• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال / اربع 30 مارچ 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* سنڌ سرڪار، لاهور ۾ مري ويلن لاءِ 5 لک ۽ ٽنڊي محمد خان ۾ مري ويلن لاءِ 2 لک منظورڪيا (خبر)
* * واهه ڙي قائم علي شاهه تنهنجو انصاف، سنڌ ۽ پنجاب جو فرق صاف ظاهر آهي (تبصرو)

* گھوٽڪي پوليس، ميوزيڪل نائيٽ جي حوالي سان هزارين روپيا اوڳاڙڻ لڳي (خبر)
* * هاڻ وري ڊانس ڪرڻ جي بهاني به لکين روپيا اوڳاڙيندي (تبصرو)

* مٽياري واسي رٽائرڊ ڪامورو نيب جي ڊپ ۾ بليڪ ميل، ڪروڙين وڃائي ويٺو(خبر)
* * سنڌي ڪامورو ۽ راشي نه هجي، کوڙو ئي ڪونه ٿو لڳي (تبصرو)

* عورتن کي حق نه مليا ته بغاوت جنم وٺندي: عورت ڪانفرنس (خبر)
* * ..پر عورتن کي حق مليا ته شايد مرد بغاوت ڪندا (تبصرو)

* سنڌ ۾ بارداڻي جي ورڇ شفاف ٿيندي: وزير ناصر حسين شاهه (خبر)
* * سائين...اجايو مذاق نه ڪندا ڪريو..!! (تبصرو)

* شهيدن جي هڪ هڪ ڦڙي جو حساب وٺنداسون: نواز شريف (خبر)
* * سکڻين دعوائن ڪرڻ ۾ حرج ئي ڪهڙو آهي؟ (تبصرو)

* نواز شريف پنهنجي تقرير ۾ پنجاب اندر آپريشن شروع ڪرڻ جو ذڪر نه ڪيو (خبر)
* * نواز شريف...پنجاب جو وزيراعظم؟؟ (تبصرو)

* ٺل لڳ 10 ورهين جي نياڻي کپائيندڙ پيءَ ۽ 70 ورهين جو گھُوٽ گرفتار (خبر)
* * 10 ورهين جي نياڻي ۽ 70 ورهين جو گھوٽ، ظلم جي به ڪا حد ٿيندي آهي؟ (تبصرو)

*مٺيءَ ۾ ڏڪار سٽيل 3 معصوم ٻارڙا فوت، انگ 282 ٿي ويو (خبر)
* * ڪيترا به ٿري ٻارڙا مرن، سيد قائم علي شاهه کي نڪي لهر نڪي لوڏو...!! (تبصرو)

* سنڌ ۾ ساڍا ٽي هزار اسڪول بند هئڻ جو اعتراف (خبر)
* * پر پوءِ به تعليم جو وزير نثار کھڙو ويٺو بُغليون وڄائي..!! (تبصرو)

* سنڌ اندر مڪاني ادارن ۾ 13 هزار جعلي ڀرتين جا 62 بااثرڪامورا ذميدار قرار(خبر)
* *افسوس! اڪثر سنڌي ڪامورا سنڌ لاءِ ڪينسر بڻجي ويا آهن (تبصرو)
 
Back
Top