نثارناز
سينيئر رڪن
هنڌ ۾ رهندڙ سُرن جي راڻي سنڌياڻي فنڪاره محترما ڪوشي لالواڻي طرفان مونکي موڪليل هڪ اي ميل ذريعي ساري دنيا جي سنڌين سان اها ڳالهه شيئر ڪئي وئي آهي ته محترما ڪوشي لالواڻي کي جيڪو سنڌي ٻولي جِي فن موسيقي ذريعي خدمت ڪرڻ عيوض 25000 پنجويهه هزار روپيا نقد ڪيش ايوارڊ مليو آهي ، انهي ايوارڊ جي سموري رقم سندس پاران سنڌ جي گهوٽ ساري دنيا جي شاعرن جي سرتاج شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي سُر مومل راڻي تي ٺهندڙ اينيميشن فلم تي خرچ ڪئي ويندي۔ ان سلسلي ۾ وڌيڪ ٻُڌائيندو هلان ته سنڌي ٻولي جي خدمت ڪرڻ واري هن اهم ترين فني ۽ ٽيڪنيڪي پروجيڪٽ سُر مومل راڻي تي پهريون گيت جنهن جا ٻول ڪجهه هن ريت آهن “ آ وري راڻا مومل ماندي آهي” ڳايو ويندو، ان گيت جي شاعري، آواز ۽ ڊائريڪشن ڀيڻ ڪوشي لالواڻي جي آهي اهو گيت ارپيو ويندو سنڌ جي مهان شاعرن، سموري دنيا جي سنڌين ، ۽ سموري سنڌ کي۔ ته جيئن ڀيڻ ڪوشي لالواڻي جي چواڻي مطابق سنڌ ڌرتي جو مان مٿاهون ٿي سگهي۔
ان کان علاوه محترما ڪوشي لالواڻي کي ايوارڊ ڏيڻ جي باري ۾ جيڪا سنڌ سلامت تي مون خبر موڪلي هُئي ان باري ۾ پڻ سنڌ سلامت جا لکين ٿورا مڃيا اٿس ۽ سڀني سنڌين کي ان سلسلي ۾ کوڙ ساريون واڌايون ڏنيون اٿس۔
ان کان علاوه محترما ڪوشي لالواڻي کي ايوارڊ ڏيڻ جي باري ۾ جيڪا سنڌ سلامت تي مون خبر موڪلي هُئي ان باري ۾ پڻ سنڌ سلامت جا لکين ٿورا مڃيا اٿس ۽ سڀني سنڌين کي ان سلسلي ۾ کوڙ ساريون واڌايون ڏنيون اٿس۔
پيش آهي محترما ڪوشي لالواڻي جي موڪليل هڪ نئين اي ميل جو عڪس جيڪا هُن ڪالهه مونکي ڏياري موڪلي