• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڦوٽيڪس پرو Photex Pro ڦوٽوشاپ جو بهترين متبادل ۽ ايم بي سنڌي فانٽس جو استعمال

ايس ايم صارم

سينيئر رڪن
السلام عليڪم
عزيز دوستو! الله سائين اوهان کي خوش آباد رکي.

ڪمپيوٽر کان پوءِ سمارٽ فونن جي دنيا اسان جي روز مره جي ڪمن ڪارين کي انتهائي آسان بڻائي ڇڏيو آهي. آئي ڏينهن ڪا نه ڪا بهترين ايپ سامھون اچي رهي آهي.
1. اڄ مان اوهان سان انهن بهترين ايپس منجھان هڪ ڦوٽيڪس پرو شيئر ڪري رهيو آهيان جيڪا اوهان مان ڪافي دوست استعمال پڻ ڪري رهيا هوندا پر جن دوستن تائين ڦوٽيڪس پرو ناهي پهتي انھن کي ٻڌائجي ٿو ته هاڻي پنهنجي احساسن ۽ خيالن کي اميج پوسٽ ۾ مرتب ڪرڻ مشڪل نه رهيو آهي جو ڦوٽيڪس پرو ان مشڪل کي انتھائي آسان ڪري ڇڏيو آهي
kcAnUZtPfVH6E_D8vk9kLhywqs15mO7ShEpWs5_v6972TvNqWnfdOiO4AsomhQLfLvs=h900-rw

هاڻي اوهان کي ڦوٽوشاپ يا ڪنهن ٻئي پي سي سافٽويئر جي جھنجھٽ ۾ پوڻ جي ضرورت ئي ڪانھي ڇا ڪاڻ جو اوهان ائنڊرائينڊ اپليڪيشن ڦوٽيڪس پرو جي مدد سان سنڌيءَ سان گڏ يارنهن کان وڌيڪ ٻولين ۾ خوبصورت اميج پوسٽون تيار ڪري سگھي ٿا.
oMGc-sHatreR8lgdHsIz72yszUmlY__8-nIfpdKMitxDIgchYPH8xT45bRjTS1bZBNg=h900-rw

ڦوٽيڪس پرو حاصل ڪرڻ لاءِ هيٺين لنڪ تي هلو
ڦوٽيڪس پرو


2. ڦوٽيڪس پرو ۾ ايم بي سنڌي فانٽ استعمال ڪريو.

توڙي جو ڦوٽيڪس پرو ۾ افغان آءِ ٽي ڪمپني باهج جا 20 کان مٿي سنڌي سپورٽنگ فانٽس موجود آهن پر ان جي باوجود به هن شاندار اپليڪيشن ۾ ايم بي سنڌي واري سونهن جي ڪمي ٿي نظر آئي. تنهنڪري حرڪت ڪندي ڦوٽيڪس پرو ۾ ايم بي سنڌي فانٽس استعمال ڪرڻ جو پڻ هڪ چڪر ڪري وڌو آهي جنهن کان پوءِ ايم بي سنڌي جا خوبصورت فانٽ پڻ ڦوٽيڪس پرو ۾ استعمال ڪري سگھجن ٿا.
2rw6pll.png

ان لاءِ اوهان هيٺين تصوير کي بغور پڙهندي عمل ڪريو
2po14l3.png

ايم بي سنڌي فانٽ فائيل ڊائونلوڊيو
هن فانٽس فائيل پيڪج ۾ قرآن پاڪ جي لکت واري فانٽ سان گڏوگڏ
سائين عبدالماجد ڀرڳڙي
محترم شبير ڪنڀار
محترم احمد سومرو
محترم اسد ڀٽو
سنڌ سلامت
۽ محترم عرفان شڪارپوري
کان علاوه منهنجا فانٽس شامل آهن.

الله سائين اوهان کي خوش رکي.
وڌ کان وڌ معياري اميج پوسٽون تيار ڪري سنڌي ٻولي جي سونهن ۾ اضافو ڪريو.
مهرباني
ساٿ سلامت
سنڌ سلامت
672qdl.png

1zlrs6o.png

qq8v1e.png

rsapvq.png
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
واهه واهه ..... لک قرب

اهو ٿيو ته زبردست ڪم ... هينئر ئي لڳون ٿا سنڌي فونٽ واري ڪم کي.

اميد ته اهڙا ٽپس شيئر ڪندا رهندا.

ٿورا ناهن ٿورا
 
مونکي سنڌي ۾ لفظ پي ڊي ايف ريڊر ۾ ڏيکارڻا آهن ، ته مان اهي ڪيئن ڏيکاريا ؟؟؟
مان پي ڊي ايف ۾ لفظ ايم سنڌي جي ذريعي جڏهن ڏيکاريان ٿو ته اهي سهي نٿا اچن
تنهنڪري مان فارسي فونٽس پي ڊي ايف ۾ استعمال ڪيا آهن جن ۾ سڀ لفظ سهي اچن ٿا پر (ڻ) سهي نٿو اچي ان جي جڳھ تي بوڪسز ٿا اچن
مهرباني مدد ڪيو ؟؟؟
 
آهن ، ته مان اهي ڪيئن ڏيکاريا ؟؟؟
مان پي ڊي ايف ۾ لفظ ايم سنڌي

پيارا
ظھير عباس!
جيڪڏهن اوهان جو مطلب ڪنهن به سنڌي ڊاڪيومينٽ کي پي ڊي ايف ۾ ڪنورٽ ڪري ڏسڻ آهي ته
مٺا ان ڪم لاءِ ايڊوبي اڪروبيٽ سٺن سافٽويئرن مان هڪ آهي سو استعمال ڪري ڏسو.
 
محترم ڀاءُ ايس ايم صارم عرض ته مون فوٽيڪس پرو انسٽال ڪيو آ ۽ توهانجي موڪليل لنڪ تان موبائل ۾ ايم بي سنڌي فانٽ به انسٽال ڪري ان زپ ڪيا اٿم هاڻي شو هڊن فائيلز کي فعال به ڪيو آ مگر فوٽيڪس جو فولڊر نٿو ملي ته ڪيئن اڳ ۾ موجود سنڌي هٽائي هي فانٽ پيسٽ ڪريون مهرباني ڪري تصويري سمجهاڻي يا آسان طريقو ٻڌايو لک قرب
 
ڊوائيس اسٽوريج ۾ انڊرائيڊ فولڊر ۾ فوٽيڪس جو هڪ فولڊر آهي جنهن ۾ ڪيچ نالي هڪ فولڊر آهي ان ۾ صرف نو ميڊيا نالي هڪ خالي فائيل ظاهر ٿئي ٿو اتي به سنڌي فانٽ پيسٽ ڪياآهن مگر ڪم نه ٿيو!
 
السلام عليڪم
عزيز دوستو! الله سائين اوهان کي خوش آباد رکي.

ڪمپيوٽر کان پوءِ سمارٽ فونن جي دنيا اسان جي روز مره جي ڪمن ڪارين کي انتهائي آسان بڻائي ڇڏيو آهي. آئي ڏينهن ڪا نه ڪا بهترين ايپ سامھون اچي رهي آهي.
1. اڄ مان اوهان سان انهن بهترين ايپس منجھان هڪ ڦوٽيڪس پرو شيئر ڪري رهيو آهيان جيڪا اوهان مان ڪافي دوست استعمال پڻ ڪري رهيا هوندا پر جن دوستن تائين ڦوٽيڪس پرو ناهي پهتي انھن کي ٻڌائجي ٿو ته هاڻي پنهنجي احساسن ۽ خيالن کي اميج پوسٽ ۾ مرتب ڪرڻ مشڪل نه رهيو آهي جو ڦوٽيڪس پرو ان مشڪل کي انتھائي آسان ڪري ڇڏيو آهي
kcAnUZtPfVH6E_D8vk9kLhywqs15mO7ShEpWs5_v6972TvNqWnfdOiO4AsomhQLfLvs=h900-rw

هاڻي اوهان کي ڦوٽوشاپ يا ڪنهن ٻئي پي سي سافٽويئر جي جھنجھٽ ۾ پوڻ جي ضرورت ئي ڪانھي ڇا ڪاڻ جو اوهان ائنڊرائينڊ اپليڪيشن ڦوٽيڪس پرو جي مدد سان سنڌيءَ سان گڏ يارنهن کان وڌيڪ ٻولين ۾ خوبصورت اميج پوسٽون تيار ڪري سگھي ٿا.
oMGc-sHatreR8lgdHsIz72yszUmlY__8-nIfpdKMitxDIgchYPH8xT45bRjTS1bZBNg=h900-rw

ڦوٽيڪس پرو حاصل ڪرڻ لاءِ هيٺين لنڪ تي هلو
ڦوٽيڪس پرو


2. ڦوٽيڪس پرو ۾ ايم بي سنڌي فانٽ استعمال ڪريو.

توڙي جو ڦوٽيڪس پرو ۾ افغان آءِ ٽي ڪمپني باهج جا 20 کان مٿي سنڌي سپورٽنگ فانٽس موجود آهن پر ان جي باوجود به هن شاندار اپليڪيشن ۾ ايم بي سنڌي واري سونهن جي ڪمي ٿي نظر آئي. تنهنڪري حرڪت ڪندي ڦوٽيڪس پرو ۾ ايم بي سنڌي فانٽس استعمال ڪرڻ جو پڻ هڪ چڪر ڪري وڌو آهي جنهن کان پوءِ ايم بي سنڌي جا خوبصورت فانٽ پڻ ڦوٽيڪس پرو ۾ استعمال ڪري سگھجن ٿا.
2rw6pll.png

ان لاءِ اوهان هيٺين تصوير کي بغور پڙهندي عمل ڪريو
2po14l3.png

ايم بي سنڌي فانٽ فائيل ڊائونلوڊيو
هن فانٽس فائيل پيڪج ۾ قرآن پاڪ جي لکت واري فانٽ سان گڏوگڏ
سائين عبدالماجد ڀرڳڙي
محترم شبير ڪنڀار
محترم احمد سومرو
محترم اسد ڀٽو
سنڌ سلامت
۽ محترم عرفان شڪارپوري
کان علاوه منهنجا فانٽس شامل آهن.

الله سائين اوهان کي خوش رکي.
وڌ کان وڌ معياري اميج پوسٽون تيار ڪري سنڌي ٻولي جي سونهن ۾ اضافو ڪريو.
مهرباني
ساٿ سلامت
سنڌ سلامت
672qdl.png

1zlrs6o.png

qq8v1e.png

rsapvq.png
Zabardast....
 
موڪليل لنڪ تان موبائل ۾ ايم بي سنڌي فانٽ به انسٽال ڪري ان زپ ڪيا اٿم هاڻي شو هڊن فائيلز کي فعال به ڪيو آ مگر فوٽيڪس جو فولڊر نٿو ملي ته ڪيئن اڳ ۾ موجود سنڌي هٽائي هي فانٽ پيسٽ ڪريون مهرباني ڪري تصويري سمجهاڻي يا آسان طريقو
مونسان به سائين عبدالغني لوھار وارو مسئلو آھي فوٽيڪس فولڊر نٿو ملي
 
سائين محترم عبدالغني لوهار
۽ محترم عمران فقيرسنجراڻي پاٽويون صاحبان
انسٽاليشن کان بعد لازم آهي ته ڦوٽيڪس پرو جا سپورٽنگ فائيلس جيئن بئيڪ گرائونڊ اميجز، اسٽيڪرس، فانٽس وغيره هڪ هنڌ يعني ڊاٽ ڦوٽيڪس فولڊر ۾ گڏ موجود ٿي ويندا.
تنهنڪري هاڻي ٻيهر وري چيڪ ڪري ڏسو
.photex
فولڊر ڳولي وٺو.
شايد اوهان سان مسئلو ان ڪري ٿيو هجي جو اوهان ڦوٽيڪس جي انسٽاليشن کان فوراً بعد ڦوٽيڪس کي کولڻ بجاءِ سڌو ڪارڊ يا فون ۾ ڦوٽيڪس فولڊر ڳولڻ ۾ لڳي ويا هوندا.
وڌيڪ اوهان چيڪ ڪري ڏسو
ڊاٽ ڦوٽيڪس فولڊر ضرور موجود هوندو.
تڪليف لاءِ معذرت
 
ايس ايم صارم
ادا اصل ۾ مان ڊيٽابيس کان رڪارڊس فيچ ڪيا پيو ۽ ٽي سي ايف پي ڊي ايف جي ذريعي مان گوگل ڪروم جي پي ڊي ايف ريڊر ۾ ڊيٽا ڏيکارڻ چاهيان پيو پر ڊيٽا سهي نٿي اچي ...
۽ ميسيجز ۾ تصوير ڪيئن شيئر ڪيان ؟؟؟؟
 
محترم سائين مون وٽ (ﺍﻳﻢ ﺑﻲ ﺳﻨﮅﻱ ﻓﺎﻧٽ ﻓﺎﺋﻴﻞ ڊﺍﺋﻮﻧﻠﻮڊﻳﻮ) لنڪ تان فانٽ ڊائونلوڊ ڪونہ پيا ٿين اوهان مون ڏي ٻيهر لنڪ موڪليو تہ اوهان جي مهرباني،
يا اِي ڪري ڇڏيو،
ataharuddin.maharm@gmail.com
 
Back
Top