• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

زرداريءَجي مُفاهمتي پاليسيءَجو فائدو وٺي،اسان سڀ سنڌيسنڌ ۽ فيڊريشن جي ادارن ۾ شامل ٿي تباهي آندي

Sindhi Media

سينيئر رڪن
زرداريءَ جي مُفاهمتي پاليسيءَ جو فائدو وٺي، اسان سڀ سنڌي مختلف (سياسي، سماجي، قومي، نسلي، مذهبي) پارٽين جا هوندي ، سنڌ ۽ فيڊريشن جي ادارن ۾ شامل ٿي جي ادارن ۾ تباهيءَ جو باعث بڻيا آهيون ته هاڻ سنڌ جي تباهيءَ لاءِ به اسان سڀ ڌُريون ذميوار آهيون. جي احساس جُرم ٿيو آهي ته ڪنهن جي چُر تي هڪ ٻئي جو ٽنگون ڇڪڻ بجاءِ ڇو نٿا پاڻ ۾ جُڙي، پنهنجون ئي پاڙون وجهندڙ بُرايون ختم ڪريو جي نيتن سنڌ عزيز آهي ته.
هڪ ڳالهه ٿو ڪريان ، ڇو جو جو هاڻ سوال آهي سنڌ جو! نه تُنهنجو ! نه مُنهنجو !
12919864_977587058957497_3601178458250170097_n.jpg

گرائونڊ تي ۽ شهر شهر، ڳوٺ ڳوٺ وڃي سروي ڪرڻ سان اڀياس ٿي آهي ته هي سڀ ڪُجه (تعليني نظام جي تباهي) صرف ۽ صرف (پرائيويٽ اسڪول بزنيس) ڪندڙ واپارين شروع ڪيو آهي ، جنهنجي ڪري گهوسڙو اُستادن جو رواج به نڪتو ۽ سرڪاري اسڪول ۾ ڀرتي ٿيل ماستر ، پوءِ لالچ ۾ اچي انهن ئي پرائيويٽ اسڪولن ۾ (ٻي نوڪري ڪن ٿا) .ته پرائيويٽ اسڪول جا واپاري ئي سنڌ جي پوري تعليمي نظام جي تباهيءَ جو پهريان ڪارڻ ڪارڻ آهن جيڪي محض پئسي جي آڌار تي ۽ رات ۾ امير ٿيڻ لاءِ ، هاڻ پرائيوٽ اڪيڊميون ۽ ڪوچنگ سينٽرس کي ڦهلائي ۽ (پرائيويٽ اسڪولس) جوڙي ڪمائي رهيا آهن ۽ پوءِ (پرائيويٽ اسڪول انٽرڪمپيٽيشن) جي نام نهاد نالي سان ، رشوتون، تُحفا ڏئي (بورڊ آفيس جي عُهديدارن، امتحان جي ڪنٽرولرس، مارڪ شيٽ سيڪشن ۾ ڪم ڪندڙن ڪلارڪن ۽ پٽييوالن )جي جي ئي معرفت ۽ (پيپر سيٽ ڪندڙ اُستادن جا ڪوڊ ڏئي، انهن سان ملي شاهوڪارن ۽ راشي ڪامورن جي ٻارن کي ئي صرف (پهرين، ٻي ٽي پوزيشن) ڏيارڻ کان علاوه (اي .ون ۽ اي ۽ بي گريڊ ) تائين ڏياري، (سي، ڊي ۽ فيل گريڊن ۾ (سرڪاري اسڪولن جي شاگردن) کي ڏيارائي منجهن حساس محرومي پئدا ڪن ٿا .

ايستائين ۽ پوءِ اُهي سرڪاري اسڪولن جا شاگرد، جن جي قسمت ۾ هاڻ پوزيشنون يا (اي ون ۽ اي ۽ بي گريڊ) حاصل ڪرڻ ناممڪن ۽ مشڪل ٿيو آهي ته هو محض پاس ٿيڻ لاءِ ۽ ڪا معمولي پٽيوالي نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ (ڪاپي ڪلچر) ۾ گهيرجي ويا آهن ۽ سنڌ جو غريب شاگرد صحيح تعليم جي حصول کان محروم رهجي ويو آهي جو هو (پرائيويٽ اسڪولن) جو ڳاٽي ٽوڙ فيون ، سندن ئي ڪاروباري دڪان تا (مخصوص سيليبس يا سسٽم) جا مهنگا ڪتاب ۽ يونيفارم خريد ڪري، انهن پرائيويٽ اسڪولن ۾ داخلا نٿا وٺي سگهن. ڪاپي ڪلچر ۾ شدت، اُنهن علائقن جي اثر رُسوخ وڏيرن ۽ ڪامورن (مڙني قومي، سماجي، سياسي، مذهبي تنظيمن) سان لاڳاپيلن به طاقت جي آڌار تي ڪاپي ڪلچر جي رواج ۾ شدت آندي آهي جن جا ٻار سرڪاري توڙي پرائيويٽ اسڪولن ۾ پڙهن ٿا.

ته هن سموري خامين ۾ سنڌ جو هر فرد شامل آهي ۽ ڪنهن هڪ ڌُر کي ذميوار نٿو ٺهرائي سگهجي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪنهن کي (ماريندڙ يا چماٽ هڻندڙ )پاڻ ئي اجايون دانهون ۽ ڪوڪون ڪري ، قوم کي بيوقوف بڻائڻ لاءِ ماريندو به وڃي ٿو ۽ (ماري پيو.. ماري پيو) جون دانهون به ڪندو پيو وڃي. سوشل ميڊيا تي اهڙا ڪردار توهان کي ڏسڻ ۾ ضرور ايندا، جيڪي ڪنهنجي چُر تي ۽ ڪنهنجي ساسي پبلسٽيءَ لاءِ ڪردار ادا ڪن پيا ، ڪنهنکي بدنام ڪرڻ لاءِ ئي پاڻ ئي ڏاڍ ۽ ظلم مچائڻ جا جوابدار هوندي پاڻ ئي ڪوڙا واويلا ڪرڻ لڳن ٿا. حالانڪه انهن ۽ اُنهن جي ڀوتارن جي تواريخ ڀري پئي آهي ته هُنن ُ اڄ تائين ڇا ڇا ڪيو آهي ۽ ڪندا پيا وڃن. سنڌ ۾ تعليمي نظام بهتر ٿئي اها اسان سڀني جي خواهش آهي پر انهيءَ نظام کي خراب ڪندڙ پاڻ ئي خراب به ڪندو وڃي ۽ ٻئي تي الزام مڙهيندو به وڃي.

شايد هن سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي دئور ۾ ڪنهنکي بيوقوف بڻائڻ هاڻ ناممڪن آهي ۽ هاڻ سنڌي ماڻهون به اهڙو بيوقوف ناهي رهيو، جنهنجي سامهون اهڙا ماڻهون اڳئي کُليل حقيقت رهيا هُجن، پوءِ به جي ڪو اهڙو تعليمي نظام جو خانون خراب ڪندڙ ۽ ڪندو رهندڙ محض سياسي ساک لاءِ دانهون پيو ڪري ته اهو ان شخص جي پنهنجي خوشفهمي هوندي پر سنڌي هاڻ اهڙا بيوقوف ناهن رهيا جي اهڙن ماڻهن کي سندن غلطين جي ڪري ڳڙڪائين به پيا ته غلطي ۽ ڀُل ۾ هرگز نه (ڄاڻندي) ڇو جو طرفداري به ته ڪا شيءِ هوندي آهي نه. هاڻ جي اسان هڪ ٻئي جي ساک کي ڪيرائڻ لاءِ اهو اهڙن ڀوتارن ۽ وڏيرن يا طاقتن جي چُر تي ڪنهن کي ڪيرائڻ ۽ بدنام ڪرڻ لاءِ اهو سياسي کيل جاري رکيو ته ته پوءِ ن بُرائيءَ جو خاتمون ته ڪونه ايندو، ۽ سنڌ ۾ جهالت ويتر وڌندي ويندي ۽ هڪ ٻئي جا تعليم ۽ صحت جي نالي تي پٽڪا لهڻ شروع ٿيندا ۽ موقعي جي انتظار ۾ سنڌي قوم کي بدنام ڪدنڙ (مُتعصب اڙدو ميڊيا) ان کي وڌيڪ ڦهلائيندي ۽ پوءِ اهي ڇُريون گدري (سنڌ) کي ئي ڪٽينديون جنهن کي ڪٽڻ لاءِ صدين کان مشن هلي پيو .

پر جي اسانجي نيت صاف آهي ته پوءِ اسانکي پاڻ سميعت هرڪنهن کي ذميوار سمجهي اهي مسئلا پنهنجي پنهنجي ڪائونسلرن جي مدد سان وارڊ وارڊ حل ڪرائڻا پوندا ۽ مڃڻو پوندو ته اسان پاڻ ان جا ذميوار آهيون ۽ پاڻ ئي زرداريءَ جي مفاهمتي پاليسيءَ جو فائدو وٺي( سنڌيءَ ۽ سنڌ جي نالي تي) سنڌ ۽ فيڊريشن ۽ اهڙن بورڊ آفيسن، نادرا وغيره ۾ نوڪريءَ لاءِ لڳا آهيون ۽ اسان پاڻ ئي اُهي آهيون جيڪي راشي بڻجي سنڌ پنهنجي هٿن سان ڪُهون پيا. ڇو جو زرداريءَ ته سنڌ جي هر قومي، سماجي، سياسي، مذهبي پارٽيءَ کي سنڌي ڄاڻي نوڪري ڏني ۽ اسان اهي نوڪريون ڇڏيون به نه پيا ۽ نوڪريون وٺي پاڻ ئي رشوت جو ڪاروبار ڪري محض زرداريءَ کي بدنام پيا ڪريون ۽ اشهد جي آڱر اُن ڏانهن پيان کڻون ۽ وساري پيا ويهون ته ( ٽن آڱرين جو رخ) اسان طرف آهي. ۽ احسان فراموش به بڻجي ويا آهيون، تڏنهن ته حضرت علي رضيه جو قول ياد اچي ٿو ته (جنهن تي احسان ڪريو، اُن جي شر کان بچو) ته اچو ملي جُلي هڪ سنڌي بڻجي سنڌ جي خوشحالِيءَ، تعليمي نظام ۽ صحت لاءِ ڪم ڪريون جو هنن سڀنين بُراين جو جوابدار اسان سڀ پاڻ ئي آهيون ۽ جنهنکي هٿ لڳو اُن برائيءَ جو جنم ورتو.
 
Back
Top