• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄ 11 اپريل تي تربت ويجھو 22 بيگناهه قتل ٿيل سنڌي پورهيتن جي پهرين ورسي آهي

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
25768350054_dc4394dfc6_o.jpg

اڄ 11 اپريل 2016 تي انهن 22 بيگناهه سنڌي پورهيتن جي پهرين ورسي آهي جن کي تربت (بلوچستان) ويجھو سنڌي هئڻ جي ڏوهه ۾، بلوچ دهشتگرد تنظيم يعني بلوچ لبريشن فرنٽ (بي ايل ايف) جي سربراهه ڊاڪٽر الله نذر بلوچ رات جو شهيد ڪيو هو ـ افسوس ته هڪ سال گذرڻ جي باوجود شهيد ٿيل 22 سنڌي مزدورن جو معاوضو ، وارثن کي ڪونه مليو آهي ـ
بلوچ قومپرست ۽ بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير ڊاڪٽر مالڪ بلوچ شهيدن جي ڪُٽنبن مان هر هڪ لاءِ 10 ـ 10 لک روپين جي امداد جو اعلان ڪيوهو پر هڪ ورهيه گذرڻ جي باوجود کين معاوضي جا پيسا هيلتائين ڪونه مليا آهن جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه به هرهڪ لاءِ 2 ـ 2 لک روپين جي امداد جو اعلان ڪيو هو پر هڪ سال گذرڻ جي باوجود، اهي به کين ڪونه ملي سگھيا آهن جنهن ڪري مسڪين سنڌي پورهيتن جا ڪُٽنب بکن ۾ پاهه ٿي رهيا آهن ـ
22 سنڌي پورهيتن جي شهادت جي باوجود ڪنهن به مشهور بلوچ قومپرست اڳواڻ جھڙوڪ عطاءَالله مينگل، سندس پٽ سردار اختر مينگل، سينيٽر حاصل بزنجو، ماما قدير وغيره، دهشتگرد ڊاڪٽر الله نذر بلوچ جو نالو وٺي، ان جي مذمت ڪانه ڪئي جڏهن ته ڊاڪٽر الله نذر، بي بي سي اردو کي ڏنل ٻن انٽرويوز ۾ بار بار 22 سنڌي پورهيتن کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو ۽ وڌيڪ سنڌي پورهيتن کي قتل ڪرڻ جو به اعلان ڪيو هئائين ـ ٻئي طرف، بي ايل ايف جي ويب سائيٽ تي پڻ ساڳيو اعتراف ڪيترا ڀيرا ٿيل آهي ـ
ياد رهي ته ڪجھه هٿ ٺوڪين سنڌي قومپرستن، تربت ۾ 22 سنڌي پورهيتن جي قتل جي حمايت ڪئي هئي پر انهن، انهيءَ سوال جو جواب ڏيڻ کان انڪار ڪيو هوته جيڪي بلوچ پورهيت سنڌ ۾ اچن ٿا، سنڌي انهن جو ڪهڙو حشر ڪن؟
ياد رهي ته جي ايم سيد جي حامي تنظيم، ورلڊ سنڌي ڪانگريس لنڊن، بلوچ دهشتگر ڊاڪٽر الله نذر بلوچ هٿان سنڌي پورهيتن جي قتل جي مذمت کان به انڪار ڪيو هو پر حيرت انگيز طور آپريشن دوران سنڌي پورهيتن جي قاتل يعني ڊاڪٽر الله نذر بلوچ جي ڀاءُ ۽ ڀائٽين جي جهنم رسيد ٿيڻ تي جنيوا وڃي احتجاجي مظاهرو ڪيائون ـ
چيو وڃي ٿو ته 22 سنڌي پورهيتن جو قاتل ڊاڪٽر الله نذر بلوچ، قانون لاڳو ڪندڙ ايجنسين جي آپريشن ۾ اڳ ئي جهنم رسيد ٿي چڪو آهي ـ
 
Back
Top