محمد خان سيال
سينيئر رڪن
گذريل 3 ورهين ۾ نوڪرين لاءِ پرڏيهه ويندڙن ۾ سنڌين جو انگ اٽي ۾ لوڻ برابر به ڪونهي جڏهن ته اوورسيز جو وزير صدرالدين راشدي، پاڪستان مسلم ليگ (فنڪشنل) جو اهم اڳواڻ آهي ـ مون اوورسيز وارن کان اهو سوال ذاتي طور پڇيو هو: هڪ سنڌي آفيسر وراڻيو: سنڌين جو، نوڪرين لاءِ ٻاهر ويندڙن جو انگ، اٽي ۾ لوڻ برابر به ناهي ـ سندس چوڻ هو ته فاروق ستار (ايم ڪيو ايم) سندن دفتر ۾ اچي 200 اردو ڳالهائيندڙ ڀرتي ڪرايا هئا پر افسوس صدرالدين شاهه راشدي ڪڏهن به سنڌين کي ڀرتي ڪرائڻ لاءِ جاکوڙ ڪونه هئي ـ
مون کي انهيءَ صورتحال تي، محترما مهتاب اڪبر راشدي، ايم پي اي ياد اچي وئي (جنهن لاءِ مون کي ذاتي طور سدائين عزت رهي آهي) جيڪا فنڪشنل ليگ وارن جي سنڌي دشمنيءَ تي بلڪل ماٺ ۾ هوندي آهي ـ ويچاريءَ کي اهو به ياد ڪونهي ته مرحوم پير پڳاري ستون جيڪو پاڻ کي سدائين جي ايڇ ڪيو جو ماڻهو سڏائيندو هو تنهن جو ڪردار سدائين سنڌ ۽ سنڌي دشمن رهيو ۽ هر قومي معاملي تي هو سنڌين خلاف ”سلطاني گواهه“ بڻيل رهيو ـ
شهيد بينظير ڀُٽي، مھتاب اڪبر راشديءَ کي گھڻي عزت ڏني ۽ سندس شاديءَ ۾ به شريڪ ٿي هئي پر مهتاب اڪبر راشدي انهيءَ مان نه ڄاتو ـ سنڌين کي ٻاهر ملڪن ۾ ملازمتن ۾ نمائندگي نه ملڻ تي، ويچاري مهتاب اڪبر راشدي بلڪل ماٺ ۾ آهي ۽ نه ئي هو ڪڇندي، مصالحت جي به ڪا حد ٿيندي آهي...!!
ساڳي حالت فنڪشنل ليگ جي سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر نصرت سحر جي به آهي ـ

انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: