اکيون التجائون...

اکيون التجائون ڪرن پيون صدائون

روئن رت ڳوڙها ٿين جي جفائون

محبت ۾ مانديون اماڙيون ڪي ڪانڊيون

ٻرن ٿيون مشاله شعله چيائون

رهن ماٺ ۾ ڪين ڏين اڊڪا اهڙا

ڦٽل ننڊ جن جي اڀارن ۾ آهون

سدان سڪ سهڻن بي چين بڻيون

گهرن گڏ جن کي تن جون پڇائون

حب ۾ هميشه سڪ سوز سڙيون

ڏين روز اڙيون اسان پيا نٽايون

ڪرمن لئه ڪڙهجي رهن تانگه تڙپي

جن جيءُ سڏڪن ڪرن پيون پوداهون

رهيون سک نه ڪڏهن بي تاب اهڙيون

اتساه اڃ ۾ ابر عشق اڃائون.....



رسول بخش دائودپوٽه
 
OfGFIdy.jpg
 
Back
Top