مسرور پيرزادي جو ڪتاب ”سِپون سُوجهي ڪڍيون“ پرڏيهي شاعري سنڌيءَ ۾

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏4 اپريل 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    ”سِپون سُوجهي ڪڍيون“ پرڏيهي شاعري سنڌيءَ ۾

    محمد سليمان وساڻ

    مسرور پيرزادي جو پرڏيهي ادب ۽ شاعريءَ جي عظيم نالن جي چونڊ شاعريءَ جي سنڌيءَ ۾ ترجمي تي مشتمل ڪتاب ”سِپون سُوجهي ڪڍيون“ تازو ڇپيو آهي. ڪتاب ۾ دنيا جي 12 عظيم شاعرن جي شاعريءَ جو ترجمو پابند، آزاد ۽ نثري شاعريءَ ۾ ڪيو آهي. ترجمو ڪرڻ ڪو آسان ڪم به ناهي. ڌاري ٻوليءَ جي شاعرن جي شاعري کي سنڌي ۾ آڻڻ ڏکيو ڪم آ. نثر جو ترجمو وري به آسان هوندو آهي پر شاعريءَ جو منظوم ترجمو مشڪل آهي. ڇو ته شاعري ڪهاڻي يا ڳالهه ناهي پر شاعري احساسن، جذبن، سوچن، لوچن، خوابن ۽ ساڀيائن جو هڪ خاص گهاڙيٽي اظهار هوندي آهي ۽ ترجمي ۾ اهي سڀ شيون اظهار ڪرڻ ڪمال آهي. مسرور پنهنجي پاران پوري ڪوشش ڪئي آ ۽ ان ۾ گهڻي ڀاڱي ڪامياب ويو آهي، ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته هو پاڻ به شاعر آهي ۽ شاعريءَ جي باريڪ بينين کان چڱيءَ طرح واقف آهي.
    هن گهڻو ڪري ترجمو انگريزي يا اردو ٻوليءَ کان ڪيو آهي ۽ هر شاعر بابت کنيل شاعريءَ جا حوالا ڏنا اٿائين. مسرور جن شاعرن جي تخليقن کي چونڊيو آهي انهن مان ڪجهه سان ته اسان جو روحاني رشتو ۽ لڳاءُ رهيو آهي جيئن مولانا رومي جنهن جي مثنوي لطيف سرڪار سان پڻ ساڻ رهي آهي ۽ هو صوفين جو سرتاج آهي ۽ هڪ ٻيو صوفي منصور حلاج جنهن سچ تان سِر گهوريو. ان کانسواءِ عظيم انگريز شاعر وليم شيڪسپيئر، قديم دور جي شاعر ڀرتري هري، ترڪيءَ جي عظيم انقلابي ۽ رومانوي شاعر ناظم حڪمت، هند جي نوبل انعام يافته بنگالي شاعر ٽئگور، چليءَ جي نوبل انعام يافته شاعر پئبلو نرودا، بنگال جي انقلابي شاعر قاضي نذر الاسلام، جديد عربي شاعريءَ جي سرتاج عشق ۽ انقلاب جي شاعر نزار قاباني، داغستان جي وطن پرست شاعر رسول حمزاتوف، فلسطين جي انقلابي ۽ باغي شاعر محمود درويش سان گڏ قديم رومانوي سنسڪرتي شاعرن جي تخليقن جو منظوم ترجمو ڪيو اٿس.
    هي ڪتاب سڀني ادب دوستن ۽ شاعرن خاص ڪري مون جهڙن پرڏيهي ادب کان اڻڄاڻ ماڻهن لاءِ گهڻو لاڀائتو ثابت ٿيندو. شاعري ۽ ادب لاءِ اهو ضروري آهي ته اوهان پرڏيهي ادب ۽ شاعرن کي پڙهو، انهن جي احساسن ۽ تخيل جي اڏار کان واقف ٿيو. مسرور پيرزادي کان اڳ مان اختر حفيظ پاران نزار قاباني جي شاعريءَ جو ترجمو پڙهيو هيو ۽ گهڻو متاثر ٿيو هيس، پر مسرور ته ڪمال ڪري ڇڏيو آ جو چونڊ عالمي شاعرن جي شاعري سا به سليس سنڌي منطوم ترجمي ۾ پيش ڪئي اٿس. هن ڪم تي مسرور کي ڀلي ڪو شاباس ڏي يا نه، ڀلي شاعريءَ جا بُت سندس تعريف ڪن يا نه پر سندس هي ڪم تعريف لائق آهي. اهڙو ڪم اسان وٽ صفا گهٽ ٿيو آ. وڏي ڳالهه ته هن هر شاعر جو تعارف ۽ تصوير به ڏني آهي ته جيئن ان عظيم شاعر بابت درست ڄاڻ به هجي. هتي نزار قابانيءَ جي هڪ نظم جو ترجمو مثال طور ڏجي ٿو:

    ڪوبه مڇيءَ کي ڪين ترڻ سيکاريندو آ
    ڪوبه پکيءَ کي ڪين اڏڻ سيکاريندو آ
    پاڻهي تربو آهي
    پاڻهي اُڏبو آهي
    عشق سکڻ لئه ڪوبه ڪتاب نه هوندو آهي
    ۽ دنيا جي هيءَ تاريخ ٻڌائي ٿي
    عاشق اُمي هوندا آهن.


    امبر پبليڪيشن ڪراچي پاران ڇپايل هي ڇهون ڪتاب آهي، جيڪو 160 صفحن تي مشتمل آهي ۽ ڪتاب جي قيمت ٽي سئو روپيا آهي. مهاڳ نامياري شاعر امداد حسينيءَ لکيو آهي.
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    3 اپريل 2016ع جي ڪاوش ميگ ۾ ڇپيل

    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو