“ ڇوٽو گينگ ”پنجاب جي “ لياري گينگ” !

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏17 اپريل 2016۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    “ ڇوٽو گينگ ”پنجاب جي “ لياري گينگ” !

    شفيق شاڪر

    جڏهن نيشنل ايڪشن پلان جي حوالي سان ملڪ ۾ دهشتگردن،پاٿاريدارن ۽ ٻين سماج دشمن عنصرن خلاف عسڪري قيادت طرفان ڀرپور قسم جو آپريشن ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو ته پنجاب حڪومت صوبي ۾ “مثالي امن” جو جواز ڄاڻائيندي فوج يا رينجرز کي پنجاب ۾ ڪنهن به قسم جي آپريشن کان پري رکڻ جي مسلسل ڪوشش ڪندي آئي.پنجاب جي وزير قانون جنهن مسلسل اهو راڳ پئي ڳايو ته پنجاب ۾ نه ته دهشتگردن جا ڪي ٺڪاڻا آهن ۽ نه ئي پنجاب ۾ ڪي نو گو ايرياز آهن.مارچ ۾ لاهور ۾ ٿيل بم ڌماڪي ۽ تازو هڪ ڏوهاري گينگ طرفان پنجاب پوليس جي سپاهين کي اغوا ڪري انهن مان ڪيترن کي ئي قتل ڪري ڇڏڻ واري واردات پنجاب حڪومت جي انهن سمورين دعوائن جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا آهن.پنجاب پوليس جنهن جي قابليتن ۽ صلاحيتن جا ڳڻ ڳايا پئي ويا انهيء جي حالت اها آهي جو اها گذريل سترهن ڏينهن کان راجنپور واري علائقي تي قابض “ ڇوٽو گينگ” جي خلاف آپريشن ڪري رهي آهي پر انهيء گينگ جا اڳواڻ گرفتار ڪرڻ بجاء ڪيترن ئي پوليس وارن جون حياتيون وڃائي چڪي آهي.اها ئي پنجاب حڪومت جيڪا پنجاب ۾ رينجرز جي ڊپلائيمينٽ واري سمريء کي گذريل ڇهن مهينن کان لٽڪايو ويٺي آهي تنهن پاڪستان آرميء کي مدد جي لاء باقائدي درخواست ڏيئي ڇڏي آهي.جيستائين ڇوٽو گينگ جو تعلق آهي ته ان جي حيثيت اها ئي آهي جيڪا ڪراچيء ۾ لياري گينگ وار جي هئي.رپورٽن مطابق پنجاب حڪومت جي ڪيترن ئي وزيرن ۽ مشيرن جا ڇوٽو گينگ سان لاڳاپا رهندا پيا اچن.ان گينگ جي طاقت جو اندازو ان مان لڳائي سگھجي ٿو جو ان جي خلاف شروع ڪيل آپريشن ۾ پنجاب حڪومت مختلف ضلعن مان اٽڪل 1600 پوليس وارا گھرايا آهن جيڪي ان ڪاروائيء ۾ حصو وٺي رهيا آهن پر اها گينگ ايتري ته مضبوط آهي جو عام شهري ته ڇا پر خود قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي ماڻهن کي نه رڳو آسانيء سان اغوا ڪريو وٺي پر انهن کي قتل به ڪريو ڇڏي.رحيم يار خان ۽ راڄن پور ضلعن جي ڪچي جي هڪ وڏي علائقي تي انهيء گينگ جو مڪمل قبضو آهي ۽ اهو علائقو مڪمل طور تي نوگوايريا بڻيل آهي جڏهن ته اڃا ٿورو عرصو پهرين پنجاب جو وزيرقانون نڪ جي ڏاڍائيء سان ميڊيا تي چئي رهيو هو ته “ پنجاب ۾ ڪوبه نو گو ايريا موجود ناهي.”

    انهيء گينگ جي خلاف ٿيندڙ ايڏي وڏي آپريشن ۽ هيستائين ٿيل قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي جوانن جي جاني نقصان باوجود اڃا تائين ان گروھ جو هڪڙو ميمبر به گرفتار نه ٿي سگھيو آهي.ان مان سمجھي سگھججي ٿو ته پنجاب حڪومت وٽ دهشتگردن ۽ ڏوهارين سان منهن ڏيڻ جي ڪيتري “صلاحيت ” موجود آهي!

    ان گينگ جو اڳواڻ غلام الرسول عرف ڇوٽو جا حڪومت جي ڪيترن ئي اهم ماڻهن توڙي پوليس عملدارن سان لاڳاپا بيان ڪيا وڃن ٿا جنهن ڪري حڪومت انهيء کي گرفتار ڪرڻ بدران مرده حالت ۾ هٿ ڪرڻ گھري ٿي ته جيئن سنڌ وانگر عزير بلوچ واري ڪهاڻيء جهڙي ڪا ڪهاڻي پنجاب ۾ سامهون نه اچي.اهي حقيقتون به سامهون آيون آهن ته ان گينگ جا پوري پاڪستان ۾ ٻين دهشتگرد توڙي ڏوهاري تنظيمن سان به وسيع رابطا آهن خاص طور تي سنڌ ۽ بلوچستان جي بارڊر وارن علائقن ۾ انهن جو وسيع نيٽ ورڪ موجود آهي.آخري اطلاعن تائين پنجاب حڪومت جي درخواست تي پاڪستان آرميء جا جٿا آپريشن جي لاء پنجاب روانا ٿي چڪا آهن ۽ جيئن ئي اهو آپريشن شروع ٿيندو ته امڪان آهي ته گھڻن ئي پردانشينن جا نالا سامهون اچڻ وارا آهن جيڪي ڪنهن نه ڪنهن نموني انهيء گينگ کي پنهن جن ذاتي توڙي سياسي مقصدن لاء استعمال ڪندا رهيا آهن. هتي اهو اهم سوال به اٿاريو پيو وڃي ته ٻين صوبن ۾ ٿيندڙ آپريشن جي ڪاميابين جو ڪريڊٽ کڻندڙ نون ليگ حڪومت آخر هيتري عرصي تائين پنهن جي صوبي پنجاب ۾ ڪهڙو ڪم ڪندي رهي آهي جو هن کان صرف هڪڙي ڏوهاري گينگ به ڪنٽرول ۾ نه ٿي اچي؟انهيء جو مطلب اهو ٿيو ته ماضيء ۾ نيشنل ايڪشن پلان تي عمل درآمد جي حوالي سان پنجاب حڪومت سخت لاپرواهي ۽ مجرماڻي غفلت جو مظاهرو ڪندي رهي آهي.جيڪو رويو انهن شڪن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جو سبب بڻجي ٿو ته پنجاب حڪومت جي ڪجھ بااثر وزيرن ۽ مشيرن جا دهشتگرد تنظيمن ۽ اهڙين ڏوهاري گينگز سان واسطا آهن جنهن ڪري اهڙين تنظيمن کي پنجاب ۾ محفوظ پناه گاهون ملنديون رهيون آهن.ڪيتري وقت کان خود پنجاب بيس ميڊيا رڙيون ڪندي رهي آهي ته سڄو پنجاب اهڙين دهشتگرد تنظيمن ۽ ڏوهاري گينگز وٽ يرغمال بڻيل آهي پر اتان جو وزيرقانون هر ڀيري عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجھندي اهو ئي رينگٽ وڄائيندو رهيو آهي ته پنجاب پرامن آهي، پنجاب ۾ ڪراچيء جهڙيون حالتون نه آهن ،پنجاب جي پوليس ڏوهارين سان منهن ڏيڻ جي پوري صلاحيت رکي ٿي،پنجاب ۾ رينجرز يا فوجي آپريشن جي ڪا ضرورت نه آهي،پنجاب ۾ دهشتگردن جا ڪي به ٺڪاڻا موجود ناهن وغيره وغيره پر هاڻي جڏهن ساڳيو وزير قانون پاڪستاني فوج کي پنجاب ۾ مدد لاء پڪاري ٿو ته سمجھ ۾ نٿو اچي ته اهڙي “پرامن” صوبي ۾ هروڀرو فوج يا رينجرز کي تڪليف ڏيڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي!جنهن ملڪ يا صوبي ۾ ان قسم جا وزير قانون هجن جن جون اکيون صرف تڏهن کلنديون هجن جڏهن ماڻهن جو هڪ وڏو تعداد پنهن جون قيمتي جانيون وڃائي ويهي ته پوء عوام کي پنهنجن بدنصيبين تي روئڻ گھرجي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو