خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال / آچر 17 اپريل 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* سنڌ جي تعليم ۽ صحت جي تباهيءَ ۾ لانگ بوٽن جو حصو ناهي: امر جليل (خبر)
* * پراڻي امر جليل ۽ نئين امر جليل ۾ زمين آسمان جو فرق آهي (تبصرو)

* حيدرآباد ۾ ادبي ميلو مچائي، اسان ڪراچيءَ کي سرينڊر ڪري ڇڏيو آهي: امر جليل (خبر)
* * سنڌين ۾ سدائين وانگي مايوسي نه پکيڙيو، ادبي پروگرام ڪراچيءَ ۾ به ٿيندا رهيا آهن ۽ ٿيندا رهندا (تبصرو)

* انگريزن سنڌ جي بهتر تهذيب ختم ڪئي: حميدا کهڙو(خبر)
* * جھڙي ريت اوهان جي والد ايوب کهڙي، ون يونٽ زوري ٺهرائي سنڌ کي ختم ڪيو هو(تبصرو)

* نواز شريف اوهان کي ڇو ڪونه ٿو وڻي؟ پرويز رشيد خبر)
* * پنجاب جو وزيراعظم نواز شريف، الله تعالى اوهان کي ئي بخشي ڏئي (تبصرو)

* پ پ پ ايم پي اي سهراب سرڪيءَ جو ڀاءُ بارداڻي جون هزارين ٻوريون ڦري ويو(خبر)
* * سنڌ ٿي يا بابيَ جي جاگير؟ بيد گورننس جو ”شاندار مثال“ (تبصرو)
 
Back
Top