• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڊي سي هاءِ اسڪول نوابشاهه جون مٺڙيون مٺڙيون يادون/ ڊرائنگ ٽيچر استاد محمد ملوڪ جو اردو ڳالهائڻ

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
ڊي سي هاءِ اسڪول نوابشاهه ۾ اسان جو ڊرائنگ ٽيچر استاد محمد ملوڪ هو جڏهن ته هيڊماستر مشهور تعليمدان ايڇ ايم خوجا صاحب ـ استاد ملوڪ رٽائرمنٽ کانپوءِ نوابشاهه ۾ وڪالت ڪئي ۽ ٿورو وقت اڳ وفات ڪئي اٿس.

استاد ملوڪ ڀلو ڊرائنگ ٽيچر هو تنهن کي اسان جي شاگرديءَ واري زماني ۾، اردو ڳالهائڻ جو اوچتو شوق جاڳيو ـ اسان سدائين ڊارئنگ جي پيرڊ ۾، ڊرائنگ هال ۾ ويندا هئاسون جت استاد ملوڪ ڊرائنگ سيکاريندو هو پر اردو ٻوليءَ جون به سٺيون ٽنگون ڀڃندو هو ـ

هڪ ڀيري اسان ڊرائنگ هال ۾ ويٺاهئاسون. اسان سان اردو ڳالهائيندڙ شاگرد به گڏ هئا ـ اهڙي ئي هڪ شاگرد خورشيد پکي ٺاهيو، استاد ملوڪ سندس ٺاهيل پکيءَ جي ته واکاڻ ڪئي پر کيس اردوءَ ۾ چيائين: ”اگر يه بنڊ پر ھوتا تو اور اچھا لگتا“ ـ

استاد ملوڪ ته سنڌي لفظ بنڊ، ٿڙ جي معنى ۾ استعمال ڪيو هو پرغيرسنڌين لاءِ اهو لفظ گار کان گھٽ ڪونه هو ـ اسان ڏٺو ته اهو لفظ ٻڌي خورشيد جومنهن ئي لهي ويو ـ
 
Back
Top