اڙدو ميڊيا جي قربت ۾ اڳيان وڌندڙ توهان سنڌي لکياري، ليکڪ ۽ صحافي ڪير۽ ڇا چورائڻ پسند ٿا ڪريو؟ (جرنلسٽ يا اينڪر؟ ) هڪ ڳالهه ٿو پُڇان جو هاڻ جو سوال آهي سنڌ جو، نه تُنهنجو نه مُنهنجو! سنڌي ڏاهن کان ، ڏهاڪن کان ٻُڌندا پيا اچون ته "صحافت سچ جو ڊاڪومينٽس آهي؟ " ڇو جو ٻُڌائين ٿا ته ڪو وقت هو جڏنهن صحافت جو نالو کڻڻ سان ذهن ۾ (سچ، صداقت ۽ ڪمٽمينٽ) جو تصور ٿي اُڀريو، پر اڄوڪين (ڪمرشلزم) روايتن واري حالتن ۾ صحافت هڪ صنعت جي صورت اختيار ڪري ورتي آهي ۽ پرنٽ، اليڪٽرانڪ ميڊيا تي تڏنهن ئي (سچ ۽ صداقت) ڪمرشلائيز ٿي پيا آهن ته هاڻ ڪهڙو سچ وڪامبو ۽ ڪهڙو وقت تي وڪڻو آهي ۽ ڪهڙي سچ کي وڪڻنو ئي ناهي.
اها به حقيقت آهي ته اڃا به ڪي اهڙا گهڻائي صحافي موجود آهن جيڪي اڄ به باضمير آهن ۽ جن زندانن کي زندهدليءَ سان مُنهن ڏنو ۽ مُنهن ڏيندي، جهموريت جي پئداوار سچيءَ صحافت کي آمريت خلاف جوٽيل جنگ طور استعمال ڪيو ۽بغير رک رکاءَ جي پاڻ لاءِ (سچ ۽ صداقت) ڪمرشلائيز ٿيڻ نه ڏنو آهي. ماضيءَ ۾ اهڙن بي ڊپو، بي ريا، بي باڪ، باهمت ۽ بينظير صحافين کي سچيءَ صحافت جي سرواڻيءَ تان هٽائڻ لاءِ ڪئين تڪليفون ڏنيون ويون ۽ اهڙن سچن صحافين جون اخبارون ۽ ڊڪليئريش نه صرف منسوخ ڪيا پر کين مالي نقصان ڏيڻ لاءِ اشتهارن تي پابنديون وڌيون ويون ، ڪاغذن جي گهٽائي ڪئي وئي، جيلن ۾ بند ڪيو ويو، ڪوڙا هنيا ويا، پر هو پنهنجي مقصد تان نه هٽيا ۽ اٽل ارادن سان پنهنجي مشن کي ڪاميابيءَ سان همڪنار ڪيائون. سنڌ جي صحافتي تواريخ کي به ٽن دئورن ۾ تقسيم ڪري سگهجي ٿو. پهريون دئور 1853ع کان شروع ٿي 1910ع تي ختم ٿيو، ٻيو دئور 1911ع کان شروع ٿي 1947ع تي پاڪستان ڄهڻ سان ختم ٿيو، ۽ پوءِ ٽيون دئور 1947ع کان شروع ٿي اڄ 2016ع تائين جاري و ساري آهي. اها به هڪ تواريخي حقيقت رهي آهي ته صدين کان يعني تقريبن 856ع کان (سنڌ جي سرڪاري زبان فارسي) رهي آهي ان ڪري انگريزن جي دئور تائين هن ٻوليءَ جي ڪري فارسي ماحول ۽ ڪلچر جو به سنڌ تي اثر رهيو ۽ اُن کان پهرئين يعني 711ع کان پوءِ تائين سنڌ تي عربي ٻوليءَ، ماحول ۽ ڪلچر جو سنڌ تي به اثر رهيو. سنڌ مان اُن وقت نڪرندڙ فارسي اخبارن (مفرح القلوب 1855ع ۾ مطلع خورشيد 1860ع ۾ ۽ اڪليل 1870ع ۾) فارسي زبان ۾ شايع ٿيون هُيون. ٻين اخبارن جي ڀيٽ ۾ مفرح القلوب 55 سالن تائين شايع ٿيڻ جي ڪري فارسي اخباري شاعرن جو بُنياد رکيو ويو هو. 1866ع ۾ سنڌ گورنمينٽ جي تعليمي کاتي طرفان (سنڌ سُڌار) نالي سان هڪ اخبار شايع ٿي هُئي جيڪا هفتي ۾ هڪ ڏهاڙو (جمعي) تي نڪرندي هُئي. سنڌ سڌار کان پوءِ، هڪ خانگي اخبار(معاون الاسلام) شايع ٿي جيڪا (حسن علي آفنديءَ) جي سربراهيءَ نڪتي جنهنجو ايڊيٽر (شمس الدين بُلبل) هو. ته (سنڌي صحافتَ جو سفر)ٻئي دئور يعني 1911ع کان 1947ع تائين ٿيو هو. صحافت کي هڪ مُقدس پيشو سمجهجڻ لڳو، ڇو جو صحافت به هڪ لحاظ کان رياضيءَ وانگر (حقيقتن ۽ غير جذباتيت) تي ٻڌل هو ٺوس علم سمجهجڻ لڳو هو ۽ صحافت حالتن کي (جيئن جو تيئن) پيش ڪرڻ جو نالو آهي. صحافيءَ لاءَ ضحافت (فرض به آهي ته پيشو به) ڇو جو صحافي مئورخ به آهي ته سماج جو نقاد به، هو هڪ حققت شناس آهيسندس هٿ قوم جي نبض تي هوندا آهن ۽ هو قوم جي رڳ رڳ مان واقف هوندو آهي جيڪو قوم جي ڏکن، سُکن، خوشين، غ،ن، عجبن، حسرتن ۽ پريشانين جي به پوري ڄاڻ رکي ٿو. جيئن ته (صحافت غير جذباتيت تي ٻڌل ٺوس علم آهي) جنهنڪري هن ۾ به جّذباتيت جو عمل دخل موجود هوندو آهي پر ٻئي هنڌ اسان صحافت کي حقائق نگاريءَ جو ترجمان چئون ٿا ته اسانَ وساري ويهون ٿا ته (اخبار يا ٽيليويزن ٻئي هڪ صنعت به آهن) جنهنجو مقصد (ڪمرشلزم) ڪري پئسو ڪمائڻو آهي ۽ پئسو ڪمائڻ لاءِ ناڻون خرچ ڪندڙ يقينن انهيءَ ۾ (نفعي جي اُميد) به رکندو هوندوجنهنڪري هو صرف پنهنجي ئي مُفادن کي سامهون رکندو آهي، جنهن سان هو سرڪيوليشن يا پروگرام وڌائڻ جون ڪوششون ڪندو هوندو. پوءِ اڄ جي (اخبارن ۽ ٽيليوزن چئنلن) جي ڪردارن کي ذهن ۾ رکندي سوچي سگهجي ٿو ته (صحافت وارو بُنيادي فيڪٽر (سچ، صداقت ۽ ڪميٽمينٽ) جو تصور ڪٿان اُڀرندو؟ جڏنهن ته اڄ جي ڪمرشلزم ۽ مارڪيٽنگ جي حالتن، (اخبارن ۽ ٽيليويزن چئنلن) به ٻين ڪاروباري ادارن وانگر بلڪه انهيءَ کان به گهڻي کپجندڙ پروڊڪٽ (صحافت صنعت) جو روپ اختيار ڪري ورتو آهي اهوئي سبب آهي جو اڄ (سچ ۽ صداقت) ڪمرشلائيزڪري مارڪيٽنگ ٿي وڪڻبا آهن ۽ ڏسبو آهي ته ڪهڙو ڪوڙ ۽ ڪهڙو سچ، ڪڏنهن ، ڪيئن ۽ ڪٿي، ڪنهن هٿان وڪڻڻو آهي ۽ ڪهڙي ڪوڙ سچ کي اسٽاڪ ڪري وقت تي ڊبل ٽرپل اگه تي وڪڻبو ۽ ڪهڙو سچ ۽ ڪوڙ وڪڻبو ئي ڪونه جو جان جو خطرو به هوندو آهي. ۽ پوءِ اهڙن سچ ۽ ڪوڙ يا صداقت کي وڪڻڻ لاءِ خاص گهڻ ڳالهايا ڳولبا ۽ تيار ڪبا آهن، جيڪي گهڻي ۾ گهڻو ڪوڙ بي باقيءَ سان ادا ڪن ۽ گهڻو اگه حاصل ڪن. جنهن کي اڄ جي زبان ۾ (اينڪر) ۽ اڳ جي زبان ۾ (پيلو صحافي) چئبو آهي. هاڻ فيصلو اوهانجو ته توهان ڪير چورائڻ پسند ڪندا (صحافي يا اينڪر؟)