جت ويڄ نه طبيب : ڊئوڊ ورنر، سنڌيڪار : ڊاڪٽر علي مرتضٰي ڌاريجو

'متفرقه سنڌي ڪتاب' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏3 اپريل 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,811
    ورتل پسنديدگيون:
    27,198
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
    ميڊيڪل يا علاج معالجي جي حوالي سان عام بيمارين، تدبيرن ۽ پرهيز بابت هڪ انتهائي اهم ڪتاب ”جت ويڄ نه طبيب“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب Where there is no Doctor ڊئوڊ ورنر جو لکيل آهي جيڪو 100 کان وڌيڪ ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو ڊاڪٽر علي مرتضٰي ڌاريجو صاحب ڪيو آهي ۽ هيسپرين جي ويب سائيٽ تي شيئر ڪيو ويو آهي. اميد ته هي ڪتاب عام ماڻهن لاءِ گهڻو لاڀائتو ثابت ٿيندو.


     
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,218
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    لک قرب ، سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ هڪ سهڻو اضافو
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سيد خادم سبحان ڏاڏاهي

    سيد خادم سبحان ڏاڏاهي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 نومبر 2011
    تحريرون:
    101
    ورتل پسنديدگيون:
    166
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    ٽيچر
    ماڳ:
    بڪيرا شريف تعلقو ۽ ضلعو ٽنڊو الهيار
    سنڌ سلامت جي هي سهڻي سوکڙي دل کي وڻي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,480
    ورتل پسنديدگيون:
    5,963
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    383
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    ماشاالله.... تمام بهترين ۽ معلوماتي ڪتاب آهي.

    اها حقيقت آهي ته سنڌي ۾ صحت بابت ڪتابن جي شديد کوٽ هئڻ ڪري ڪيترائي ماڻهو عام بيمارين جي بنيادي معلومات کان به اڻ ڄاڻ آهن. انهي سلسلي ۾ هي ڪتاب هڪ اهم اضافو آهي.

    سرسري نگاهه سان ڪتاب جي چند حصن جو مطالعو ڪيم ته ڪجهه اهم غلطيون نظر آيون آهن. جنهن مان اندازو ٿئي ٿو ته سڄي ڪتاب کي غور سان ۽ مڪمل پڙهڻ جي ضرورت آهي...!!

    في الوقت جيڪي غلطيون ڏٺيون آهن انهن جي نشاندهي ڪري رهيو آهيان.

    [​IMG]

    دن جي هرنيا هڪ پيدائشي نقص آهي. عام طور تي ڏيڍ کان ٻن سالن جي عمر ۾ اهو نقص پاڻ مرادو صحيح ٿي ويندو آهي ۽ دن جي سوڄ مڪمل ختم ٿي ويندي آهي. جيڪڏهن ايئن نه ٿئي ته پوء آپريشن ڪرائڻ ضروري هوندو آهي ، 5 سال انتظار ڪرڻ غيرضروري آهي ڇاڪاڻ جو آنڊي جو دن واري سوراخ مان ٻاهر نڪري اچڻ ، تنگ سوراخ ۾ ڦاسي پوڻ ۽ مڪمل بند ٿي ڦاٽي پوڻ جا خطرا وڌي ويندا آهن.

    دن جي سوڄ مٿان ڪپڙو ، پٽي يا سڪا وغيره زور سان ٻڌڻ نهايت خطرناڪ عمل آهي ( ڳوٺن ۾ اهو ٽوٽڪو عام ڪيو ويندو آهي.) ، ايئن ڪرڻ سان دن واري کل ۾ زخم ٿيڻ ، انفيڪشن ٿيڻ ۽ خراب ٿي ڦاٽي پوڻ جا خطرا ٿين ٿا.

    Hydrocele of Hernia....!!!

    هن قسم جو ڪو به ٽرم ميڊيڪل ۾ استعمال نه ٿيندو آهي. هائيڊروسيل هڪ الڳ بيماري آهي ۽ هرنيا هڪ الڳ بيماري آهي.
    ٻئي بيماريون هڪ ئي وقت به ٿي سگهن ٿيون پر اڪثر ڪري الڳ الڳ ٿينديون آهن.

    جڏهن گولي (Testis) جي چوڌاري پاڻي ڀرجي وڃي ته ان کي هائيڊروسيل چيو ويندو آهي.
    جڏهن پيٽ جو آنڊو ٻاهر نڪري سوڄ ڪري ته ان کي هرنيا چوندا آهن.

    ڪجهه ٻارن ۾ آنڊي لهڻ سان گڏ پاڻي به گولي جي چوڌاري جمع ٿي ويندو آهي. ان کي هرنيا سان گڏ هائيڊروسيل (Hernia with hydrocele) چوندا آهن.

    ٻنهي بيمارين جو علاج صرف آپريشن آهي ، پر رڳو هائيڊروسيل هجي ته ٻن سالن تائين انتظار ڪيو ويندو آهي. انهي عرصي دوران اڪثر ٻارن ۾ اهو جمع ٿيل پاڻي سُڪي ويندو آهي ۽ سوڄ پاڻ مرادو ختم ٿي ويندي آهي. ٻي صورت ۾ ٻن سالن کانپوء انهن ٻارن جو آپريشن ڪرائڻ به ضروري آهي.

    هرنيا ۾ انتظار ڪرڻ نقصانده هوندو آهي ڇاڪاڻ جو آنڊي جي لهي اچڻ جا خطرناڪ نتيجا نڪري سگهن ٿا.

    سوڄ واري جاء تي ٽارچ واري ٽيسٽ "سبب" ڳولهڻ لاء نه ڪئي ويندي آهي بلڪه ان جو مقصد سوڄ ڪندڙ بيماري جي تشخيص آهي. بيماري جا سبب اصل ۾ پيدائشي نقص هوندا آهن.
    ٽارچ جي روشني گذارڻ سان اها پڪ ڪئي ويندي آهي ته اها سوڄ آنڊي جيڪري آهي يا پاڻي جيڪري آهي. جنهن سان اصل بيماري جي تشخيص ۾ مدد ملي ٿي.

    آخري تصوير ۾ هرنيا ۽ لمف نوڊ (غدود) جو فرق ٻڌائيندي اهو ٻڌايو ويو آهي ته هرنيا جي سوڄ ٻار جي ليٽڻ سان ختم ٿيو وڃي پر غدود وري سوڄ ختم ڪو نه ٿئي. جيتوڻيڪ اها ڳالهه درست آهي پر ڪجهه ٻارن ۾ ان ساڳي جاء تي پاڻي جي ٿيلهي به غدود وانگر سوڄ ڪندي آهي، جيڪا ليٽڻ سان ختم نه ٿيندي آهي.
    غدود جو انهي جاء تي سوڄ ڪرڻ کان وڌيڪ ان پاڻي جي ٿيلهي جي موجودگي جا امڪان وڌيڪ هوندا آهن.


    [​IMG]
    شايد مٿين تصوير ڇپائي جي غلطي سان فلپ يا مرر اميج مطلب اُلٽي لڳي وئي آهي. ڇاڪاڻ جو اپينڊڪس ، جگر ۽ پتو انسان جي پيٽ ۾ کاٻي پاسي نه بلڪه ساڄي پاسي موجود هوندا آهن.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو