سونهن رتي تي راس ٿياسين

سونهن رتي تي راس ٿياسين
________________

سونهن رتي تي راس ٿياسين
قرب ۾ ڪيڏي پياس ٿياسين
عقل کان عاري واري پنڌ هو
نينهن ۾ نچندي ناس ٿياسين
جبل جهاڳيندي جيءُ جلايو
هڏ ڳري پو ماس ٿياسين
لالچ لوڀ لڄايو لالڻ
اندر اڪري پاس ٿياسين
سڀ ڪنهن وٽ هئي قرب ڪهاڻي
وندر جنهن وٽ واس ٿياسين
مومل ،سومل ،سسئي ،نوري
سڀ جي سوچن قياس ٿياسين
ڌرتي سرتي ساه ۾ سانڍيل
عشق جي اهڙي آس ٿياسين
سڀ ڪو ماڻهو موتي داڻو
چاهت اهڙي چاس ٿياسين
دنيا جانچڻ ڪول هلي ڄڻ
سينو تاڻي تاس ٿياسين

رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top