جراثيم

'سائنس جي دنيا' فورم ۾ ارسلان علي ملڪاڻي طرفان آندل موضوعَ ‏13 اپريل 2016۔

  1. ارسلان علي ملڪاڻي

    ارسلان علي ملڪاڻي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏6 مارچ 2016
    تحريرون:
    9
    ورتل پسنديدگيون:
    18
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    جراثيم: هيءُ لفظ فارسي ٻوليءَ مان ورتل آهي، جنهن جو مفهوم اهي ننڍڙا جيوڙا جيڪي عام طرح نظر نه ايندا آهن، فقط خوردبينيءَ سان ڏسي سگهبا آهن. -جراثيم-، نامياتي جسم آهن، جيڪي جيوگهرڙن تي مشتمل هوندا آهن. خوردبينيءَ سان ئي ڏسي سگهبا آهن. ڪي اهڙا به آهن، جيڪي خوردبينيءَ سان به ڏسڻ ۾ نه ايندا آهن. اهي مختلف جسم رکندا آهن ۽ انهن جون شڪليون به هڪ ٻئي کان ڪافي مختلف هونديون آهن. اهي -انسان- جي جسم ۾ داخل ٿي بيماريون پيدا ڪندا آهن.
    جراثيم -ٽن- مختلف گروهن ۾ ورهايل آهن، -جراثيم- جياپي لاءِ هوا مان نائٽروجن ۽ ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جذب ڪندا رهندا آهن. پاڻيٺ جي صورت ۾ واڌ ويجهه ڪندا آهن ۽ خشڪيءَ سان ختم ٿيندا آهن. روشني به انهن کي ماريندي آهي. -جراثيم- نباتاتي يا ٻوٽن جي پيداوار آهن ۽ ٻوٽن جي گهرڙن مان پيدا ٿين ٿا. اهي هر هنڌ، هوا، مٽيءَ ۽ ٻين جاندارن جي جسم ۾ موجود هوندا آهن، اهي -بئڪٽيريا- نقصانڪار آهن، ٻوٽن ۽ جانورن جي جسمن ۾ زهريلا مادا پيدا ڪري مختلف بيمارين جو ڪارڻ بڻبا آهن. ڪي -بئڪٽيريا- ڪارائتا هوندا آهن جيڪي کير مان ڌئونرو، سرڪو ۽ پنير ٺاهڻ ۾ مدد ڏيندا آهن. ڪي -بئڪٽيريا- هوا ۾ موجود نائٽروجن کڻي مٽيءَ ۾ ملائي ٻوٽن ۽ جانورن کي مهيا ڪندا آهن. بئڪٽريا، نمونيا، مدي جي تپ، سلهه، ڪالرا، ڦٽن ۽ ڦرڙين ۾ پونءِ وغيره پيدا ڪندا آهن. -بئڪٽيريا- ۾ نسل جي افزائش جو طريقو بائنري فشن (Binary Fission) سان ٿيندو آهي. -بئڪٽيريا- 20 کان 25 منٽن ۾ هڪ مان ٻن ۾ ورهائجي ٿو ۽ انهي رفتار سان -ٿوري- عرصي ۾ ايترا ته -بئڪٽيريا- ٺهي پون ٿا، جو انهن جو مجموعي تعداد هن وايو منڊل کان به وڌي وڃي ٿو. هي پنهنجي مٿان هڪ -ٿلهو- کوپو يا خول ٺاهيندا آهن جنهن کي اسپور (Spore) چوندا آهن. اهڙيءَ طرح هي سخت گرمي ۽ سردي کان محفوظ رهن ٿا. سازگار حالتون اچڻ تي اسپور مان نڪري وري معمول مطابق زندگي گذارڻ ۽ افزائش ڪرڻ شروع ڪندا آهن. انهيءَ ڪري تمام ضروري آهي ته جيڪي جانور انهن بيمارين ڪري مري ويا هجن، انهن جو پوسٽ مارٽم نه ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ جو ڪروڙين -بئڪٽيريا- اسپور ٺاهي زمين تي رهي ۽ بيماري جو ڪارڻ بڻبا آهن .
     
    اطهر علي پٺاڻ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو