• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال / سومر 11 اپريل 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* پاناما ليڪس سبب نواز شريف جي اقتدار ۾ رهڻ جو اخلاقي جوازڪونهي: شازيا مري (خبر)
* * ڀلا 94 ورهين جي قائم علي شاهه جي اقتدار ۾ رهڻ جو ڪو جواز آهي؟(تبصرو)

* سرڪار هر آبادگار کان ڪڻڪ خريد نه ٿي ڪري سگھي: صوبائي وزير ناصر شاهه (خبر)
* * سچا آهيو! سنڌ سرڪار رڳو سفارشين کان ڪڻڪ خريد ڪري سگھي ٿي (تبصرو)

* انتهاپسنديءَ خلاف صوفي ازم مددگار ٿي سگھي ٿو: رضا رباني (خبر)
* * پر سنڌي قومپرستيءَ وانگيان، صوفي ازم ۾ به ملاوٽ ٿي وئي آهي (تبصرو)

* حنا ٽالپرمڙس گڏ، شگفتا اعجاز جي بيوٽي پارلر ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي (خبر)
* * چوڻي آهي: سائين ته سائين پر سائينءَ جا ڪُتا به سائين (تبصرو)

* آئين ڦاڙڻ، قوم جو روح ڦاڙڻ جي برابر هوندو: آصف زرداري (خبر)
* *۽ سنڌ ۾ تو جھڙن جي ڪرپشن، عوام جي هنيانءُ ڦاڙڻ جي برابر آهي (تبصرو)

* چانڊڪا اسپتال ۾ ٻارڙن کي انتظاميا طرفان مُدي خارج کير ڏيڻ جو انڪشاف (خبر)
* * قائم علي شاهه جي ڪرپٽ سرڪار جي “سدا بهار” ڪرپشن جو هڪ مثال (تبصرو)

* سنڌ جي مسئلن جو حل “قوم دوست” سياست ۾ آهي: عبدالخالق جوڻيجو (خبر)
* * صاف چئو نه سنڌ جي مسئلن جو حل، ڀتاخور “قومپرستيءَ“ ۾ ناهي رهيو (تبصرو)
 
Back
Top