• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال /خميس 31 مارچ 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* پنجاب ۾ دهشتگرديءَ جون نرسريون آهن: خورشيد شاهه (خبر)
* * شاهه صاحب! سنڌ ۾ رشوت جون نرسريون، اوهان کي نظرڪونه ٿيون اچن؟ (تبصرو)

* غلام نبي شاهه ۾ 14 ورهين جي هارياڻيءَ سان اجتماعي لڄالُٽ، جرڳي طرفان 30 مڻ ڪڻڪ ڏنڊ (خبر)
* *هيڏا هاڃا ٿين بُري هن ڀنڀور ۾. ڇا جرڳي وارا پنهجن ڌيئرن جي عزت جو به ائين سودو ڪندا؟ (تبصرو)

* سنڌ ۾ سمنڊ 20 لک ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو: سينيٽ ڪاميٽي (خبر)
* * پر پنجاب جو وزيراعظم نواز شريف انهيءَ سچائيءَ کان اڃا بي خبر آهي (تبصرو)

* ڪراچيءَ ۾ استادن جي ڌرڻي تي تشدد، اسلام آباد ۾ ڌرڻي وارن سان ٺاهه (خبر)
* * ...اهو فرق آهي اسلام آباد ۽ سنڌ ۾ (تبصرو)

* سيوهڻ ويجھو، مفت ۾ ڇانهين ڏيڻ تي زميندار،هاريءَ کي قتل ڪري ڇڏيو(خبر)
* * سنڌ ۾ قائم علي شاهه جهڙا حڪمران هوندا ته اهڙا ظلم ٿيندا (تبصرو)

* آبپاشي ماهرن هيل وري ٻوڏ جو خطرو ظاهر ڪري ڇڏيو (خبر)
* * سنڌي ڪامورن ۽ آصف زرداريءَ لاءِ خوشخبري.....!!(تبصرو)
 
Back
Top