• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خبرون تي ٽيڪا ٽپڻي / محمد خان سيال / خميس 14 اپريل 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* مڪلي قبرستان جو سال 2008 کان پاڻي بند، سنڌ سرڪار جو اعتراف (خبر)
** سنڌ جا حڪمرانو!ڪجھه ته شرم ڪريو، تاريخي قبرستان کان به نه ٿا مُڙو؟ (تبصرو)

* حيدرآباد ۾ پڪي قلعي جي ڀت ڪري پئي، 4 گھر متاثر (خبر)
* * ڏسون ته زرداريءَ جي ڪرپشن واري قلعي جي ڀت ڪڏهن ٿي ڪري؟ (تبصرو)

* قاسم آباد ۾ سوشل ويلفيئر جي زمين ٿاڻي حوالي (خبر)
* * جھڙي ريت قاسم آباد، ڪوڙن سنڌي قومپرستن جي حوالي آهي (تبصرو)

* پاناما اسڪينڊل اهم آهي، پهريان ان جي تحقيقات ڪريو: قائم علي شاهه (خبر)
* * سڀ کان اڳ، اوهان جي ڪرپشن جي ڇو نه جاچ ٿئي؟ (تبصرو)

* ننڍن صوبن سان ٿيندڙ رويو سڀني جي اڳيان آهي: پرويز خٽڪ (خبر)
* * ننڍا صوبا؟ انتظامي لحاظ کان سڀ صوبا برابر هوندا آهن (تبصرو)

* چوڌري نثار جي الزامن تي منهنجي خلاف تحيقات ڪريو: خورشيد شاهه (خبر)
* * پهريان ٻڌاءِ ته ميڊر ريڊر مان ارب پتي ڪيئن ٿئين؟ (تبصرو)

* سنڌ ۾ صوفي ازم نه پر ڏنڊو ڪونڊو آهي: آغا سليم مرحوم (خبر)
* * ڏنڊي ڪونڊي سان گڏ قومپرستن جي ڀتاخوري ۽ پلاٽ گيري به (تبصرو)

* ڪرناڻي، زمين جي جھيڙي تان قتل ٿيو: ڀاءُ انور جو بي بي سي کي انٽرويو (خبر)
* * قومپرست شفيع ڪرناڻيءَ جي وارثن سان ضرور انصاف ٿيڻ گھرجي (تبصرو)
 
Back
Top