• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال / سومر 04 اپريل 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* شهيد ذوالفقارعلي ڀٽي جي ورسي 4 اپريل تي ملهائي پئي وڃي (خبر)
** هٿ ٺوڪئي ”شريف النفس“ جنرل ضياءَالحق تي لعنتن جو وسڪارو ٿيندو(تبصرو)

* شهيد ڀٽي نعرو هنيو هو: طاقت جو سرچشمو عوام آهي: رضارباني(خبر)
* * ۽ آصف زرداريءَ جو نعرو آهي: طاقت جو سرچشمو ڪرپشن آهي (تبصرو)

* آصف زرداري، شهيد ڀٽي جي ورسي ۾ شريڪ ڪونه ٿيندو (خبر)
* * ڪرپٽ سياستدان جي شريڪ ٿيڻ تي، شهيد ڀٽي جي روح کي رنج پهچي ها (تبصرو)

* دنيا جي هر پنجن مان هڪ شخص ٿولهه جو شڪارآهي (خبر)
* * پر اسان جي ملڪ ۾ ته 100 سيڪڙو ملان، ٿولهه جو شڪار آهن (تبصرو)

* ڪاڇي ۾ ساليانو 34 ڪروڙ روپيا فنڊ ڏيندا آهيون: پولش ڪمپنيءَ جي دعوى (خبر)
* * پر سنڌي ڪامورا، سمورا پيسا پنهنجا ڀڀ ڀرڻ تي خرچ ڪندا هوندا (تبصرو)
 
Back
Top