ڦوٽيڪس پرو Photex Pro ڦوٽوشاپ جو بهترين متبادل ۽ ايم بي سنڌي فانٽس جو استعمال

'موبائيل جي دنيا' فورم ۾ ايس ايم صارم طرفان آندل موضوعَ ‏4 اپريل 2016۔

  1. ايس ايم صارم

    ايس ايم صارم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    93
    ورتل پسنديدگيون:
    376
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    ملازم
    ماڳ:
    محله ڪوٽ دينل شاھ پيرجوڳوٺ (ڪنگري
    السلام عليڪم
    عزيز دوستو! الله سائين اوهان کي خوش آباد رکي.

    ڪمپيوٽر کان پوءِ سمارٽ فونن جي دنيا اسان جي روز مره جي ڪمن ڪارين کي انتهائي آسان بڻائي ڇڏيو آهي. آئي ڏينهن ڪا نه ڪا بهترين ايپ سامھون اچي رهي آهي.
    1. اڄ مان اوهان سان انهن بهترين ايپس منجھان هڪ ڦوٽيڪس پرو شيئر ڪري رهيو آهيان جيڪا اوهان مان ڪافي دوست استعمال پڻ ڪري رهيا هوندا پر جن دوستن تائين ڦوٽيڪس پرو ناهي پهتي انھن کي ٻڌائجي ٿو ته هاڻي پنهنجي احساسن ۽ خيالن کي اميج پوسٽ ۾ مرتب ڪرڻ مشڪل نه رهيو آهي جو ڦوٽيڪس پرو ان مشڪل کي انتھائي آسان ڪري ڇڏيو آهي
    [​IMG]
    هاڻي اوهان کي ڦوٽوشاپ يا ڪنهن ٻئي پي سي سافٽويئر جي جھنجھٽ ۾ پوڻ جي ضرورت ئي ڪانھي ڇا ڪاڻ جو اوهان ائنڊرائينڊ اپليڪيشن ڦوٽيڪس پرو جي مدد سان سنڌيءَ سان گڏ يارنهن کان وڌيڪ ٻولين ۾ خوبصورت اميج پوسٽون تيار ڪري سگھي ٿا.
    [​IMG]
    ڦوٽيڪس پرو حاصل ڪرڻ لاءِ هيٺين لنڪ تي هلو
    ڦوٽيڪس پرو


    2. ڦوٽيڪس پرو ۾ ايم بي سنڌي فانٽ استعمال ڪريو.

    توڙي جو ڦوٽيڪس پرو ۾ افغان آءِ ٽي ڪمپني باهج جا 20 کان مٿي سنڌي سپورٽنگ فانٽس موجود آهن پر ان جي باوجود به هن شاندار اپليڪيشن ۾ ايم بي سنڌي واري سونهن جي ڪمي ٿي نظر آئي. تنهنڪري حرڪت ڪندي ڦوٽيڪس پرو ۾ ايم بي سنڌي فانٽس استعمال ڪرڻ جو پڻ هڪ چڪر ڪري وڌو آهي جنهن کان پوءِ ايم بي سنڌي جا خوبصورت فانٽ پڻ ڦوٽيڪس پرو ۾ استعمال ڪري سگھجن ٿا. [​IMG]
    ان لاءِ اوهان هيٺين تصوير کي بغور پڙهندي عمل ڪريو
    [​IMG]
    ايم بي سنڌي فانٽ فائيل ڊائونلوڊيو
    هن فانٽس فائيل پيڪج ۾ قرآن پاڪ جي لکت واري فانٽ سان گڏوگڏ
    سائين عبدالماجد ڀرڳڙي
    محترم شبير ڪنڀار
    محترم احمد سومرو
    محترم اسد ڀٽو
    سنڌ سلامت
    ۽ محترم عرفان شڪارپوري
    کان علاوه منهنجا فانٽس شامل آهن.

    الله سائين اوهان کي خوش رکي.
    وڌ کان وڌ معياري اميج پوسٽون تيار ڪري سنڌي ٻولي جي سونهن ۾ اضافو ڪريو.
    مهرباني
    ساٿ سلامت
    سنڌ سلامت
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏4 اپريل 2016
    انيل نارائڻ، احمدخان، اطهر مهر ۽ 15 وڌيڪ هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    واهه واهه ..... لک قرب

    اهو ٿيو ته زبردست ڪم ... هينئر ئي لڳون ٿا سنڌي فونٽ واري ڪم کي.

    اميد ته اهڙا ٽپس شيئر ڪندا رهندا.

    ٿورا ناهن ٿورا
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    تمام بهترين... مان ان ڪم لاءِ phonto استعمال ڪندو رهيو آهيان.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ظهير عباس آغاڻي

    ظهير عباس آغاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2016
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    93
    ڌنڌو:
    ويب ڊويلپر
    ماڳ:
    شڪارپور
    مونکي سنڌي ۾ لفظ پي ڊي ايف ريڊر ۾ ڏيکارڻا آهن ، ته مان اهي ڪيئن ڏيکاريا ؟؟؟
    مان پي ڊي ايف ۾ لفظ ايم سنڌي جي ذريعي جڏهن ڏيکاريان ٿو ته اهي سهي نٿا اچن
    تنهنڪري مان فارسي فونٽس پي ڊي ايف ۾ استعمال ڪيا آهن جن ۾ سڀ لفظ سهي اچن ٿا پر (ڻ) سهي نٿو اچي ان جي جڳھ تي بوڪسز ٿا اچن
    مهرباني مدد ڪيو ؟؟؟
     
  5. گل حسن لاکو

    گل حسن لاکو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    407
    ورتل پسنديدگيون:
    821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    لائبريري اسسٽنٽ، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
    ماڳ:
    مهراڻ ٽائون، شهدادپور ضلع سانگهڙ
    بهترين ڪم صارم صاحب
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ايس ايم صارم

    ايس ايم صارم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    93
    ورتل پسنديدگيون:
    376
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    ملازم
    ماڳ:
    محله ڪوٽ دينل شاھ پيرجوڳوٺ (ڪنگري
    پيارا
    ظھير عباس!
    جيڪڏهن اوهان جو مطلب ڪنهن به سنڌي ڊاڪيومينٽ کي پي ڊي ايف ۾ ڪنورٽ ڪري ڏسڻ آهي ته
    مٺا ان ڪم لاءِ ايڊوبي اڪروبيٽ سٺن سافٽويئرن مان هڪ آهي سو استعمال ڪري ڏسو.
     
  7. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    لک قرب ادا تمام سهڻي ڪاوش ، تصويري سمجهاڻي لاءِ پڻ شڪر گذار ،سدا سلامت هجو
     
  8. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    محترم ڀاءُ ايس ايم صارم عرض ته مون فوٽيڪس پرو انسٽال ڪيو آ ۽ توهانجي موڪليل لنڪ تان موبائل ۾ ايم بي سنڌي فانٽ به انسٽال ڪري ان زپ ڪيا اٿم هاڻي شو هڊن فائيلز کي فعال به ڪيو آ مگر فوٽيڪس جو فولڊر نٿو ملي ته ڪيئن اڳ ۾ موجود سنڌي هٽائي هي فانٽ پيسٽ ڪريون مهرباني ڪري تصويري سمجهاڻي يا آسان طريقو ٻڌايو لک قرب
     
  9. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    ڊوائيس اسٽوريج ۾ انڊرائيڊ فولڊر ۾ فوٽيڪس جو هڪ فولڊر آهي جنهن ۾ ڪيچ نالي هڪ فولڊر آهي ان ۾ صرف نو ميڊيا نالي هڪ خالي فائيل ظاهر ٿئي ٿو اتي به سنڌي فانٽ پيسٽ ڪياآهن مگر ڪم نه ٿيو!
     
  10. جاويد احمد سولنگي

    جاويد احمد سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏3 نومبر 2015
    تحريرون:
    9
    ورتل پسنديدگيون:
    26
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    آئي ٽي مينيجر
    ماڳ:
    ڪراچي
    Zabardast....
     
  11. سيد خادم سبحان ڏاڏاهي

    سيد خادم سبحان ڏاڏاهي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 نومبر 2011
    تحريرون:
    106
    ورتل پسنديدگيون:
    169
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    ٽيچر
    ماڳ:
    بڪيرا شريف تعلقو ۽ ضلعو ٽنڊو الهيار
  12. عمران فقيرسنجراڻي پاٽويون

    عمران فقيرسنجراڻي پاٽويون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 سيپٽمبر 2013
    تحريرون:
    176
    ورتل پسنديدگيون:
    334
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    گاه پٺو
    ماڳ:
    پاٽويون
    مونسان به سائين عبدالغني لوھار وارو مسئلو آھي فوٽيڪس فولڊر نٿو ملي
     
  13. ايس ايم صارم

    ايس ايم صارم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    93
    ورتل پسنديدگيون:
    376
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    ملازم
    ماڳ:
    محله ڪوٽ دينل شاھ پيرجوڳوٺ (ڪنگري
    سائين مان سمجھان ٿو اوهان شايد مختلف ورشن ڊائونلوڊ ڪيو آهي. وڌيڪ مان ڏسي اوهان سان شيئر ڪريان ٿو..
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. ايس ايم صارم

    ايس ايم صارم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    93
    ورتل پسنديدگيون:
    376
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    ملازم
    ماڳ:
    محله ڪوٽ دينل شاھ پيرجوڳوٺ (ڪنگري
    سائين محترم عبدالغني لوهار
    ۽ محترم عمران فقيرسنجراڻي پاٽويون صاحبان
    انسٽاليشن کان بعد لازم آهي ته ڦوٽيڪس پرو جا سپورٽنگ فائيلس جيئن بئيڪ گرائونڊ اميجز، اسٽيڪرس، فانٽس وغيره هڪ هنڌ يعني ڊاٽ ڦوٽيڪس فولڊر ۾ گڏ موجود ٿي ويندا.
    تنهنڪري هاڻي ٻيهر وري چيڪ ڪري ڏسو
    .photex
    فولڊر ڳولي وٺو.
    شايد اوهان سان مسئلو ان ڪري ٿيو هجي جو اوهان ڦوٽيڪس جي انسٽاليشن کان فوراً بعد ڦوٽيڪس کي کولڻ بجاءِ سڌو ڪارڊ يا فون ۾ ڦوٽيڪس فولڊر ڳولڻ ۾ لڳي ويا هوندا.
    وڌيڪ اوهان چيڪ ڪري ڏسو
    ڊاٽ ڦوٽيڪس فولڊر ضرور موجود هوندو.
    تڪليف لاءِ معذرت
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. ظهير عباس آغاڻي

    ظهير عباس آغاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2016
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    93
    ڌنڌو:
    ويب ڊويلپر
    ماڳ:
    شڪارپور
    ايس ايم صارم
    ادا اصل ۾ مان ڊيٽابيس کان رڪارڊس فيچ ڪيا پيو ۽ ٽي سي ايف پي ڊي ايف جي ذريعي مان گوگل ڪروم جي پي ڊي ايف ريڊر ۾ ڊيٽا ڏيکارڻ چاهيان پيو پر ڊيٽا سهي نٿي اچي ...
    ۽ ميسيجز ۾ تصوير ڪيئن شيئر ڪيان ؟؟؟؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. عمران فقيرسنجراڻي پاٽويون

    عمران فقيرسنجراڻي پاٽويون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 سيپٽمبر 2013
    تحريرون:
    176
    ورتل پسنديدگيون:
    334
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    گاه پٺو
    ماڳ:
    پاٽويون
    ھتي جنھن ايپليڪيشن جي لنڪ ڏنل آھي ان جو فولڊر نٿو اچي انھي ئي نالي سان ٻي ايپليڪشن آھي جيڪا پڻ ڪم ڪري پئي استعمال ڪئي آھي
    [​IMG]
     
  17. اطهر مهر

    اطهر مهر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 مارچ 2016
    تحريرون:
    37
    ورتل پسنديدگيون:
    30
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    رستم ضلع شڪارپور
    محترم سائين مون وٽ (ﺍﻳﻢ ﺑﻲ ﺳﻨﮅﻱ ﻓﺎﻧٽ ﻓﺎﺋﻴﻞ ڊﺍﺋﻮﻧﻠﻮڊﻳﻮ) لنڪ تان فانٽ ڊائونلوڊ ڪونہ پيا ٿين اوهان مون ڏي ٻيهر لنڪ موڪليو تہ اوهان جي مهرباني،
    يا اِي ڪري ڇڏيو،
    ataharuddin.maharm@gmail.com
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو