فطرت جي حسناڪين جو ترجمان شاعر “ منصور ” سيتائي ( ربنواز سولنگي )

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ربنواز سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏2 اپريل 2016۔

  1. ربنواز سولنگي

    ربنواز سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 مارچ 2015
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    13
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    [​IMG]

    فطرت جي حسناڪين جو ترجمان شاعر منصور سيتائي

    ربنواز سولنگي


    اڄ کان اٺاويهه سال اڳ هڪ خوبصورت سلڇڻي، سٻاجهڙي هر ڪنهن سان نياز نوڙت سان پيش ايندڙ وڏين اکين،چمڪندڙ ۽ گول چهري واري ڇوڪرَ جڏهن جوانيءَ ۾ پير پاتو ته سندس معصوم صورت جوانيءَ جي رنگت ۾ رنگجي رسجي نکرڻ لڳي،سندس ڳل پڪل ڪنهن قنڌاري ڏاڙهونءَ جيان چمڪڻ لڳا، ڳاڙهن چپن،کير جيان اڇن ڏندن سان جڏهن کلندو هو ته سندس چارسُو گُل ٽڙي پوندا هئا، جوڀن جي مستيءَ ۾ جڏهن سندس ويڪرين ۽ وڏين اکين ۾ ڳاڙهي ڳاني نمودار ٿي ته انهن شرابي اکين ڪئين نازنينن جا هوش ته اڏايا ئي هوندا پر انهن اکين جو تاب سونهن پرست استاد بخاري به نه سهي سگهيو ۽ تڙپي چيائين ته منصور مون کي ائين اکيون کڻي نه ڏسندو ڪر. ( 1987ع جي ان حسين شام ۾ سنڌ جو هڪ سهڻو شاعر رضا لانگاهـ ۽ سندس محبوب دوست محبتي ملاح به موجود هيا جنهن هي لمحا پنهنجي ڊائريءَ ۾ لکي سنڀالي رکيا آهن ).
    26 آڪٽوبر 1971ع تي سيتاروڊ ۾ غلام عباس سولنگيءَ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ ميهر علي سولنگي ابتدائي تعليم سيتا روڊ مان حاصل ڪئي مئٽرڪ 1988ع ۾ سيتا روڊ جي هاءِ اسڪول مان ڪيائين.انٽر ڊگري ڪاليج خيرپور ناٿن شاهه مان ڪيائين ايم اي اردو ادب ۾1996ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين سال 1990ع ۾ پرائمري استاد طور ڀرتي ٿيو.
    ميهر جڏهن سيتا روڊ جي هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو هيو ته الطاف شيخ جي سفر نامن مان ڏاڍو متاثر ٿيو ائين هن کي لکڻ ۽ پڙهڻ جو شوق پيدا ٿيو.منصور جڏهن ستين ڪلاس ۾ پڙهندو هو ته ميهر “ناشاد” جي نالي سان شاعريءَ جي شروعات ڪيائين.سندس شروعاتي شعر ذهن تي تري ٿو اچي ته

    محبت جي مقصد کي ماڻڻ لاءِ ميهر،
    ڪا سهڻي ٿئي ٿي ڪو ميهار ٿئي ٿو.

    هي اهو وقت هيو جڏهن ميهر ڪنهن سهڻيءَ جي زلفن جو اَسير بڻجي پنهنجي خيالن ۽ خوابن جي دنيا ۾ هر روز ڪڪرن سان گڏ پيو اڏامندو هو ته وري ڪڏهن محبوب جي مڌماتي نيڻن مان مڌُ جا پيالا پي مدهوش ٿي پئي گهمندو هو، پوءِ اوچتو ئي اوچتو سندس سهڻي زندگي تيز وهڪرن جي وَر چڙهي ان پار هلي وئي جتان اڄ تائين ڪير به واپس نه موٽيو آهي،هن حادثي ميهر جي روح کي اهڙي رَهنڊ ڏني جو هن کان دانهن نڪري وئي رڙ ڪري چيائين ته؛
    موت تنهنجو ته هڪ بهانو هو،
    توکي رهڻو ئي هو جدا جانان.
    (منصور سيتائي)
    ۽ پوءِ دنيا کان ڪٽجي ديوانن جي دنيا ۾ خاڪ وسائيندو رهيو ۽ مجذوبيت اختيار ڪيائين. ميهر جڏهن پڙهائيءَ ۾ دلچسپي نه پئي ورتي ۽ رانديون ڪرڻ سندس کان رُسي ويون اداسيءَ جا پکي سندس اکين ۾ آکيرا ٺاهي اچي ويهي رهيا ،اهو سڄو لقاءُ سندس جي اسڪول جي هڪ بهترين استاد ۽ شاعر سائين فياض بلوچ ( پروفيسر شاهه پسند چانڊيو ) پئي ڏٺو.ميهر اسڪول کانپوءِ جڏهن وڃي ويرانيون وسائيندو هو ته سائين فياض بلوچ سائيڪل تي وڃي ڪڏهن ٻنين مان ته ڪڏهن شاخ جي ڪناري ويٺل ميهر کي واپس وٺي اچي دلداريون ڏيندو هو جنهن دردِ دل جي علاج واسطي هن جي ملاقات هڪ اهڙي ٻاجهاري ۽ شفيق انسان سان ڪرائي،جنهن هن سرمست ماڻهوءَ جي مستي ختم ڪئي ۽ هن جي زخمي روح جو علاج ڪري هڪ نئين زندگيءَ جو آغازڪرايو. اهو ماڻهو هيو سيتا روڊ جو استاد الشعراءُ استاد پيرل “پرديسي” سيتائي.جنهن نه صرف هن کي جيئڻ جو ڏانءُ ڏسيو پر ڏات ۽ فڪر جو دڳ پڻ ڏسيو.
    ميهر پنهنجي نئين زندگيءَ جو آغاز “منصور” سيتائيءَ جي نالي سان ڪيو.جنهن جو ذڪر پنهنجي شاعريءَ ۾ هن ريت ڪيو اٿائين.
    ٿو وڃي ميهر منجهان “منصور” ٿي،
    ڏات جي پئجي وڃي ڪنهن جي پٺيان.
    اسڪول اندر پنهنجي استاد قمرڀان جي اتساهڻ تي قومپرست سياست ۾ حصو پڻ ورتائين ۽ ادب ۽ سياست جي شروعات1986ع ۾ لطيف سنگت کان ڪيائين.
    منصور جي خاندان ۾ اڳ ڪڏهن ڪو اديب يا شاعر پيدا نه ٿيو هيو،جنهن مان هن کي ڪا رهنمائي يا اُتساهه مليو هجي پر سندس جي گهر توڙي گهر کان ٻاهرين منظرن جي فطرتي حسن منصور جي طبعيت ۾ شاعراڻو مزاج ضرور پيدا ڪيو هو.پنهنجي گهر جي وچ آڳُر تي قديم زماني کان بيٺل قدآور ڪنڊيءَ جي وڻ جي چوٽيءَ تي ويهي شام جو روزاني سيتا جي سونهن جو نظارو ڪندو هو.سندس گهر اڳيان ايريگيشن جي باغ ۾ رنگ برنگي گلن.پپر،نم،ٽالهي ۽ آسرنهن جي گهاٽن وڻن نارنگي،ڄمون،توت ۽ ليمن جي وڻن تي قسمين قسمين پکين جي ٻولين ۽ لاتين جا آواز، باغ کي پاڻيءَ ڏيڻ جي لاءِ کوهه تي نار کي هڪليندڙ ڏاند،باغ جي اڳيان وري وهندڙ پيچرڊ ڪئنال جي مستي جنهن جي ويڪرن ڪپرن جي ٻنهي پاسي ڊگهن وڻن جون قطارون،جنهن جي ڦڙدي واري موريءَ تان عجيب آواز ڪڍندي تيز رفتاريءَ سان ڪوڪون ڪري گذرندڙ ريل پنهنجي رفتار کي تيزيءَ سان گهٽائي بريڪن مان چڻگون ۽ چرڙاٽ ڪڍندي وڃي پليٽ فارم تي بيهندي هئي،جنهن جي ڀر ۾ اوڀر طرف مهراڻ ۽ اولهه طرف شڪيل سئنمائون جن جي لائوڊ اسپيڪرن مان شهر جي چئني ڪنڊن تائين ٻڌجندڙ مهدي حسن، مئڊم نور جهان،محمد رفيع ،لتا،محمد يوسف،رونا ليليٰ وغيره جا دل کي ڇهندڙ گانا.گاڏيءَ جي بيهندي ئي ٽانگا اسٽينڊ تي ڀڄندڙ گهوڙن جون هڻڪارون، ٽانگن جي بيٺل قطارن ۽ جيپن تي مسافرن جي لهه چڙهه اسٽيشن تي ميلي سمان ماڻهن جي رش ۽ اچ وڃ ريل جي وڃڻ کانپوءِ متل ميلي جو ڏيک ڏيندڙ اسٽيشن جو جهٽ پلڪ ۾ خالي ٿي وڃڻ. ٽانگا مختلف منزلن ڏانهن اچڻ ۽ وڃڻ وقت چاچي محمد موچيءَ جي مٽيءَ جي ٿانون جي دوڪان اڳيان ٺهيل حوض مان پاڻي پيئندا هئا،حوض جي ڀرسان ڳڙ بازار جي دوڪانن جي قطار اڳيان سنهري رنگ جي دمڙين جا لڳل ڍير، پريان مال گودام کان اسلم سمون جي ڪارخاني تائين ڊگهي قطار ۾ بيٺل مال گاڏن جي ڇتين تان مٿاڇري نظر سان موٽ کائيندڙ نگاهه جڏهن پنهنجي گهر ۾ واپس مڙس کان تار لوڙهي کان اندر ٽپندي هيس ته گهر اندر جريب کن جيڏي ميدان جي ڪنڊ ۾ ماهي ڀاڻ جي ڍير ڀرسان مال جي لاءِ ڪيل دونهيِءَ مان اٿندڙ کير جهڙي اڇي رنگ جي دونهي جي ڊگهي لاٽ تيز وهڪري سان مٿي وڃي هڪ هنڌ گڏ ٿي ڪڪر جي صورت اختيار ڪري نيري آسمان ۾ خوبصورت منظر پئي پيش ڪندي هئي،

    ان سمي ائين لڳندو هو ڄڻ بغداد جي الف ليلوي داستان جي ڪا گهٽي هجي، وڏي در جي ٻنهي تاڪن جي زور سان کلندي ئي مال جو ڌڻ ڊوڙندي چڙا ۽ ڇيرون وڄائيندي هڪ ٻئي کي داسا هڻندي اڳ ڪڍندي کُهيءَ جي چوطرف ڦري پاڻي پيئڻ ۾ لڳي ويندو هو ۽ پٺيان ايندڙ ڏاند گاڏيءَ تي بيٺل سوار سندس چاچو شمس الدين ٻئي مهارون ڦٽي ڪري هلندي گاڏيءَ مان ٽپ ڏئي ڏاندن جي نٿ ۾ هٿ وجهي ڏاندن جي سامهون اچي ناسن مان وڏا ڦوڪاٽ هڻندڙ مست ڏاندن کي پوئين پير هٽندي بيهارڻ جي ڪوشش ڪندو هو پيار منجهان منهن تي هٿ ڦيريندي ٻچڪارون ڏيندي پاڃاريءَ مان ڏورڻو ڪڍي سنهري ذريءَ سان ڀريل جهُل لاهي کين گهر ۾ آزاد ڇڏي ڏيندو هو.منصور جون نظرون اتان کڄي وري سيتا جي چوطرف ذرخيز زمينن ۾ سرنهن جي ڦولار تي وڃي کپنديون هيون ڪنڌ کي گول ڦيرائيندي شهر جي اوڀر پاسي پري کان جاڙين ندين جو ڏيک ڏيندڙ پيچرڊ ڪئنال ۽ پيارو شاخ،جن جي پريان سائين رحمانيءَ جو اڇو گنبذ جنهن سان لڳ سمنڊ جو ڏيک ڏيندڙ رحمانيءَ جي ڍنڍ مٿان اڇي رنگ جي ٻگهه پکين جي اُڏامَ ، جنهن ۾ ٻيڙيءَ تي مياڻيءَ جا ملاح مڇي ماريندي، هاءِ اسڪول جي سامهون روڊ جي ٻئي پاسي خوبصورت منظر پيش ڪندڙ وڏي ڍنڍ جنهن جي ٻئي ڪناري ساوڪ سان سرسبز ٻنين جي مٿان وڏي بند جو ڏيک ڏيندڙ جوهي بئراج جنهن مٿان نيري آسمان جي چادر جو سنگم،گدام جي سامهون گاري سان لنبيل بُهن جون وڏيون ڌڙيون ۽ ريلوي لائن جي اولهه پاسي سگنل جي سامهون لالي جي مڏيءَ تي جبل جي ٽڪرين جيان لڳندڙ ڪاٺين جا وڏا ڍير، پريان اوچي ڳاٽ سان آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ وائرليس ٽاور،اتر کان اولهه اڌ گول جيان ڦري ايندڙ جوهي بئراج جي پرين ڪنڌيءَ تي 1935 ۾ ٺهيل انگريزن جي عمارت مٿان موٽندڙ پکين جا ولر ۽ ملاحن جي ڍنڍ مٿان لهندڙسج جا منظر منصور جي من ۾ عجيب جلترنگ پيدا ڪندا هيا،. جن کي اڳتي هلي منصور سيتائيءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ هن طرح بيان ڪيو آهي ته

    بَڙ جي ڇانو، نديءَ ۾ ٻيڙيءَ جو منظر،

    ڳوٺن ۾ چانڊاڻ اُهائي ساڳي آ.
    ٻئي هنڌ وري پنهنجي گيت ۾ اهي منظر هيئن بيان ڪيا اٿائين ته؛
    ڪيترا گل ٽڙيا باغ ۾،
    ڪيئي ڀونرا مڙيا باغ ۾،
    جيئن آرس ڀڳو تو سکي!
    اُڀ ۾ مست بادل ٿيا،
    ويس سانوڻ وسڻ جا ڪيا،
    جيئن آرس ڀڳو تو سکي!
    رنگ چنريءَ جا نکري پيا،
    ساز پائل جا وکري پيا،
    جيئن آرس ڀڳو تو سکي!
    ڇال هرڻيءَ ڏنو ٽاهه ۾،
    ساهه ماپي نٿو ساهه ۾،
    جيئن آرس ڀڳو تو سکي!
    ٿر ۽ ڪاڇو به مهڪي اُٿيو،
    ساهه سنڌو نديءَ ۾ پيو،
    جيئن آرس ڀڳو تو سکي!

    جتي فطرت جي حُسناڪين جي انتهائي نفاست سان محسوسات منصور جي شاعريءَ کي پختي ٿيڻ ۾ وڏي هٿي ڏني آهي اتي سندس جي ذهني اوسر رهبري ۽ رهنمائي۽ ۾ استاد بخاري،الهنواز رڪڻائي،بشير سيتائي، قاضي مقصود گل،سرڪش سنڌي،ادل سومرو جهڙن رهبرن ۽ علي دوست عاجز،اسحاق سميجو ۽ ٻين ڪافي دوستن جي روح رهاڻين ۽ ميل ملاقاتن جو اثر پڻ رهيو آهي.جنهن سبب منصور هن وقت پنهنجي ٽهيءَ جي شاعرن ۾ سنڌ اندر الڳ مقام ۽ سڃاڻپ رکي ٿو،پاڻ شاعريءَ جي سڀني صنفن تي وڏي مهارت رکي ٿو جنهن ۾ گيت،وائي،غزل، نظم ۽ بيتن تي جديد انداز ۾ نوان تجربا پڻ ڪيا اٿائين پر جيتري قدر منصور جي شاعريءَ کي مون پرکيوآهي ته مان سمجهان ٿو ته سنڌ ۾ منصور سيتائيءَ جهڙو ترائيل هن وقت ڪو به نه پيو لکي مان کيس ترائيل جو ڪامياب شاعر ئي چوندس. سندس هي ترائيل ڏسو

    منهنجي نيڻن جي روشني آهين،
    تو سوا آئون ٺُپ انڌو آهيان.
    تون ئي منهنجي ته زندگي آهين،
    منهنجي نيڻن جي روشني آهين.
    من جي مندر جي مُورتي آهين،
    جنهن جي پوڄا پيو ڪندو آهيان.

    منهنجي نيڻن جي روشني آهين،
    تو سوا آئون ٺُپ انڌو آهيان.

    منصور جي گيتن تي سنڌ جي تمام بهترين شاعر علي دوست عاجز چيو آهي ته “منصور وٽ ڪيئي اهڙيون سٽون آهن ۽ اهڙيون سهڻيون ٿيون لڳن جيئن مور جا کنڀ گلدان۾ سجائي شوڪيس مٿان رکي ڇڏبا آهن.منصور جي گيتن ۾ اهو ويراڳ،جاڳ،اجهاڳ،اوسيئڙو آهي،هڪ نماڻائي ۽ سادگيءَ جي ادا آهي هڪ ڳوٺ آهي هڪ ڳوٺاڻي آهي ۽ انهن گيتن ۾ وڇوڙي جو ورلاپ آهي ۽ ملڻ لاءِ منٿون آهن.جيئن؛
    مند ڀلي مندن ۾ مٽجي،
    تون ته نه مٽجان يار،
    او منهنجا دلدار.!
    تو بن سرمو سينڌيون ڪهڙيون،
    اڻڀا اڻڀا وار،
    او منهنجا دلدار.!
    راتيون جاڳي جاڳي ڪاٽيان،
    سمهڻ نه ٿي ڏئي سار،
    او منهنجا دلدار.!
    سرديون آيون تون ڀي آءُ ني،
    منهنجي ڳچيءَ جا هار،
    او منهنجا دلدار.!
    تنهنجو نانءُ کڻي چيڙائن،
    سکيون سرتيون ڌار،
    او منهنجا دلدار.!

    شاعريءَ جي وڏي ڄاڻو ۽ پارکو سرمد چانڊيو منصورسيتائيءَ جي واين تي راءِ ڏيندي لکي ٿو ته“ منصور سيتائي هڪ تجربيڪار شاعر آهي جنهن ڇندُ وديا جي ميدان ۾ استاد شاعرن وارا تجربا ڪيا آهن”.
    سندس سماعتن جي حِس به ڪمال جي آهي،ريل گاڏيءَ جي ڇڪ ڇڪ،مال جون ڇيرون ۽ چَڙا ،ساڙهيءَ ۾ ڏڀجندڙ ٿڻن مان نڪرندڙ گُوها ،ولوڙجندڙ ڏُڌَ ،گاهه ڪتر جي مشين جي آوازن مان نڪرندڙ هڪ ئي سُرَ ۽ تال ۾ نڪرندڙ عجيب موسيقي سندس جي دل جي تَندُن کي ڇيڙيندي هئي،تنهن ڪري ئي سندس شاعريءَ جي سِٽ سِٽ ۾ موسيقي رقص ڪندي نظر ٿي اچي،جنهن ڪيفيت جو پنهنجي شاعريءَ ۾ منصور هيئن اظهار ڪيو آهي ته؛
    نِرتڪيءَ جا ٿا انگ انگ نچن،
    منهنجي مَن ۾ ٿا جلترنگ نچن.
    پاڻ پنهنجي گيتن تي ڪافي ڌنون به ترتيب ڏنيون اٿائين،جن ۾ لوڪ گيتن کان وٺي پاپ ميوزڪ تائين ڪئين ڌنون آهن.جنهن مان لڳي ٿو ته پاڻ راڳڌاريءَ جو به ڪافي ڄاڻو آهي.
    ٽيڪنڪ جي حوالي سان جديد شاعريءَ ۾ سنڌ اندر آڱرين تي ڳڻن جيترن شاعرن ۾ منصور جو به شمار ٿئي ٿو،لفظن جو ايڏو ته کيڏاري آهي جو هر سِٽ ۾ حرفِ تجنيسي جو خاص خيال رکي پنهنجي شاعريءَ کي ويتر خوبصورت ۽ مُترنم بنائي ٿو جنهن جو خاص ڪمال اهو آهي ته شعر جو مفهوم ۽ خيال به نه ٿو مري جيئن؛
    تو سُور ڏنو، سُور سو ناسُور ويو ٿي،
    آباد انهيءَ سُور سان،منصور ويو ٿي.
    حافظو به ڪمال جو اٿس پنهنجي ڪيل سموري شاعري برزبان ياد اٿس مون مختلف پروگرامن ۽ مشاعرن ۾ منصور کي ڪڏهن پني تان ڏسي شاعري پڙهندي نه ڏٺو آهي نه صرف پنهنجي شاعري پر ان سان گڏ شاهه صاحب، شيخ اياز، نارائڻ شيام،امداد حسيني، استاد بخاري، مير تقي مير، مير درد، مرزا غالب،ساحر لڌيانوي،اقبال،فيض احمد فيض،پروين شاڪر سميت ڪئين شاعرن جا هزارين شعر به ياد اٿس.ڪچهريءَ دوران نڪرندڙ مختلف موضوعن تي بحثن دوران موضوع سان ٺهڪندڙ شعر ٻڌائي محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيندو آهي.منصور جتي ڪچهرين جو مور ۽ محفلن کي رونق بخشيندڙ شخصيت آهي اُتي خبر ناهي ڇو هلندڙ ڪچهريءَ دوران الائي ڪهڙي ڪيفيت ۾ اچي متل ڪچهريءَ مان اٿي هليو ويندو آهي دوستن جي بار بار زور ڀرڻ تي به نه ويهندو،ائين متل ڪچهري کن پلڪ ۾ ڦٽايو ڇڏي.سندس جي اُٻهري ۽ جذباتي طبعيت تي ڪافي دوستن جي دل آزاري پڻ ٿيندي آهي،منهنجي سمجهائڻ تي ٿڌو شوڪارو ڀري چوندو آهي ته؛

    منصور سڄي عمر خود دار رهيو آهي،هن پڙهائي توڙي ٻي ڪنهن به ضرورت جي لاءِ ڪڏهن غريب مائٽن کان خرچ نه گهريو ٻيڙيون ٻڌي اڃان به مائٽن سان گهر جي خرچ ۾ حصو ڳنڍيندو هو.جڏهن حيدر آباد يونيورسٽيءَ پڙهڻ ويو ته شام جو پريس ۾ روزاني ڪوشش (اردوجنهن جو ايڊيٽر بي بي سي جو مايا ناز صحافي علي حسن هوندو هو) اخبار ۾ سب ايڊيٽر طور ڪم ڪري پنهنجي پڙهائيءَ جي خرچ جو پورائو ڪندو هو.
    يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ جي دوران ڪيل شروعات ۽ واپسي هڪ نظم(ٽي منظر_هڪـ ڪٿا) جي عنوان سان جديد،ڊراماٽيڪل ۽ خوبصورت انداز ۾ بيان ڪئي اٿائين جيڪونظم سندس جي ڪردار جي تمام ويجهو آهي ساڳيو نظم روزانوپاڪـ ۾ پڻ ڇپيو هو.
    منظر پهريون

    پردو کڄي ٿو.
    پريويس وارن جي ويلڪم پارٽي آ،
    ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن جي ٽهڪن کان پري
    ڪوماڻيل ڪَلي وانگر
    هڪ ڊڄڻي ڇوڪري
    مينهن ۾ ڀڳل جهرڪي وانگر
    خاموش ڪنڊ ۾ ويٺي آ
    جنهن کي اسٽيج تي سڏين ٿا ته
    روئي ٿي ڏئي
    جنهن کي ڳالهه ڳالهه تي کنگهه سان گڏ
    ڳوڙها اچي وڃن ٿا
    ڪو چوي ٿو ٽيوبرڪلوسز جو شڪار آ
    ڪا چوي ٿي ته ڊپريشن جو شڪار آ
    سڀ چمپا کان پري ٿا رهڻ لڳن
    صرف گوتم ئي سندس ويجهو آ
    کيس همٿائي ٿو.
    پردو ڪري ٿو

    ٻيو منظر.
    پردو کڄي ٿو.
    هاڻ جڏهن چمپا فيڪلٽيءَ ۾ اچي ٿي
    چئنين طرفن کان گل ٽڙي ٿا پون
    ڪاريڊور ۾ پري پري تائين
    هن جي ئي خوشبو ايندي ٿي رهي
    سيمينار لائبريري ۾
    هاڻ رڳو هن جا ئي ٽهڪ ٿا گونجن
    هاڻ هن جا گهڻا دوست ٿي ويا آهن
    ۽ ڪيترا ئي ڀوئنرا هن جو طواف ڪندا ٿا رهن
    هاڻي هوءَ
    خوشيءَ مان ڪپڙن ۾ نه ٿي ماپي
    ڄڻ ته فطرت جا سمورا رنگ
    چمپا ۾ سمائجي ويا آهن
    هاڻ هوءَ هر ڪنهن جي
    دلربا ٿي وئي آ
    صرف گوتم کان ئي پري پري ٿي رهي
    پردو ڪري ٿو.

    ٽيون منظر.
    پردو کڄي ٿو.
    فائنل جا پرچا ختم ٿي چڪا آهن
    فائنل جي فيئر ويل پارٽي آ
    چمپا اسٽيج تي ايندي ئي
    ڇانئجي ٿي وڃي
    گوتم کي اسٽيج تي سڏين ٿا ته
    روئي ٿو ڏئي
    جنهن کي ڳالهه ڳالهه تي
    کنگهڻ سان ڳوڙها ٿا اچي وڃن
    چمپا سان محبت جو اظهار نه ڪرڻ جو ڏک
    يونيورسٽي کان الڳ ٿيڻ جي تڙپ
    گوتم خزان جي پنن جيان وکري ويو آ
    ڪوئي چوي ٿو ٽيوبر ڪلوسز جو مريض آ
    ڪا چوي ٿي ڊپريشن جو شڪار آ
    سڀئي پنهنجي گهرن ڏانهن وڃي چڪا آهن
    ۽ گوتم پنهنجي ڳوٺ
    ڪنهن لٽيل مسافر وانگر
    وڃڻ جي تياري ٿو ڪري.
    پردو ڪري ٿو...

    .منصور ڪجهه ٽائيم صحافت پڻ ڪئي آهي،سيتا روڊ جي هاءِ اسڪول جي گرائونڊ تي قبضي خلاف جڏهن اسڪول جي استادن،شاگردن ۽ شهرين احتجاج ڪيو ته صرف منصور ئي جاڳو اخبار ۾ اهي خبرون رپورٽ ڪرايون با اثر ڌر هجڻ سبب ان وقت جا ٻيا صحافي خاموش تماشائي بڻجي ويا نتيجي ۾ وچ بازار ۾ منصور تي حملو ٿيو،جنهن تي ان وقت جي ماياناز صحافي ۽ جاڳو اخبار جي ايڊيٽر فقير محمد لاشاري ڪالم لکيا هئا. منصور استاد پيرل پرديسي سيتائيءَ کان پوءِ ذميواري ۽ مستقل مزاجيءَ سان سنڌي ادبي سنگت ( شاخ ) سيتاروڊ جي استاد شاعر جي حيثيت سان وسيم آڪاش سيتائيءَ کان وٺي ذاڪر سيتائيءَ تائين ۽ فياض منصور کان مون تائين هر نو جوان جي رهبري ۽ رهنمائي ڪري علم جي آبياري ڪئي آهي.هو نه صرف نوجوانن جي اصلاح ڪري ٿو پر سندن ذهني نشونما جي لاءِ مختلف وقتن تي ليڪچر پروگرام،مشاعرا ۽ ٻيا کوڙ تفريحي پروگرام ڪرائي سيتا روڊ اندر ادبي سرگرميون زور شور سان جاري رکيون پيو اچي،جن پروگرامن ۾ سڄي سنڌ مان دوست شرڪت ڪندا آهن .منصور جتي فطرت جي رنگن،اندر جي اڌمن ۽ احساسن سان ٽمٽار شاعري ڪئي آهي ته اُتي طبقاتي سماج ۽ غربت ۾ پيسجندڙ قوم ۽ ڌرتيءَ جي لاءِ پنهنجي اندر جي احساسن کي هينئن بيان ٿو ڪري ته؛
    پڪل گدرا ڳلڙا،ڏنگيل ڏوڏا چپ،
    گهر گهر اٽي لپ،پنندي وتي نينگري.
    ٻئي هنڌ وري هينئن به اظهار ڪيو اٿائين ته؛
    جيئن جيئن سج چڙهي،
    ڪاڇي ڪونج رڙي.
    پاڻي ڦڙو ناهه ڪو،
    ٻاجهر سنگ سڙي،
    ڪاڇي ڪونج رڙي.
    سڀڪو ويو سُڪار ڏانهن،
    ڪنهن سان جيءُ جُڙي،
    ڪاڇي ڪونج رڙي.
    منهنجو سڀ ڪجهه ويو هليو،
    تنهنجي يار اڙي،
    ڪاڇي ڪونج رڙي.

    عالمِ انسان جي آزاديءَ جي خواهان ۽ محبت کي مذهب سمجهندڙ منصور سيتائي پنهنجي شاعريءَ ۾ هيئن پيغام ڏئي ٿو ته؛
    ظلم مِٽجي وڃي، جيئي مظلوم جيئن،
    امن گهرجي مونکي، دشمني ڇا ڪبي.
    منصور 1988ع ۾ پنهنجي سڳي سوٽ سان شاديءَ جي ٻنڌجڻ ۾ ٻڌجي ويو،کيس هڪ نياڻي اقرا ڪوثر ۽ ٻه پٽ فياض منصور ۽ اياز منصور آهن.جن مان فياض منصور پنهنجي پيءُ جي نقشِ قدم تي هلندي شاعري پيو ڪري،سندس مرتب ڪيل ڪتاب “چوڏس مينگهه ملهار” شايع ٿي چڪو آهي،گهر ۾ سندس اثر جي ڪري سندس چاچو ۽ سهرو بچل “بيوس” پڻ تمام سٺي شاعري ڪري رهيو آهي جنهن جي شاعري ساڳي ڪتاب ۾، ۽ وسيم آڪاش سيتائيءَ جي مرتب ڪيل ڪتاب “ڏهر منجهه ڏيئا” ۾ ڇپيل آهي.
    منصور هن وقت پنهنجي عمر جون 44 بهارون ماڻي چڪو آهي هن ٿوري عرصي ۾ هو فن ۽ فڪر جي لحاظ کان ڪافي بلندين کي ڇهي چڪو آهي،سندس شاعريءَ جو هڪ ڪتاب (رنگين تنهائي) ڇپجڻ جي آخري مرحلي ۾ آهي جڏهن ته شاعريءَ جي ٻن ڪتابن ۽ نثر جي هڪـ اڻ ڇپيل ڪتاب جو مواد موجود اٿس.دعا آهي ته شال سدائين علم جي آبياري ڪندي علم جي جوت جڳ جهان ۾ ڦهلائيندو رهي.سندس جي ئي چيل دعا سان کيس دعا جا گل پيش ڪجن ٿا؛

    اکيون ڄڻ سنڌو، وار تنهنجا ڪڪر،
    تنهنجا چپ آهن سنڌيءَ جا اکر.
    رهين شال کلندو گلابن جيان،
    مٿان ماڪ ٿي تنهنجي پوندو رهان.
    منهنجي دل ٿي هر هر دعا هي ڪري
    سدا سونهن تنهنجي سلامت رهي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    غزل

    منصور سيتائي

    شبنمي جام جيون جو ٽڪرائجي،
    جهومجي زندگيءَ کي به جهومائجي.

    حُسن امرت آ، ڍُڪـ ڍُڪـ ڪري پيئجي،
    نِينهن نيڻن ۾ سُرمو ڪري پائجي.

    ڀل ته سنگهرون وجهن، ڀل ته گهوگها ڏين،
    موت سامهون ڏسي ڀي نه گهٻرائجي.

    نفرتن جا پيا روز ٽانڊا وسن،
    پريم جي پارَ جي راڳڻي ڳائجي.

    سُونهنَ تنهنجيءَ جون سايون وليون سڀ رهن،
    باغ تنهنجي بدن جو نه ڪومائجي.

    ياد منصور صديون زمانو ڪري،
    رنگ جيون کي اهڙو چٽو لائجي.

    منصور پيارو شاعر آهي .. اوهان تمام سٺو لکيو آهي.

    سنڌ جي ٻن سهڻن سرجڻهارن منصور سيتائي ۽ جميل سومري سان گڏ اياز ميلي، خانه بدوش سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾


    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو