شهيد ذوالفقار علي ڀٽو: هڪ سحر انگيز شخصيت

'ذوالفقار علي ڀٽو' فورم ۾ منيراحمد ملڪاڻي طرفان آندل موضوعَ ‏3 اپريل 2016۔

  1. منيراحمد ملڪاڻي

    منيراحمد ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 نومبر 2011
    تحريرون:
    21
    ورتل پسنديدگيون:
    54
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    213
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين سنده
    بيشڪ باني پاڪستان قائداعظم کان پوءِ اگر ڪنهن ليڊر جو نالو اجاگر ٿيو هجي، جنهن عوام جي دلين ۾ پنهجو مقام ٺاهيو هجي، يا جنهن کي عوام پنهنجو قائد تسليم ڪيو هجي اهو صرف قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو ئي آهي. جنهن کي نہ صرف پاڪستان بلڪہ عالمي سطح تي پاڪستان جو ليڊر مڃيو وڃي ٿو.
    پاڪستان جي تاريخ ساز سياسي شخصيت ذوالفقار علي ڀٽو جو جنم 5 جولائي 1928ع تي صوبي سنڌ جي شهر لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. ذوالفقار علي ڀٽو سر شاهنواز جو ٽيون نمبر پٽ هو، سر شاهنواز کي برطانيہ طرفان سر جو خطاب ڏنو ويو. هن کي هند جي سياست ۾ هڪ اهم مقام حاصل هو. ذوالفقار علي ڀٽو بمبئي ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪئي. 1950ع ۾ ڪيليفورنيا يونيورسٽي مان گريجوئيشن ڪئي، تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ڪراچي ۾ وڪالت جو آغاز ڪيو ۽ پوءِ 1953ع ۾ سنڌ مسلم لاءَ ڪاليج ۾ بين الاقوامي قانون پڙهائڻ شروع ڪيائين.
    ذوالفقار علي ڀٽو جي سياسي طرز جو آغاز نوجواني ۾ ئي ٿي چڪو هو 1957ع ۾ 29 سالن جي ڄمار ۾ هو اقوام متحده ۾ پاڪستان جو ڪم عمر رُڪن مقرر ٿيو، ڀٽو جي خداداد قابليت ۽ ذهانت کي ڏسندي اسڪندر مرزا هن کي پنهنجي ڪابينہ ۾ بطور وزير شامل ڪيو، 28 آڪٽوبر 1958ع تي جنرل ايوب خان کيس معدنيات جو وزير مقرر ڪيو ۽ 29 جنوري 1963ع تي وزير خارجہ محمد علي بوگره جي وفات کانپوءِ ڀٽو صاحب کي وزير خارجہ جو قلمدان ڏنو ويو، هن جي پذيرائي ۾ تڏهن اضافو ٿيو جڏهن هن وزير خارجہ جي ذميواري سنڀالي، اهو پاڪستان جي آزاد خارجہ پاليسي جو آغاز هو.
    ذوالفقار علي ڀٽو جو شمار 20هين صدي جي عظيم انقلابي اڳواڻن ۾ ٿئي ٿو، هن نظرياتي ۽ علمي اعتبار سان بنيادي سياست جو بنياد رکيو، شهيد ڀٽو پراڻي فرسوده ڪلچر کي دفن ڪري هڪ نئين سياسي ڪلچر جي بنياد رکي جنهن ۾ ووٽ جي طاقت هڪ غريب طبقي جي هٿ ۾ آئي، اهي اصول اڄ پاڪستان جي سياست ۾ تسليم ٿي چڪا آهن، شهيد ڀٽو جنهن سياسي ڪلچر کي عوام ۾ روشناس ڪرايو ان ۾ هڪ جاگيردار ۽ امير ڪبير شخص کي بہ ووٽ وٺڻ لاءِ هڪ غريب جي در تي وڃڻو پوي ٿو. ڀٽو صاحب پاڪستاني روايتي سياست کي ڊرائينگ روم ۽ اخباري بيانن مان ڪڍي عوام سان گڏ روڊن ۽ گلين تي وٺي آيو. هو چوندو هو هڪ ڀٽو آئون آهيان ۽ ٻيو ڀٽو عوام آهي، ڀٽو ۽ عوام ۾ ڪو فرق ناهي.
    پاڪستان پيپلز پارٽي جي آغاز کان اڳ هن عوام سان جڙيل پنهنجي رشتي کي مضبوط ڪيو جنهن لاءِ هي سڀ کان پهرين اقتدار جي لالچ کي ڇڏي عوام جي صفن ۾ اڳيان آيو ۽ ايوب جي فوجي آمريت خلاف هڪ عوامي تحريڪ جو آغاز ڪري هڪ تاريخي جدوجهد ڪندي هن ملڪ کي پارلياماني جدوجهد ۽ متفقہ آئين جو تحفو ڏنو ۽ عوام کي جمهوريت جي تصور کان روشناس ڪرايو.
    30 نومبر 1967ع تي ڀٽو صاحب پنهنجي چند دوستن ۽ عزيزن سان گڏ گلبرگ لاهور ۾ ڊاڪٽر مبشر حسن جي گهر پارٽي جو بنياد رکيو جنهن ۾ چار ميمبرن تي مشتمل پيپلز پارٽي جي سپريم ڪائونسل بڻائي وئي جنهن ۾ ڀٽي صاحب جو ڪو بہ ويجهو رشتي دار شامل نہ هو، ڀٽو ان وقت غريبن جي حق ۾ انقلاب آڻڻ جو اعلان ڪيو ۽ آخر تائين غريبن جي حقن لاءِ وڙهندو رهيو. ڀٽو صاحب ڏينهن رات محنت ڪري پاڪستان پيپلز پارٽي کي پاڪستان جي مقبول ترين سياسي پارٽي بڻايو.
    1970ع ۾ ٿيندڙ عام اليڪشن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي اٽي لٽي ۽ اجهي جي نعري هيٺ اليڪشن ۾ حصو ورتو ۽ مغربي پاڪستان ۾ اڪثريت حاصل ڪئي ۽ 1971ع ۾ وري پاڪستان بنگال کان ڌار ٿيو تہ ان سال ڀٽو صاحب پاڪستان جو ٽيون صدر منتخب ٿيو ۽ 14 آگسٽ تي پهريون اسلامي قانون نافذ ڪيو ۽ خود وزيراعظم بڻجي ويو.
    1976ع ۾ پاڻ جنرل ضياءَ الحق کي ملڪ جو چيف آف آرمي اسٽاف بڻايو تہ هر سطح تي ان فيصلي جي تنقيد ڪئي وئي پر پاڻ پنهنجي فيصلي تي قائم رهيو. جنرل ضياءَ الحق ان بعد 5 جولائي 1977ع تي ملڪ ۾ ٽيون مارشل لاءَ نافذ ڪري ذوالفقار علي ڀٽو کي جيل ۾ وجهي ان تي قتل جي ڪوشش ڪرڻ جو مقدمو هلايو جنهن جي نتيجي ۾ کيس 4 اپريل 1979ع ۾ ڦاسي ڏئي شهيد ڪيو ويو.
    ڀٽو پنهنجي اقتداري دور ۾ عوام جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ڪيترائي ڪم ڪيا. ذوالفقار علي ڀٽو هڪ نئين جديد سوچ جو مالڪ هو، هو پاڪستان کي وڌندڙ حالتن ۽ وقت سان گڏ هلائڻ چاهيندو هو انهي ڪري هن هڪ اهڙي سياسي پارٽي ٺاهي جنهن جو منشور فلاح ۽ بهبود ۽ عوامي خدمتن تي مشتمل هو. ڀٽي صاحب ٿوري وقت ۾ ئي عوام جون دليون کٽي ورتيون هيون، هن جي دؤر حڪومت ۾ ئي پاڪستان ايٽم بم ٺاهڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون هيون، پاڪستان اسٽيل مل ۽ ٻيا ادارا وجود ۾ آيا، ڀٽو زراعت کي فروغ ڏيڻ لاءِ جديد زرعي اوزار زميندارن ۽ هارين کي مفت ۽ آسان شرطن تي ڏنا تہ جيئن ملڪ ۾ زرعي جنسن جي پيداوار وڌي، اهڙي طرح صنعت ۽ تجارت جي شعبن کي بہ هٿي وٺرائڻ لاءِ نوان منصوبا تيار ڪيا ۽ برآمدات کي وڌائڻ لاءِ پيداوار ۾ واڌارو ڪيو.
    ڀٽو جي قابل ذڪر ڪارنامن ۾ وڏو ڪارنامو پاڪستان کي ائٽمي رياست بڻائڻ هو، ڀٽي صاحب ان ڪم لاءِ عظيم سائنسدان عبدالقدير خان کي هتي آندو ۽ هنکي ائٽم بم ٺاهڻ جو ڪم سونپيائين.
    سندس ٻيو وڏو ڪارنامو پاڪستان کي نئون آئين ڏيڻ هو ۽ سندس ٽيون وڏو ڪارنامو اسلامي سربراهي ڪانفرنس منعقد ڪرائڻ هو جنهن ۾ اسلامي دنيا جي تقريبن سڀني حڪمرانن شرڪت ڪئي. ڀٽي اسلامي ملڪن جي سربراهن کي هڪ جڳھ تي گڏ ڪري انهن کي اتحاد ۽ يگانيت جي اهميت کان آگاھ ڪرايو.
    ان کان علاوه ڀٽو دؤر جي سونهري ڪارنامن ۾ ڪراچي ۾ ائٽمي بجلي گهر جو قيام، 90 هزار جنگي قيدي انڊيا مان ڇڏائڻ، اوپن يونيورسٽين جي ايجاد، شاهراه قراقرم جي تعمير، پورٽ قاسم جي تعمير، چشمہ ۽ ٻين بئراجن جي تعمير، فرانس ۽ ڪئناڊا سان ٻہ ائٽمي معاهدا ڪرڻ، وزارت مذهبي امور جو قيام، 17 لک ايڪڙ زمين بي زمين هارين ۾ ورهائڻ، ليبر پاليسي جوڙڻ، نيشنل بوڪ فائونڊيشن، اين ڊي ايف سي، قائداعظم يونيورسٽي جو قيام ۽ ٻيا شامل آهن. انکان علاوه هن شراب جي خريد وفروخت تي پابندي هنئي، جمعي جي ڏينهن عام موڪل جو اعلان ڪيو ۽ قاديانين کي اقليت قرار ڏيئي اسلام جي دائري مان ٻاهر ڪڍيو.
    ذوالفقار علي ڀٽو جي سحر انگيز شخصيت جو سحر ڪئي سال گذري وڃڻ جي باوجود اڄ بہ قائم آهي، ماڻهو کيس اڄ بہ ديوانہ وار محبت ڪن ٿا جڏهن تہ ڀٽو کي تختہ دار تي پهچائڻ وارا اڄ هڪ وسريل داستان بڻجي چڪا آهن. اڄ بہ پاڪستان جي واهڻين، وسندين گلين، روڊن، کيتن، سمنڊن، صحرائن ۽ عوام جي دلين ۾ ”عوام جو ڀٽو“ زنده آهي.
    هڪ اهڙو ڀُٽو جنهن عوام لاءِ جيئڻ سکيو ۽ عوام لاءِ ئي قربان ٿي ويو، جنهن پاڻ کي سدائين عوام جي ويجهو رکيو، جنهن وٽ انهي ڳالھ جي سڀ کان وڌيڪ اهميت هئي تہ عوام ڪنهن بہ ريت تڪليف ۾ نہ رهي، اهو ئي سبب آهي جو عوام اڄ بہ ڀٽي کي انهي عقيدت ۽ پيار سان ياد ڪري ٿو جيڪو پيار ۽ محبت هن کي سندس حياتي ۾ ئي عوام پاران نصيب ٿيو هو.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو