ميگهواڙ قبيلو: هنر ۽ شادي جون انوکيون رسمون

'مختلف موضوع' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏4 اپريل 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,869
    ورتل پسنديدگيون:
    27,210
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ميگهواڙ قبيلو: هنر ۽ شادي جون انوکيون رسمون

    تحرير: عثمان راهوڪڙو

    ڪنين ڪنين ماڻهوئين، گوندر وڏي وٿ
    ٻڌي گوڏ گرٿ، ساٽو ڪجي سور جو. ”شاهه“

    جڏهن ڪو قبيلو پنهنجي ڌرتي تي ننڌڻڪو هجي، سندن حسرتن ۽ زندگي جي سمورين مرڪن کي اٽي جي چڪي ۾ پيٺو وڃي، ڪو به داد ۽ فرياد نه ٿئي تڏهن به ان قبيلي جا ماڻهو پنهنجي ماڳن سان ۽ پنهنجي ڌرتي سان محبت ڪن، ذلالتن جا سمورا طوق پائي به پنهنجا پٽ نه ڇڏين، اهڙن ئي ننڌڻڪن قبيلن ۾ ميگھواڙ قبيلو به هو، جنهن جي ماڻهن صدين کان وٺي، جيڪي ستم سٺا تنهن جون اڻڳڻيون ڪهاڻيون آهن، ميگھواڙ قبيلي جي تاريخ سان جيڪا ويڌن ٿيل آهي، تنهن جا چٽ به هن قبيلي جي زخمن وانگي آهن، بدقسمتي اها آهي ته سنڌ جي تاريخ جيان هن قبيلي جي تاريخ به دز ۾ دٻيل ئي رهي آهي. پوءِ به هن قبيلي بابت جيڪي محققن جا رايا آهن، تن موجب هن قبيلي کي دراوڙن جي نسل ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. هنن متعلق صرف ٻه سبب ٻڌايا وڃن ٿا، هڪ ته اهي رنگ جا ڪارا، قد جا پورا پنا، وار ڪارا ۽ گھنگھرو، نڪ ويڪرا ۽ پٺيان ويٺل. ٻيو سبب سندن ٻولي جو ٻڌائن ٿا. جنهن ۾ هن وقت ٻه ٻوليون تامل، برمي، ڪوهاتر، سنگهالي، مليالم، ڪنڙي، تولو، ڪدوگو، تودو، بودوگر، ارولار، ڪرگو، ڪئريز براهوي ۽ اوڏڪي ٻولي ان جو گروهه چيون وڃن ٿيون. هيل تائين بروهي، مهاڻا، اوڏ، ڀيل، ڪول، سنٿال، منڍولڪ، ڪاريا، گواريا،ڪلال، جٽيا،، ميگھواڙ، سانسي، جوڳي، سامي کي تاريخدان دراوڙ لکن ٿا. اهڙو خيال عمرڪوٽ ضلعي جا دراوڙي قبيلا مقالي ۾ پريتم پياسي ڏيکاريو آهي ته آريا نسل بابت ٻه روايتون آهن، هڪڙي اها ته اهي اصل ڀونچ سمنڊ واري زمين تي رهندڙ ماڻهن جي نسل مان آهن. اتان جي زمين سمنڊ هيٺ اچي وڃڻ سبب اهي مصر، سمر، بابل ۽ سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا. ٻي روايت موجب درواڙ انڊين اوشين جي ڀر واري ملڪ ائٽلانٽڪ کنڊ جا رهواسي هئا. جن م ليکڪ سنڀو هميراڻي پنهنجي ڪتاب ” سمهي سک نه ماڻيو“ ۾ لکيو آهي ته سن 90 عيسوي کان 633 عيسوي تائين سنڌ ۾ راءِ گھراڻي جي حڪومت هئي، اهي حڪمران دراوڙ هئا، انهن جي حڪومت ختم ٿيڻ بعد برهمڻن ۽ راجپوتن دراوڙ قبيلي کي تباهه ۽ برباد ڪري کين غلام بڻايو. مٿن ظلم ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر ڪونه ڇڏي هئي، هو دراوڙن کي نفرت جي نگاهه سان ڏسندا هئا، کين کٽ تي ويهڻ به ڏيندا هئا ۽ انهن جي عبادت گاهن ۾ به درواڙ وڃي نه سگھندا هئا،هننکي 1970ع تائين ٿر ۾ هندن جي اوچين ذاتين وارا اڇا ڪپڙا به پائڻ نه ڏيندا هئا. برهمڻن ۽ راجپوتن انهن دراوڙن کي شودر ڪوٺيو. سنڌ جو راجا جئه راٿ درواڙ هو ۽ هن ڪورن جي طرفان جنگ ڪئي هئي، ميگھ ونس برهما جي پٽ وئيشيٽ رشي مان ميگھ رشي پيدا ٿيو، جنهن جو اولاد ميگھ ونس سڏجي ٿو. وئشيت ۽ ارونڌتي مان سو پٽ پيدا ٿيا، ان مان شڪست ۽ ميگھ مشهور ٿيا، ميگھ رشي جو اولاد ميگھ وال، ميگھ وار، يا ميگھواڙ سڏائي ٿو. ميگھواڙ؛ ميگھ+ وار مينهن وسائڻ وارو. سنڌ اندر اهڙا ڪيئي قبيلا آهن، جيڪي پنهنجي ڌنڌي جي ڪري به سڃاتا وڃن ٿا، سنڌ ۾ موچڪو ڌنڌو صدين کان وٺي هن وقت به ميگھواڙ ذات جا فرد ڪن ٿا. موهن جي دڙي جي کوٽائي مان پڻ موچڪي ڌنڌي جون نشانيون ملن ٿيون. هي ارٽ تي ڪپڙو به اڻندا هئا. سنڌ اندر قديم آثارن وارا ماڳ ڪتاب جو ليکڪ تنوير جوڻيجو پنهنجي ڪتاب ۾ موچين ۽ ڪورين جو ذڪر ڪيو آهي. هنن جون 21 هين صدي ۾ پڻ انوکيون ۽ قديم زماني کان وٺي هلندڙ ريتون رسمون ۽ رواج جئين جو تئين هلي رهيا آهن. ميگھواڙ قبيلي جي شادي ۾ ماءُ گھوٽ سان گڏ نٿي وڃي. جيڪڏهن ماءُ مري ويل هوندي ته گھوٽ جي وڏي ڀاڄائي ڄڃ ۾ نه ويندي. پر واڳڙيا نک جي شادي ۾ گھوٽ جي ماءُ شادي ۾ وڃي ٿي. ميگھواڙن جي مڱڻي ”وچوئو“ ڪرائيندو آهي، اهو ڪنوار ڳولي ڪنوار جي پيءُ جي گھر ويندو، ۽ ڪنوار جا عزيز ڪٺا ڪري مڱڻي جي ڳالهه چوريندو، ۽ هڪ کارڪ ڪڍي ڪنوار جي عزيزن مان چڱي مڙس کي ڏيندو، اهو ويٺل عزيزن ۾ اها کارڪ گھمائيندو، هڪ کان ٻي ٽي وٽ، جيڪڏهن ڪنهن عزيز کي مڱڻي ۾ اعتراض هوندو ته اهو کارڪ پاڻ وٽ روڪي ڇڏيندو، ۽ پوءِ سڀئي کائنس ناراضپي جو سبب معلوم ڪندا، جيڪڏهن هن کي راضي ڪري نه سگھيا ته مڱڻي جي رسم ادا نه ٿيندي. هي بدي جا سنڱ ڪندا آهن، پر اهي سنڱ پنهنجي نک ۾ ناهن ڪندا، مڱڻي بعد شادي گھٽ ۾ گھٽ هڪ سال جي عرصي بعد ڪئي ويندي آهي، گھوٽ جون دعوتون ويجھا عزيز ڪاڄ کان اڳ ڪندا آهن. هي شادي جو ونواح دوران گھوٽ کي هٿ ۾ نيٽ ۽ ڪنوار کي اکيو ٻڌو ويندو آهي، هنن جي شادي مهراج ڪرائيندو آهي، گھوٽ سان گڏ ڄڃ سان ويندو آهي، گھوٽ جو مانڊوي سس ڪري کيس تراکيندو ڪري ست دفعا آرتي تال ڪندي آهي،ان دوران ڪنوار پنهنجي سهيلين سان گڏجي گھوٽ کي چانور هڻي، واپس تڪڙي هلي ويندي آهي، گھوٽ کي سس کير پياريندي آهي، پوءِ گھوٽ ڇني ۾ ويندو آهي، ۽ ڄاڃين کي ڪنواريتا کير پياريندا آهن. شادي دوران چئونري جي چئن ڦيرن مان ٽي ڦيرا ڪنوار ڏيندي آهي ۽ هڪ ڦيرو گھوٽ ڏيندو آهي، واڳڙيا نک ۾ ٻه ڦيرا ڪنوار ۽ ٻه ڦيرا گھوٽ ڏيندو آهي، چئونري جي رسم جنهن کي هي لگن چون، ان جو مقرر ٽائيم هوندو آهي، ان دوران گھوٽ ۽ ڪنوار جا عزيز مهاراج گھوٽ ۽ ڪنوار ان رسم ۾ شامل ٿيندا آهن، چئونري دوران هي اتر منهن ڪري ويهندا آهن،

    ” لال لال پولڪي تي، گلابي ڦولڙان منان موهي ڇڏيو
    اري! چونڙي سين ڍاڪي راکو، مانجهي سانوري سلوني
    ڪري مانجهي نجر نه لاگي!

    جهڙا من موهيندڙ ڳيچ جڏهن ڳائجن ٿا ته ڪاڄ کي چارچنڊ لڳي وڃن ٿا، مهراج گھوٽ ۽ ڪنوار جا ساڄا هٿ هٿ جي ترين تي ڏيئي، رڌل چانور ۽ هڪ رپيو ٽامو جو رکي هٿن کي ڪپڙي سان ڍڪي ڇڏيندو آهي، ان دوران گئو ڏان پڻ ڪيو ويندو آهي، جنهن جو مقصد آهي ته نياڻي کي ڏاج ڏنو ويندو آهي، جيڪو ڪنواريتا پنهنجي حيثيت آهر ڏيندا آهن، چئونري تان لهڻ کان پوءِ پهرين گھوٽ ۽ ڪنوار ونواح ۾ ٻڌل هڪ ٻي جو ڳانو ٽوڙيندا آهن، ۽ گھوٽ جي تري تي رکيل هڪ رپيو اگر ڪنوار کڻي وئي ته گھوٽ کي سندس ساليون مذاق بڻائينديون آهن، نکيٽي جنهن کي هي نيثار چون ٿا، گھوٽ ۽ ڪنوار جا پلئه ٻڌي ڏيگھڻ تي ويهاري گھوٽ کان سائي ٽاري وڍرائيندا آهن شادي بعد گھوٽ ۽ ڪنوار پنهنجي گھر تارن ۾ ويندا آهن، ڏينهن جو پنهنجي گھر نه ويندا آهن، گھر پهچڻ تي گھوٽ جي امڙ گھوٽ ڪنوار تي ٽي ڀيرا چانور اڇلائيندي آهي، جيڪڏهن ماءُ نه هوندي ته گھوٽ جي وڏي ڀاءُ جي زال ساڳيو عمل ڪندي، گھوٽ ۽ ڪنوار کي اباڻي گھر ۾ ٺهرايل ڇپر کٽ تي ويهاريندا آهن. ميگهواڙ پٽ ڄمڻ لاءِ خاص طور تي پير پٿوري تي باس باسيندا آهن، پٽ ڄمڻ تي پيادل ڇڙي کڻي قافلي جي صورت ۾ ويندا آهن ۽ پٽ جي جھنڊ به پير پٿوري تي وڃي لهرائيندا آهن، باس ۾ باسيل روڪ رقم، مٺائي يا ڍور درگاهه جي پير حوالي ڪندا آهن. ليکڪ سرڳواسي رائچند مينگھواڙ موجب هي پير پٿوري جي نالي پيالو، ڀنگ، پلو ۽ ڀنڊارو به ڪندا آهن، پير پٿوري ۽ سندس ماڙي جو قسم کڻي ڪا ڪوڙي ڳالهه نه ڪندا آهن، هر حالت ۾ پٿوري جي قسم بعد سچي ڳالهه ڪندا آهن، ڇوڪريءِ جي شادي دوران گھوٽيتن کان هڪ رپيو وٺي پير پٿوري جي پيرن حوالي ڪندا آهن. هنن پير پٿوري جي شان ۾ ڪيتريون ڪافيون ۽ ڀڄن رچيا آهن، جيڪي هي روزاني رات جو پنهنجي گھرن ۾ ڳائين ٿا ۽ سال ۾ پير پٿوري جي بڊي ۽ چيٽي مهيني ۾ سالياني ميلي دوران زالين مڙسين ڳائين ٿا.

    واهه پٿورا پير، کليو پيارين کير،
    لاهين درد ڏيل جو، ڀلو سڃاڻين پير.

    هر سال چيٽي چنڊ دوران پير پٿوري جي ميلي تي صرف سندس مريد ويندا آهن، پٿورو جي مريدن ۾ برهمڻ، ڪراڙ، سوٽهڙ، نائي، بجير، راجپوت، سونارا، ميگھواڙ، گرڙا، ڀيل، اوڏ، مٽيا ۽ ڪولهي شامل آهن، پر خاص طور تي ميگھواڙ قبيلي جي گھڻين نکن وارا ميگھواڙ جيڪي سنڌ، ڪڇ، گجرات ۽ ٻين هنڌن تي پکڙيل آهن، سي مريدن ۾ شامل آهنس.. ڀيرومل مهرچند آڏواڻي پڻ راءِ گھراڻي جي حڪمرانن کي شودر ڄاڻايو آهي. سنڀو هميراڻي موجب سنڌ جي مسلمانن جو ميگھواڙن سان بهترين سلوڪ رهيو آهي. سنڌ جي هندن جي تاريخ ڪتاب جي ليکڪ ڀيرومل چند آڏواڻي پنهنجي ڪتاب ۾ ذاتين جي نکن جي وضاحت ڪندي لکيو آهي ته نک جو مطلب ڄاڻ، نشان يا پتو آهي، مطلب ته نک مان اهو پتو پوي ٿو ته اها ڪهڙي گوتر جي شاّخ آهي، رگويد زماني ۾ آڪهه وارا پنهنجي وڏي جي نالي پٺيان سڏبا هئا، برصغير ۽ سنڌ ۾ رهندڙ ميگھواڙن جون جدا جدا نکون ۽ پاڙا آهن، هنن جي نکن ۾ درڙا جيڪي سڄي سنڌ ۾ آباد آهن،
    هنن جي نکن ۾ ليکڪ سومجي ڌاراڻي جي ڪتاب ”ميگھ ونس مالها“ موجب اينهپا، آسريا، اوڍاڻا، اڻکيا، اجيريا، اميدا، اونچل، اومرچيه، آدتيه، بڙولا، بابليا، بلايا، برماڻيا، بيگڙ، بڊو، بانر، بالاچ، بانڀيا، ٻوچيا، ٻانڀڻيا، ٻاراچ، ٻوڙاڻا، ٻوکا، ٻاروپار، ٻڙهيا، ٻڙهڙ، ڀوٽ، ڀٽي، ڀاٽيا، ڀٽينل، ڀڀنر، ڀٽاڻيه، ڀنوريا، ڀاٽ، تماچي، ترڪيا، ٿراڻيه، ٽانڊيا، پرمار، پاتاريا، پنگھوار، پڍيار، پنوار، پوگھو، پاتريا، پتا، پرگڙو، پاريگي، پنجول، پنهون، پنڙ، پڙهيار، پهاڻ، پتڙيا، پونڙ، پٽيئر، پلاڻيا، پينڊار، پڇاڻيا، پاکريا، پونڙيا، پونگل، پوند، جويا، جاٽ، جٽيا، جئپال، جوڳو، جوکيا، جاکيرا، جوگڻيه، جوڌا، جوگل، جادم، جيٺاڻيه، جاٽا، جسوال، جھيرٽ، چوهاڻ، چارڻيه، چنه، چنڊيلا، چوپڙا، چاندڻيه، چارڻ، چتوڙيا، چاوڙا، چئوڏسيا، ڇُريٽ، ڇوگڻ، ڇاڇيا، ڍانگي، درڙا، ديپڪ، ڌراوڻ، ڌڻڌي، ڌيئڙا، ڌاڻڪ، ڌوڙڪس، ڌاڪڙ، ڏوٽا، ڏوهٽ، ڏيپار، ڏيپن، ڏوڏيا، ڏوڏيسا، ڏڦڙا، ڏنڏيسا، راجپوت، رهڙڪا، راٺوڙ، رڻوا، رکيسه، روهلا، راٺي، رانڪاڻي، سوڻيا، سوسايا، سونارا، سنچوريا، سيندريا، سوڍا، سيجو، سيال، سولنڪي، سينگڙا، سوريلا، سنجوٽ، سنجا، سيکاٽ، ساچوڙ، سينگل، سينهڙا، سنهيٽا، سامڙا، سونڍا، ڦڦل، ڦانگا، ڦلا، ڦونگاريا، ڪانبڙيا، ڪڙليا، ڪاسليا، ڪڙيسيا، ڪٽاريا، ڪامڻيا، ڪاگيه، ڪاجليا، ڪسونبا، ڪانٽيا، ڪڏيچه، ڪلاڻي، ڪالڙا، ڪانشيا، ڪوريا، ڪور، ڪاپڙي، ڪوثر، ڪاڳي، ڪوٻڙا، ڪتيرا، ڪلوا، ڪانٺيسا، کنڀو، کوکر، کينٽليا، کريٽ، کوڙيا، کيموريا، کيهلڙا، کينوليا، کٽي، کينچي، گوهيل، گنڍير، گُجر، گورڙيا، گراسيا، گورکيا، گجراڻيا، گانڌي، گرگ، گريبوي، گوچر، گينور، گلڙا، گاويسر، گڙچڙ، گوڌا، گاڏي، گوراڻ، ڳيرا، گونگهڙا، گهلڙا، ليلڙ، لاڏڻ، لنجار، لهوا، لوڻيا، لالر، لکيا، لهوڻا، لڳڙا، پونجا، لُڊر، ماتنگ، مُڇڙيا، مڪواڻا، مڻور، موسڙيا، ميريا، موٽو، منگي، ميرڙا، مري، مهيشوري، موريه، ميهرڙا، مُنگريا، مهار، منگليا، مهراڻيا، مهير، موڏڻ، مهر، نيمڙيا، نجار، نار، والڙيا، وڻهول، والسور، واگڻ، واگهيلا، ويلاچ، واڍا، واڻيا، واوڙيا، وائوري، ولاسيه، وريند، ويراج، وليهيه، وارسور، ونڪيا، عرشي، عرصي، هينگڙا، هنجڙا، هميرا، هميا، هاٽيلا، نوريا، نيموريا، ٺونشيا، کهڙا شامل آهن. هنن جون عورتون زيورن ۾ ڦلڙي، وارلو، هسي، باجوبند چوڙا، چوڙيون پائينديون آهن. لباس ۾ گجرو، گج، پڙو، ۽ گندي ( چنري) اوڍين ٿيون. سندن نينگريون شادي کان اڳ چولو ۽ ڪانچ پائينديون آهن. ۽ مرد شلوار قميص پائين. اڳي لانگوٽو به ٻڌنڌا هئا، ۽ مٿي تي پٽڪو ٻڌن ۽ ٽوپي پڻ پائين ٿا. هن وقت ميگھواڙ قبيلي جا ماڻهو پنهنجي گھرن ۽ ڪاڄن ۾ سايون ڀاڄيون رڌيندا آهن، ڍڳي جي گوشت کان سواءِ ننڍو گوشت، وڏو گوشت ۽ مڇي پڻ کائين ٿا. پر هندو وشنو ڪڏهن ٿيا ان بابت ڀيرو مل آڏواڻي لکيو آهي ته ”رگ ويدڪ زماني ۾ سنڌو ماٿر ۾ ٿڌ تمام گھڻي پوندي هئي، تنهنڪري آريا لوڪ مڇي مانس کائڻ جي ضرورت سمجھندا هئا، ڳائو ۽ ماهيو گوشت به حلال ڪري ڄاڻندا هئا، مها ڀارت واري زماني تائين اهو رواج هلندو آيو ۽ پوءِ پڪا ويشنو ٿيا.“ هي ساردرو جي ميلي ۽ مندر، راما پير جي ميلي سميت، چيٽي چنڊ دوران هر سال لڳندڙ پير پٿوري جي سالياني ميلي ۾ زالين مڙسين عقيدت ۽ احترام سان پير پٿوري جا ڳيچ ڳائي شريڪ ٿين. ” پٿورو ٿو هسي“ هنن جي ٻولي واري لهجي ۾ عام چوڻي آهي، جيڪا هنن جي وات وائي هوندي آهي. پير پٿورو جرڪس ڏناڻي، ابراهيم ناگوراڻي ۽ ڇٽو جي غوثيه جماعت سان گڏجي ملتان غوث بهاءُ الدين ذڪريا جي سلامي ڀرڻ ويو، جتي غوث کيس پير جو لقب ڏنو ۽ ميگھواڙ قبيلو بخشش ڪري مريد طور حوالي ڪيو. هنن مان گھڻا غوث بهاءَ الدين ذڪريا جي غوثيه جماعت سان ملتان به ويندا آهن ۽ غوث جو روٽ واري ماني به عقيدت سان ڪندا آهن. ملتان ايندي ويندي غوث بهاءَ الدين ذڪريا جا نعرا به هڻندا آهن، سنڌ ۾ رهندڙ هن قبيلي جا ماڻهو سنڌي، هندي، مارواڙي، ڪڇي، ڍاٽڪي، گجراتي، پارڪري، لاڙي، اترادي لهجا ۽ ٻوليون ڳالهائين ٿا. موجوده هند جي مختلف حصن کان هتي آيل ميگھواڙ پنهنجي گھرن ۾ ڍاٽڪي، مارواڙي، گجراتي، ڪڇي ۽ پارڪري لهجي ۽ ٻولين ۾ ڳالهائيندا آهن. مثال طور لفظ ڍاٽڪي نجر، منان، مکڙو، تهانجي ڪري ڳالهائين. جئين هي جملا 1. اوهين ڪٿ ٿا جائو.؟ 2. تمهين ڪيٿ جائو ڇو.؟ هي پنهنجي مُردن کي اڇي ڪپڙي جو ڪفن ڏيئي قبرستان ۾ دفن ڪن ٿا. هي جڻيو ٻڌن ٿا، کين پنهنجون ڀيڻون راکي به ٻڌنديون آهن،هن قبيلي ۾ طلاق جو رواج ناهي، جيڪڏهن ڪنهن ناري جو جواني ۾ ور مري ويو ته ٻيو ور به ڪري ٿي. مذهبي ڏڻن ۾ هوليءَ، ڏياري، شيوراتڙي ( ٿڌڙي) آکاتري هندو مذهب واريون عيدون ملهائيندا آهن. ميگھواڙ قبيلي ۾ سنت ڀڳت رويداس مشهور درويش ٿي گذريو آهي. سنڌ ۾ رهندڙ هن قبيلي جي انوکي رسمن سميت هن قبيلي جي مردن ۽ عورتن کي دستڪاري جي فن ۾ ڪمال درجي جي مهارت آهي. ڳوٺ ٽاڀو ميگھواڙ جي رهواسين هڪ شال ٺاهي اڳوڻي شهيد وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو شهيد کي تحفي ۾ ڏني، ان تحفي تي محترمه ڏاڍو خوش ٿي، اسلام آباد جي لوڪ ورثا ۾ ساڳئي ڳوٺ جي دستڪاري واري فن تي اڳوڻو صدر فاروق احمد لغاري به ڏاڍو خوش ٿيو هو. هن قبيلي جا مرد ۽ عورتون وڏا هنرمند آهن ۽ هيٺيون شيون ٺاهڻ جا ماهر ڪاريگر ليکيا وڃن ٿا، جن ۾ سانداريون، شالون، کٿا، کيس، چادرون، نوارون، کرڙ، کاهيون، سجايون اٺن جي پاکڙن جون، ٿڙها گھوڙن جا، اٺن جا ٻڙها، چونڪ ٻوريا، اٺن جا مهرا، کٽون، هندورا، پلنگ، ڪرسيون، در ۽ دريون، قالين، چمڙي جون جتيون، جوتا شامل آهن. هن وقت سنڌ ۾ ميگھواڙ قبيلي جا 90 سيڪڙو فرد پڙهيا لکيا آهن. هن قبيلي جو ڊاڪٽر موهن ڏيوراج ڪراچي يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي ڪري پيو. ڦلو ميگھواڙ ڍاٽڪي لوڪ ادب، سماجي ۽ ثفافتي لساني اڀياس جي عنوان سان ڊاڪٽر پروفيسر ڪمال ڄامڙو جي نگراني ۾ پي ايڇ ڊي ڪري رهيو آهي. هن ڪراچي ۾ غريب شاگردن لاءِ شاهه لطيف ۽ سامي هاسٽلن جو بنياد رکيو جن ۾ هن وقت 70 شاگرد رهي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. ڪڙيو گھنور وارو وشنومل اڳي عوامي تحريڪ جو مرڪزي اڳواڻ هو، هن وقت قومي عوامي تحريڪ جو اڳواڻ آهي. پنگريو جو ڪامريڊ ليمون مل ميگھواڙ جيئي سنڌ جي لطيف سنگت جو مرڪزي صدر رهيو هو. هن وقت درزڪو ڪم ڪري ٿو. تلهار جو چترڪار گنگا رام جنهن شهيد فاضل راهو، سيد سمن شاهه، شاهه عبدالطيف ڀٽائي رح سميت 6000 کان وڌيڪ تصويرون ٺاهيون، تصويري فن ۾ هو سنڌ جي اهم نالن ۾ شمار ٿئي ٿو. سونو کنگھراڻي کي صدارتي ايوارڊ پڻ مليو آهي. ڊاڪٽر آنٻا رام ولد بچل رام اصل مٺي هن وقت نائجيريا ۾ ميڊيڪل کاتي ۾ اهم پوسٽ تي آهي. آڪاش سنتورائي، سريندر، بلاول هائوس ڪراچي ۾ ميڊيا جا ترجمان آهن، تلهار جو هيرومل مشهور استاد آهي، نارائڻ ڪاپڙي ٽنڊي باگي وارو به وسارڻ جهڙو ناهي. هن وقت سنڌ ۾ وٽنري کاتي ۽ تعليم کاتي ۾ هن قبيلي جا نوجوان وڏي انگ ۾ ملازم آهن، ٻين کاتن ۾ به موجود آهن. اليڪٽرانڪ کان پرنٽ ميڊيا ۾ به ڪافي نوجوان هن قبيلي جا شامل ٿي ويا آهن. ننگرپارڪر ۾ هن قبيلي جا مشهور رازا چيا وڃن ٿا. سنڌ جي هر شهر ۾ دڪانن اڳيان جتيون پالش ڪندي ميگھواڙ نظر ايندا آهن، گھڻن شهرن ۾ سندن جوتن جي دڪانن سميت درزڪا دڪان پڻ اٿن، هي مندر ۾ پرڀات ويل ۽ سج لٿي ويل زالين مڙسين وڃي شو ڀڳوان هڙومان جي پوڄا ڪندا آهن. تعليمي حساب سان هن وقت نفرت جي ڪک ۾ جيئندڙ هن قبيلي جا اسي سيڪڙو ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون تعليم پرائي رهيا آهن. هن وقت سنڌ جي اڪثر شهرن ۾ رهندڙ ميگھواڙن جا پڪا گھر آهن ۽ ٿر سميت ٻهراڙي ۾ رهندڙ ميگھواڙن جون لانڍيون، پڪا گھر ۽ چئونرن ۾ رهن ٿا. ٿر ۾ اڄ به ميگھواڙن جي چئونرن جي چوٽي ۾ اڀو ڪاٺ لڳل هوندو آهي، جنهن اوچين ذاتين وارا هندو محسوس ڪن ٿا ته هي ميگھواڙ جو گهر آهي. اتهاس جي ڪتابن مان معلو ٿئي ٿو ته هن قبيلي جا ماڻهو جنگجو ڪونه رهيا آهن.

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو