خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال / آچر 10 اپريل 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* حڪومت خلاف پي ٽي آءِ جي جي تحريڪ جو حصو نه ٿينداسون: وڏو وزير(خبر)
* * زرداريءَ جي نواز شريف سان ملي ڀڳت جي ساري دنياکي خبرآهي (تبصرو)

* وزيراعظم پي آءِ اي جي نئين انتظامي ڍانچي جي منظوري ڏئي ڇڏي (خبر)
* *..... مطلب ته پي آءِ اي جي ”ذبح ٿيڻ“ جي منظوري ڏني وئي (تبصرو)

* هڪ آمر آئين ٽوڙي ملڪ کي ذلت ڏني: آصف زرداري (خبر)
* *...۽ اوهان سنڌ ۾ رشوت جو ميلو مچائي، پ پ پ کي ذلت ڏني (تبصرو)

* پنجاب ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن تيز ڪرڻ جو فيصلو(خبر)
* * سچ پچ يا اڳ وانگيان ڏيکاءُ؟ (تبصرو)

* چين ۾ پيرسن والدين جو خيال نه رکندڙ اولاد کي سزا جو فيصلو (خبر)
* * ڀلا، اهڙو خير جو ڪم ته اسان جي ملڪ ۾ به ٿيڻ گھرجي (تبصرو)

* آمريڪين کي پاڪستان جو غيرضروري سفر نه ڪرڻ جي هدايت (خبر)
* * لڳي ٿو پاڪستان جو نالو دنيا ۾ روشن نه ته “اونداهو” ضرور آهي (تبصرو)

* بلوچ دهشتگرد الله نذر زندهه ناهي رهيو: گهرو وزير سرفراز بگٽي (خبر)
* * 22 سنڌي پورهيتن جي قاتل جي جهنم رسيد ٿيڻ تي، سنڌي قومپرستن کي شديد صدمو ته رسيو هوندو(تبصرو)
 
Back
Top