
نوٽ بڪ جا ورق - اياز ته اياز آهي ني ! -01
آدرش
دنيا جي سڀ کان سٺي ۽ وڻندڙ موسيقي پنهنجو نالو ٻڌڻ آهي. پنهنجي نانوَ ۾ اهڙي خوشبو آهي، جنهن جهڙي پوري ڪائنات ۾ ڪونه آهي. پنهنجي نالي کانپوءِ پنهنجي پرينءَ جو نالو وڻندو آهي.
”مون جڏهن پنهنجي محبوب جو نالو ورتو،
خزان بهار بڻجي وئي.“
***
اسان جي پاڙي جي شيخن جي مايُن کي الائي ڪهڙي بزرگ جي دعا ٿيل آهي ته اُهي پيار ۾ ٻار جو، ڇٺيءَ جي نالي کانسواءِ اهڙو نالو رکن جنهن جي خوشبو ئي نرالي، ڄاول ٻار ٿورو وڏو ٿيندو ته پيار مان کيس ڪتِڪتِايون ڪري، کلندي، سندس ڊيل ڊول موجب سُر ۾اهڙو نالو کڻندس، جو اهو نالو ٿڌڙي هير وانگر مٽن مائٽن ۽ پاڙي ۾ ڦهلجي ويندو. اهڙا عجيب نالا ٻار جي ننڍي عمر مهل ته وڻندا آهن، پر وڏي عمر ۾ داغ بڻجي ويندا آهن. لفافي تي چنبڙيل ٽِڪليءَ وانگر اهي نالا مُئي کان پوءِ به پَچَر نه ڇڏيندا آهن.
اسان جي شيخن ۾ جيڪي سُٺين ڪرسين تي يا ڊنگ واپاري آهن، تن جا نالا بگو، بُولو، ڪاڪلُ، ٻائو، لطُو، چانڊو، بئبلُ، ٽوني، هيرو، نئوُ، امن، شيدو ۽ ڪڪڙ وغيره آهن. جڏهن ته سندن گهر جي درن تي نالي جي تختين تي حاجي محمد الياس، زبير احمد شيخ ڊپٽي ڪمشنر، نوشاد احمد شيخ ڪليڪٽر ڪسٽمز لکيل آهن.
ڇوڪرين ۾ بَبلي، مُني، گهُگهي، جوجي، ٽِمي، ڊولِي، قرتي، عيني ۽ ڪاڪي وغيره آهن. جڏهن ته اصل نالا ڏاڍا سهڻا نرگس، سليما، شهربانو، شهزادي ۽ قرت العين وغيره آهن پر پيار کي ڇا ڪجي؟
شڪارپور سان لاڳاپو رکندڙ ڄام صادق علي خان جي وڏ وزارت مهل، شهرت ماڻيندڙ بالا عملدار ۽ هاڻوڪي سياستدان امتياز احمد شيخ جو پيار جو نالو طارق آهي. وري به شڪر ٿا ڪريون جو چڱو نالو اٿس، هجيس ها امِتو يا ولوُ يا ولڻ ته ماري ڇڏي ها!ٰ
***
ڌرتي جيڏي شاعر جو ڇٺيءَ جو، سرٽيفڪيٽ ۾ ، سرڪاري ڪاغذ پٽن ۾، جيل جي قيدين جي رجسٽر ۾، وڪالت نامي ۾ ۽ وائيس چانسلري آرڊر ۾ مبارڪ علي آهي. هن جي امڙ جي پيارو جو نالو، اوڙي پاڙي جي زائفن مردن جي وات تي ”مُبن“ هوندو هو ۽ دنيا ۾ ادب جي ميدان ۽ جهرجهنگ ۾ سندس نالو شيخ اياز آهي. شيخ اياز ته شيخ اياز آهي. اياز ڪون سڏائي؟ اياز جي جُتي ڪير پائي؟
***
لاڙڪاڻو ساھ سيباڻو آهي. هتان جي آرٽس ڪائونسل سرگرم آهي. مهيني ماسي منڊلي مچندي آهي. انهن پروگرامن ڪرائڻ ۾ انجنيئر جاويد شيخ سيڪريٽري جو هٿ هوندو آهي. ڏينهن رات ننڊ ڦٽل هوندي اٿس. هي پردي پويان هوندو آهي. پردي اڳيان مُنهن ٻين جو هوندو آهي ۽ اها چوڻي ٺهڪندي آهي ته ”ڪڪڙ ڪوريءَ جو، نانءُ وڏيري جو“ هونئن به ڪنهن کي گتي پئي آهي جو پردي پويان ويٺو ليئا پائي؟
***
آرٽس ڪائونسل جو چيئرمين ڊويزن ڪمشنر هوندو آهي. اسان جي لاڙڪاڻي ڊويزن جا ڀاڳ کليا، جو سنڌي ٻوليءَ جو پڙهيل ڳڙهيل برک نقاد، اڪبر لغاري صاحب، ڪمشنر بهادر ٿي آيو. ڀاڳن سان هن جي سدوري گهر واري شهناز شورو صاحبه به ليکڪا، جيڪا سنڌيءَ بدران اردوءَ ۾ ڪهاڻيون لکندي آهي ۽ اڄڪلهه پرڏيهي ملڪ ۾ انگريزيءَ ۾ ڊاڪٽورئٽ جي ڊگريءَ جي ڪم ۾ رُڌل آهي.
پاڻ آهيون ”لفظ پڙهون ٿا سؤلا سؤلا وارا ماڻهو“ سو، الف ليليٰ، چار درويش، سندباد جهازيءَ جا سفر ۽ لوڪ ڪهاڻيون پڙهي دل وندرايون، تاڙيون وڄائي فلمي گانا ۽ قواليون ڳايون. اهڙن ماڻهن اڳيان اڪبر لغاري صاحب جا ڳوُڙها، دقيق ساختيات، عمليات، باقيات ۽ پسَ پسِ ساختيات جهڙن ڳورن لفظن سان پر ٿيل مضمون، پنهنجي دُڪي جيتري دماغ ۾ ويهن ئي ڪونه، ان ڪري سائينءَ جن جو ڪو مضمون رسالي ”سارنگا“ ۾ ڏسان ته هڪدم ان جا پنا اسٽئپلر (Stapler) سان بند ڪري ڇڏيان.
ڪنهن اخبار ۾ مها ڏاهن جامي چانڊيو ۽ عبدالخالق جوڻيجي جا سمجهه کان ٻاهر، ڏاهپ ڀريل مضمون ڏسان، ته انهن مٿان سموسا ۽ مرچائي پڪوڙا رکي کاوان ته ڏاڍو مزو اچي وڃي.
***
ڪمشنر بهادر صاحب فيبروري 2016ع ۾ دل وٽان، هڪ ڏاڍو سٺو ڪم ڪيو. هن ٽي ڏينهن ”جشن اياز“ ملهايو، لايو سجايو.
***
روس جي سگهاري ليکڪ اَئوان ترگنيف جي جڳ مشهور ناول جي عنوان ”فادر ائنڊ سنز“(Father and Sons) وانگر، لاڙڪاڻي جي ادبي دنيا ۾ ”فادر اينڊ سنز“ مشهور آهن. اهي هر هنڌ، اڳيان اڳيان، حاضر ناظر هوندا آهن. مولودن جي مجلس هجي يا عشرت چوڌريءَ جو مُجرو هجي. ڪميونسٽ فلسفي ڪارل مارڪس جو جنم ڏينهن هجي يا ابوالاعليٰ مودوديءَ جي ورسي هجي، ڀٽي صاحب جي سالگرھ جو مشاعرو هجي يا ضياءُ الحق جي ورسي تي نعتيه مشاعرو هجي، ڊي آءِ جي جو ”بڙا کانا“ هجي، يا مشوري بزرگ جي خيرات هجي، هنن جا سدورا پير پيا ڀئرو ضررو ڀڃندا. شادباد منزل مُراد.
***
مون کي به سڪ جو سڏ مليو. پيغام آيو ته فون به آئي، پاڻ وري محفلن کان پاسيرا، ڪوٽ جي کيسي ۾ ڪتاب کڻي هلڻ وارا پر هڪ اياز صاحب جو جشن ٻيو مٺي دوست سجاد جي سِر ماري وڌو، سو ڪنڌ ڪڍائي نه سگهيس.
سجاد مهر سٺي دوست ۽ شاعر هئڻ سان گڏ سفر جو ڀلو آهي. پرديس ۾ منهنجي سار ائين لهندو آهي. جيئن ڪا ماءُ پنهنجي چرئي پٽ جي لهندي آهي. سجاد مهر اڳيان سفر تي ”نه“ هلڻ وارا نوَ ڪوٽ، واريءَ جي دڙن وانگر ڪري پوندا آهن.
مان هن کي کلي چوندو آهيان : ” سجاد ميان! مان تولاءِ سچ پچ ان ڄٽي زال وانگر آهيان، جيڪا پنهنجي ڇڳل چپل ۾ اڳڙي ٻڌي، اڇو برقعو پائي، پنهنجي مڙس جنهن کي ڪاون واري ڳاڙهي ٽوپي پاتل، گل وارو اڳٺ ٻڌل، جي پويان تڪڙو تڪڙو زاپڙ…زاپڙ ڪندي هلندي آهي. مڙس رهڙ ڏئي چوندس ”ڌيجان منڊي ٽنڊي آن ڇا! تڪڙو ڇونه ٿي هَلين ” ته به نه ڪُڇندي برقعي اندر کلندي مڙس کي ڪاٿي رحم آيس ۽ دڳ تان ڪنهن هٽ تان ڳڙ واري جليبي ۽ ڄمون وٺي ڏنائينس ته وات ۾ وجهي، برقعي اندر کائيندي، خوشيءَ مئون ڪنهن ڇيلڙيءَ وانگر ٽپا ڏيندي ويندي.“
***
شڪارپور ”جشن اياز“ لاءِ پردي تي اڳيان آيل رضوان گل صاحب اها نينڍ سائين ضياءَ شاھ ۽ عديل مهر صاحب کي به ڏني هئي. ٽي ڏينهن ماني ٽڪي ۽ هنڌ بستري جي دلجاءِ ڏني هُئائين. سو، اسان جي زالون سدوريون لٽا ڌوئڻ لڳيون، اسان به وارن کي رنگ ڪرڻ ۽ ٻوٿ کي تبت ٽالڪم پائوڊر هڻڻ لاءِ، دٻا وٺي آياسون.
***
آيو ڏينهن آيو. لٽڙا پسايو. اجهو سج نڪري ويو ”جشن اياز“ جو ڏينهن اچي ويو. عديل مهر صاحب چيو ته ”گاڏي آهي پر ڊرائيور ٻاهر ويو آهي سو توهان ڪو بلو ڪيو.“ ٻه ٽي سال اڳ مون کي مٿي جا چڪر (Vertigo) ٿي پيو هو. ڊاڪٽر صاحب سختيءَ سان ڊرائيونگ ڪرڻ کان جهليو هو. سو، مان ان ڪم جهڙو نه رهيو آهيان. هڪ ٻه ڊرائيورَ سُجهيا، انهن کي چئي ڏٺم پر اُهي به پنهنجين گاڏين ساڻ سوگها هيا.
سائين ضياءَ شاھ پنهنجن ڪن ضروري ڪمن سبب، هلڻ کان لاچاري ڏيکاري، اسان وري بائيڪ تي هلڻ جو فيصلو ڪيو ته سواري ۽ زائفان پنهنجي ڀلي. لاڙڪاڻو ڪهڙو پري آهي. سڏ پنڌ تي ته آهي. عديل مهر صاحب بائيڪ تي هلڻ کان هانءُ هاري ويٺو ۽ وئن تي وڃڻ لاءِ چيائين.
شام جا وڳا پنج گهوڙي تي وڌم سهڻا سنج، لکي در تي لٽن جي هڙ کڻي بيهي رهيم، ته سجاد مهر به بائيڪ تي اچي ٺڪاءُ ڪيو. مان به نئين نويلي ڪنوار وانگر، سورنهن سينگار ڪري، بائيڪ تي ويهي، سجاد کي چيلهه ۾ ڀاڪر پائي پاڻ سوگهو ڪيم. شهر ٽپياسون ته واٽ وارا وڻ سلامي ڏيڻ لڳا.
***
شڪارپور مان هلياسون ته اسان سان گڏ اُس هلڻ لڳي. بنگل ديري ۾ مٿان ڇانوَ آئي. لاڙڪاڻي ۾ سانجهي آئي.
رئيس واھَ جي ڪڙ ورتيسون، ته اڳيان چنگچيءَ بريڪ هنيو. اسان به بيٺاسون، سامهون هڪ دڪان جي وٽِ ۾ هڪ ٿلهي مائي پنهنجي ٻار کي چؤلو مٿي ڪري ٿڃ ڏئي رهي هئي ۽ بلب جي روشنيءَ ۾ مون کي ائپل سڊرا بوتل جي اشتهار ۾ ڇاپيل صوف وانگر نظر آيو.
اسان آرٽس ڪائونسل خير سان پڳاسون، سجاد ميان مونکي اڱڻ جي وچ تي لاهي، پاڻ ڪنڊ پاسي ۾ بائيڪ بيهارڻ ويو.
مان لهي ڪري ڪپڙا ڇنڊي، ننڍڙي ڦڻي ڪڍي، وار پيو سنواريان، ته سامهون شاعر سڳورو احمد سولنگي ڪار مان لٿو، هو سجاد کي بائيڪ بيهاريندو ڏسندي، منهنجي ڀرسان آيو ته سجاد به اچي ويو. ٻنهي سان ڏاڍو سهڻي نموني پيار مئون ڀاڪر پائي، عجب مئون پڇڻ لڳو. ”شڪارپور مان موٽر سائيڪل تي آيا آهيو؟“
مون وراڻيو مانس ” نه ادا! موٽر سائيڪل ٽرڪ ۾ رکي، ان ۾ چڙهي آيا آهيون.“
اسان کلندا ڪڏندا پروگرام هال ۾ آياسون. هال ننڍو هو. خبر ناهي ڇو وڏو هال ڇڏي ڪري، ان ننڍي هال ۾ پروگرام ڪيو هيائون!
اسٽيج تي ويٺل ۽ منتظمين جي اسان تي نظر پئي. هنن جي اک رڳو احمد سولنگيءَ ۾ ٻڏي. هڪ همراھ کي حڪم ڪيائون. تنهن ”چرس ۽ آفيم پڪڙ“ کاتي جي سابق ڊائريڪٽر کي ٻانهن کان وٺي، وڃي کيس اسٽيج تي گهوٽ ڪري ويهاريو. اسان چرس سلفيءَ ۾ وجهي، سوٽا هڻڻ وارا ۽ وات ۾ آفيم ذرو وجهڻ وارا، جهوٽن ۽ پنڪين ۾ هجون. سو ائين بيهي رهياسون. ڄڻ بايومئٽرڪ ڪرائڻ لاءِ ماستر آيا هجن.
اسٽيج تي هڪ دو نمبري دانشور آيو، هو شيخ اياز بدران الائي ڇا تي ليڪچر ڏئي رهيو هو. اهو دانشور نه ڏٺو وڻي، نه ٻڌو وڻي. مون ۽ سجاد ميان پويان پير ڪيا اسان هال مان ايئن نڪتاسون ڄڻ ريل جي دٻي مان ٽڪيٽون نه هئڻ ڪري. ٽي ٽي اڌ رات جو، ڪنهن ويران اسٽيشن تي ڌڪو ڏئي لاهي ڇڏيو هجي.
***
مان ۽ سجاد مهر ٻاهر نڪري ورانڊي ۾ آياسون ته اسان پويان دلبر يارُ ۽ شاعر منور سولنگي به هال مان نڪري آيو. ڀاڪر پائي، ٻنهي سان ملڻ کانپوءِ چوڻ لڳو : ” الائي ڇا پئي ڳالهايائين؟ مون کي ته سمجهه ۾ ئي نه پئي آيو“ مون چيو مانس : ” اهو دانشور ڳالهائيندو ناهي. ننڊ ۾ وڦلندو آهي.“
اسان ٽيئي ڄڻا ڳالهائيندا ٻولهائيندا، آرٽس ڪائونسل جي ورانڊي ڏانهن هلڻ لڳاسون، ته مُک دروازي وٽئون عديل مهر صاحب به، ڦڻي ڏيندو، ايندي نظر آيو ته سرهائي ٿي. اسان سان اچي مليو، اندر جو حوال ڏنوسونس ته ماٺ ٿي ويو.
ورانڊي ۾ ڪتابن جي نمائش لڳل هجي. اسان بڪ اسٽالن ڏانهن آياسون. ناميارو چترڪار سائين هارون چنو مليو ته ٿڪ لهي ويا. هارون چنو صاحب فل سوٽ ۾ ٺاهوڪو لڳي رهيو هو. هو مهين جي دڙي جي کوٽائي ڪرائيندڙ، آڳاٽن آثارن جي ماهر سرجان مارشل جو ڏيک ڏئي رهيو هو.
سائين هارون چني پنهنجي تصويرن جي هڪ هال ۾ نمائش ڪئي هئي. هو سنڌ جي سيبتي چترڪار سائين فتاح هاليپوٽي جو پيارو شاگر د آهي. سائين هارون، محترم اُستاد جي عهدي تان رٽائرڊ ٿيل آهي.
سائين فتاح چترڪاريءَ جي حوالي سان پاڻ ملهايو آهي. هن سنڌي ڪتابن جي ٽائٽلز کي هڪ نئون موڙ (Trend) ڏنو ۽ منفرد خطاطي (Calligraphy) سان ڏاڍا خوبصورت ٽائٽل ٺاهي هڪ انقلاب آندو.
فتاح صاحب، شرجيل جي نالي سان ڪهاڻيون ۽ نظم لکيا. ان ڏس ۾ هن جي ڪهاڻين جو مجموعو ” پن ڇڻ پڄاڻان“ ۽ ”نظمن جو ڳٽڪو ”ڇوليون“ سنڌي ادب جا منفرد ۽ پيارا ڪتاب آهن.
***
نوي جي ڏهاڪي ۾، سائين هارون، ٻه ٽي مهينا محنت ڪري، پيار جو پورهيو ڪري، شيخ اياز صاحب جو هڪ ڏاڍو سٺو پورٽريٽ ٺاهيو.
هارون صاحب ان پورٽريٽ کي ڏاڍو نفاست سان خوبصورت نموني بند (Pack)ڪيو. شڪارپور کان ويهن ڪوهن تي رهندڙ شهر چڪ مان، شيخ اياز صاحب کي پورٽريٽ تحفي ۾ ڏيڻ لاءِ، ڪراچي لاءِ ريل ۾ چڙهي پيو.
سائين هارون سنگت ساٿ وٽ اچي، تڙ ٻڙ ڪري، سينگارجي سنوارجي، ڪڇ ۾ پورٽريٽ کڻي، پرنس ڪامپليڪس ڪلفٽن ۾ وڃي، اياز صاحب جي فليٽ جي گهنٽيءَ تي آڱر رکي وڄائي، ادب سان ڪنڊائتو ٿي بيهي رهيو.
اياز صاحب ته جيڏو وڏو شاعر هو. تيڏو ئي شخصي طور سمنڊ هو. سمنڊ ته وري ڪڏهن ڇولين ۾، ته ڪڏهن سانت ۾، ان نڀاڳي ڏينهن سائين هارون جو ستارو ڪو گردش ۾ هو. اياز صاحب جي اندروني سمنڊ ۾ ڪا ڪاوڙ جي لهر آيل هئي. ادب ۽ احترام سان، نوڙي ڪري ٻئي هٿ ڏنا. اياز صاحب رُکي نموني، ٻه اڱريون ڏيندي، مُنهن ۾ گُهنڊ وجهي چيس ” چَئهُ؟“
سائين هارون ٻنهي هٿن ۾ تصوير جهلي، ادب مئون ڏيندي چيس: ” سائين! منهنجو نالو هارون چنو آهي. چڪ جو ويٺل آهيان. چترڪار آهيان. اوهان جو پورٽريٽ ٺاهيو اٿم سو سائينءَ جن جي خدمت ۾ پيش ڪرڻ آيس.“
اياز صاحب هٿ وڌائي، اڇل ڏيندي پورٽريٽ ائين ورتس ڄڻ خدو ٽپاليءَ کان خط وٺندو هجي. اياز صاحب پوءِ اندر وڃي، دروازو ڌڙام سان، زوم ۾ ائين بند ڪيو جو ٺڪاءَ تي سائين هارون جو ڇرڪ نڪري ويو.
سائين هارون کي اياز صاحب جي ان رويي تي ٽيهڙ تپ ٿي پيو. هن جي اندر جي باھ تڏهن لٿي ۽ تپ به لهي ويو، جڏهن هڪ رسالي ۾ انٽرويوءَ ۾ چيائين: ”شيخ اياز شاعر تمام، تمام وڏو آهي. باقي ماڻهو آلن ٽوهن ۾ ساڙائڻ جهڙو آهي.“
***
سائين هارون سان حوال ڪري، ميزن تي سجايل ڪتابن کي سڀ سنگتي ڏسڻ لڳا. مان به ڪتابن مٿان آهستي آهستي نظرون ايئن ڦيرائڻ لڳم، جيئن پنڌ ڪندڙ ٻار آهستي آهستي وکون کڻندو آهي.
منهنجي نظر ترڪندي ترڪندي ڪنڊ ۾ رکيل هڪ ڪتاب ” خزان زده پتي“ تي پئي. ڪتاب کڻي، هٿن ۾ اُٿلائڻ پُٿلائڻ لڳم. اهو ڪتاب منهنجي محبوب ليکڪ، فلسفي ۽ تاريخ تي ڏاڍو سؤلو ۽ سيبتو لکندڙ، ول ڊيورانٽ جي آخري ڪتاب (The Fallen Leaves) جو اردوءَ ۾ ترجمو هو. جيڪو ڊاڪٽر ثوبيا طاهر ڪيو آهي. ڪتاب ڏسي ايڏو خوش ٿيم، جنهن جو ڪو انت ئي ناهي. ميلي ۾ ڪتاب اڌ بها تي پئي وڪاميا. دير ئي نه ڪيم. سٿڻ جي ابداڻي ۾ رکيل نوٽ ڪڍي، ڪتاب خريد ڪيم.
مسٽر ول ڊيورانٽ جو اهو آخري ڪتاب هن جي ذاتي خيالن تي پکڙيل آهي. ان ۾ هن يار عقيدي کان وٺي تعليم تائين دل جون ڳالهيون، سادن، ۽ کليل لفظن ۾ ڪيون آهن. ڪو به رک رکاءُ نه ڪيو اٿائين.
ول ڊيورانٽ جو اهو ڪتاب ۽ ڪجهه خط گم ٿي ويا هيا. ول ڊيورانٽ 1981ع ۾ وفات ڪري ويو. هن جي ان ڪتاب جو مسودو ۽ خطن جو ڍڳ، ٻٽيهن سالن کان پوءِ 2013ع ۾،جڏهن هن جي سدوري پوٽي مونيڪا مشل (Monica Mishil) پنهنجو پراڻو گهر وڪڻي. ٻئي گهر لڏي پئي وئي ته سامان ٻڌندي، هن جي هٿ ۾ هڪ پيتي لڳي، ان مٿان ڊيورانٽ جو ڪاپيون.
عوامي آواز سنڊي ميگزين 27 مارچ 2016ع