پاناما پاران شهيد بينظير ڀٽو تي هنيل الزام بي بنياد آهن:فرحت الله بابر

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ Salma Naz طرفان آندل موضوعَ ‏5 اپريل 2016۔

  1. Salma Naz

    Salma Naz
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏19 آگسٽ 2015
    تحريرون:
    32
    ورتل پسنديدگيون:
    50
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    ڌنڌو:
    نيوز ڪاسٽر
    [​IMG]

    اسلام آباد: پ پ سينيٽر فرحت الله بابر پاناما ليڪس پاران شهيد بينظير ڀٽو تي پرڏيهه ۾ ملڪيتون ٺاهڻ ۽ مني لانڊرنگ واري الزام کي رد ڪندي چيو آهي ته شهيد بي بي تي الزام ڪا نئين ڳالهه ناهي. ڪالهه جاري ڪيل بيان ۾ سينيٽر فرحت الله بابر چيو ته پاناما ليڪس پاران هنيل الزام غلط آهن. شهيد بينظير ڀٽو تي اڳ به بي بنياد الزام هنيا ويندا آهن، اها ڪا نئين ڳالهه ناهي. هن چيو ته هڪ ڏهاڪو پهريان به شهيد بينظير تي اهڙو الزام لڳو هو. نيب پراسيڪيوٽر جاچ لاءِ اسپين به ويو پر کيس خالي هٿين موٽڻو پيو. اسپين جي ميجسٽريٽ به چيو هو ته بينظير ڀٽو تي الزام بي بنياد آهن. فرحت الله بابر وڌيڪ چيو ته شهيد بينظير ڀٽو تي الزام هڻندڙن کي پنهنجو ماضي به جاچڻ گھرجي.

    مزيد خبرن لاءِ وزٽ ڪيو sindhi news
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو