مزاحيه نظم يار بچجان: جمن ڊي بلوچ

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
مزاحيه نظم يار بچجان: جمن ڊي بلوچ

يار بچجان

شيخ رشيد جي جملن کان
ماهي فقير جي رملن کان
بدر منير جي پشتو فلمن کانڍ
يار بچجان

2
نادرا وارن جي نخرن کان
واپڊا جي بلن ڳرن کان
ٽريزري وارن جي چڪرن کان
يار بچجان

3
سيڪريٽري تعليم کان
ايمپائر ڊار عليم کان
مصالحي واري حليم کان
يار بچجان

4
دادا ڀائي واري چڙھائي کان
ميرپور خاص جي ڪڙھائي کان
سرڪاري اسڪولن جي پڙھائي کان
يار بچجان

5
فيس بوڪ جي شاعرن کان
خطري واري سائرن کان
جمن جواري ڀائرن کان

6
ڪامريڊ جيالن کان
اڱاري پڙي جي دلالن کان
ڇوڪرين جي مس ڪالن کان

7
ٽنڊو آدم ٽنڊو الهيار رستي کان
چائنيز موبائيل خريدڻ سستي کان
سيکڙاٽ ڪنهن حجم اوستي کان

8
سياستدان جي روز روز ڏٽي کان
يوٽيليٽي اسٽور جي اٽي کان
ڪرڪيٽ راند جي سٽي کان

9
عشق جي آزار کان
ضياء جي مزار کان
حسن واري بازار کان

10
امداد سرڪاري کان
موٽر تي ٽيلھ سواري کان
رسم ڪارو ڪاري کان
يار بچجان يار بچجان
 
#___________غزل

By : Deedar Masoom

ٿو کَپي مُون کي سَهارو چَنڊَ جو ،
آ تَڏهن وَرتو ڪِنارو چَنڊ جو .

دِيدَ آ دَهليز تي اَٽڪي پئي ،
ڪُجه چَوي پيو اَڄُ اِشارو چَنڊَ جو .

تَونس جي هر وارتا آهي عَجب ،
ڇو نَہ ٿَي هَرڪو اڃارو چَنڊَ جو .

ڪِين ڪَر بيدار منهنجي روحَ کي ،
مان ڏٺو آهي نِظارو چَنڊَ جو .

رَقص ٿئي ٿو آسمان جي صحن تي .
ٿو وڻَي سڀ کي نغارو چَنڊَ جو ،

سڀ خوشون مونکان وٺو مونکي ڏجو
ٽهڪ هڪڙو بس اڌارو چَنڊَ جو .

بس دعائون ٿو گهران الله کان ،
شال بڻجان مان بہ پيارو چَنڊَ جو .

هِي وڏي واڪي چوي “معصومُ“ ٿو ،
ٿي نَہ سَگهندو ڪو دُلارو چَنڊَ جو .
 
Back
Top