ڪي معدني وسيلا هُئا نه انهن وٽ ڪا دولت هُئي، بس ماريو ۽ حڪومت ڪريو وارن نعرن تي عمل پيرا ٿي امن پسند قومن کي تاراج ڪندا هو ڪاهي ايندا هُئا، ان وقت انهن سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن تي ايڏو ته وڏو قهر ۽ قتل عام ڪيو جو اڃان تائين عام سنڌي انهيءَ روايتي ڊپ ۾ آزاد ٿي نه سگهيا آهن، ڪو سنڌ جوڌو اڳتي اچي ٿو ته اڃان تائين ان کي غدار يا مذهبي باغي قرار ڏئي ماريو ٿو وڃي يا ڪو سچائين سان پنهنجي قوم جي بنيادن ۾ بهادري جو لهو ڀرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته دولت جي چمڪ ڌمڪ سان کيس چُپ ڪرايو ٿو وڃي. ان وقت به سنڌي جوڌا پنهنجين ڳچين جا ڳاٽ وڍايا هُئا ته هن وقت به سنڌي اهو جوش جذبو برقرار رکيو اچن ڳالهه صرف اها آهي ته ڪير به سچائي سان انهن جي سرواڻي ڪرڻ وارو ڪونهي. هتي ته سنڌين سان ٻنهي مذهب ۽ قوم جي ناتي سان فرق رکيو پيو وڃي ڪافي سارا مذهب جا ٺيڪيدار اهو سمجهن ٿا ته سنڌي ماڻهو سهي معنا ۾ مسلمان ڪونه آهن، ۽ قوم جي سلسلي ۾ سنڌي قوم جي هزارين سال بحثيت دنيا جي قديمي قوم واري ڳالهه کين هضم نه ٿي ٿئي ان ڪري ڪونه ڪو حربو ڪڏهن اسان جي جاگرافيائي حدن سان هٿ چُراند، ڪڏهن اسان جي وسيلن تي راتاها، ڪڏهن اسان جي ماڳ مڪانن ۾ تبديلي جا شوشا ۽ ڪڏهن اسان جي سرسبر سنڌ کي ڀاڱن ڪرڻ وارا اعلان هلايا ٿا وڃن ۽ اسان جا سرندي ۽ پُڄندي وارا جنهن کي اسان سولي سنڌي ۾ وڏيرا چوندا آهيون اهو گهاڻي جي ڍڳي جيان پنهنجي اکين تي کوپا چاڙهي سڀ ڪجهه ڏسندي ٻوڙا ، انڌا، گونگا ٿيو هلن پيا ۽ سنڌ جيجل جي ڪُک سُڃي ٿيندي وڃي ٿيندي پئي وڃي. الله سائين شل اسان سڀني سنڌين کي پنهنجي وشال ماضي کي سارڻ جي توفيق عطا فرمائي حال جي ظالمن سان اکين ۾ اکيون وجهي سنڌ کي سکيو ستابو بحيثيت سنڌي قوم جي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ آئندي کي نظر ۾ رکندي اهو ڪو ڪجي جو مينهن وسندي ڪم اچي واري اصول تي ڪاربند رهڻ جي توفيق عطا فرمائي. ادا نثار ابڙا تنهنجي اهڙن زبردستن مضمونن تي گهڻو ڪجهه ويچار ونڊڻ تي دل ٿي چاهي پر ............................................................................. جيستائين ڍڳو پير پيران هوندو تيستائين اسان سڀ سنڌي اهوئي ڳن ۽ اهائي ڪهاڙي واري قول کان ڪڏهن پاسيرا ڪونه ٿينداسين.
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: تاريخ مان سبق

    سائين محترم ناز ! مهرباني اوهانجي جو تمام سهڻو ۽ پيرائتو بحث ڪيو اٿوَ، باقي جيتري حد تائين سوال آهي اسرائيلي وزير اعظم جو بيان الله جي رسول لئه ته بيشڪ هن کڻي دشمني جي نسبت ۾ اها ڳالهه ڪئي هجي پر تاريخ جا ورق ٻڌائن ٿا ته اسانجي رسول اڪرم جهاد ڪيو ۽ دشمن سان اهڙي ويڙهه ڪئي جو هزارن جي تيار ۽ سامان سان ڀريل لشڪر کي چند بي هٿيار ساٿين سان شڪست ڏئي، مثال قائم ڪيو ۽ پو الله جي رسول ۽ سندس ساٿين عرب جزيري جي اهڙي ڪا ڪنڊ نه ڇڏي جت ڪفارن سان مقابلو نه ڪيو هجي ۔۔۔ ان ڳالهه کان نه ته آ نه تون ۽ نه وري ڪو تاريخدان ڪنڌ ڪڍي سگهي ٿو۔۔۔۔ جهيڙو ته ٿيو ۔۔۔ اها هڪ حقيقت آهي ۔۔۔ جنگيون ته ڪيون ويون ۔۔۔ پنهنجن گهرن جا سامان کپائي هٿيار ته ورتا ويا ۽ جهاد في سبيل الله جي تحت پنهنجن پيٽن تي پٿر ته ٻڌا ويا ۔۔۔

    هن بحث جو اصل متو اهو ناهي ته اسرائيلي وزير اعظم ڇا چيو ، ڳالهه اها آهي ته اسين تاريخ مان ڪهڙو ٿا سبق پرايون، پنهنجي قوم جي آزادي ۽ ّخوشحالي لئه ڪهڙو رستو ٿا اختيار ڪيون؟ ڇا قرباني ۽ جان نثاري وارو رستو يا وري سمهون ۽ صبر ڪيو، يا وري اڃان به ائين ته منهنجو ڪهڙو ڪم؟

    دوست ناز! آزاديون پنڻ سان، روئڻ سان يا ايلازن ۽ منٿن سان ناهن ملنديون، بس الله ڪري ته اسين حق ۽ سچ جي راهه تي پاڻ ملهايون ۽ قرباني ۽ جان نثاري جا مثال قائم ڪري پنهنجي ديس کي ڪنهن منزل تي پهچايون۔

    هٿ مٿي آهن۔۔۔۔ رب کان دعا آهي ته اهڙو ڏينهن ڏيکاري ۔۔۔۔آمين
     
  6. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: تاريخ مان سبق

    بلڪل ادا نثار ابڙا هٿ به مٿي آهن ته اسان کي نظرون به آسمان ۾ ڪرڻ گهرجن ، صرف ان ڪري جو اڄڪلهه جي جهادي تنظيمن مطابق ته جلدي سسي ڪپايون ۽ حورون جيڪي اسان لا منتظر آهن اهي ماڻيون۔ باقي ايلاز منٿن روڄ راڙي واري ڳالهه به اسان جهڙا گهٽ ۾ گهٽ مون جهڙا ٽي درجي وارا شاعر لکندا آهن ، عام سنڌي ته روڄ راڙي ۽ ايلاز منٿن ايتري قدر همت ، جوش ، جذبي واري پيغامن تي به ڪن نه ڏيندا آهن۔ خبر ناهي ڇو هو آزادي جي نالي کان الرجڪ آهن، هتي ته صورتحال اها آهي ته جيڪڏهن آزادي وڻن تي لٽڪيل هُجي ها تڏهن به اسان وارا همراهه ان وڻ تان آزادي کي ٽوڙڻ گُناهه سمجهن ها باقي رت ڏيڻ وارا مجنان ڪڏهن کان لالا مال خلاص ٿي چُڪا آهن، ڪُٽي کائڻ وارا مجنان اصل مٺا مٺا هپ هپ ، ڪڙا ڪڙا ٿُو ٿُو جي ڌما ڌم لڳايو ويٺا آهن۔۔۔۔۔ وڌيڪ تون۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سمجهو آهين دُعائن جي ڌم لڳل آهي، ڪڏهن نه ڪڏهن دُعائون پوريون ٿينديون۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو