• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

فضيلا کي اغوا ڪندڙ حڪومت کان سگهارا بڻيل

نياز الاهي

سينيئر رڪن
09سالن جي احتجاج ۽ مظاهرا،ڪورٽن ۽ وڏي وزير ۽ مخلتف آءِجي جا سوموٽو (پاڻمراده) نوٽيس بہ فضيلاسرڪي کي بازياب ڪرائي نہ سگهيا،سوشل ميڊيا تي احتجاج کانپوءِ سنڌ اسيمبلي ۾ ڪيس جو پرلاءۡ بہ ايوانن ۾ ويٺل حڪمرانن جا ضمير جاڳائي نہ سگهيو،ان سڄي عمل کان پوءِ اسان اهو سوچڻو تي حق بجانب آهيون تہ جوابدار حڪومت ۽ قانون کان سگهارا آهن،ڇوتہ جيڪڏهن ائين نہ هجي ها تہ پوءِ فضيلا سرڪي جا والدين روز ميڊيا آڏو انهن جا نالا کڻن ٿا پر پوءِ بہ پوليس کين سوگهو ڪرڻ کان لنوائي رهي آ.
 
Back
Top