• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شاهه عبداللطيف جي شاعري ۽ سندس سُرن جي اينيميشن فلم۔

نثارناز

سينيئر رڪن
هنڌ ۾ رهندڙ سُرن جي راڻي سنڌياڻي فنڪاره محترما ڪوشي لالواڻي طرفان مونکي موڪليل هڪ اي ميل ذريعي ساري دنيا جي سنڌين سان اها ڳالهه شيئر ڪئي وئي آهي ته محترما ڪوشي لالواڻي کي جيڪو سنڌي ٻولي جِي فن موسيقي ذريعي خدمت ڪرڻ عيوض 25000 پنجويهه هزار روپيا نقد ڪيش ايوارڊ مليو آهي ، انهي ايوارڊ جي سموري رقم سندس پاران سنڌ جي گهوٽ ساري دنيا جي شاعرن جي سرتاج شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي سُر مومل راڻي تي ٺهندڙ اينيميشن فلم تي خرچ ڪئي ويندي۔ ان سلسلي ۾ وڌيڪ ٻُڌائيندو هلان ته سنڌي ٻولي جي خدمت ڪرڻ واري هن اهم ترين فني ۽ ٽيڪنيڪي پروجيڪٽ سُر مومل راڻي تي پهريون گيت جنهن جا ٻول ڪجهه هن ريت آهن “ آ وري راڻا مومل ماندي آهي” ڳايو ويندو، ان گيت جي شاعري، آواز ۽ ڊائريڪشن ڀيڻ ڪوشي لالواڻي جي آهي اهو گيت ارپيو ويندو سنڌ جي مهان شاعرن، سموري دنيا جي سنڌين ، ۽ سموري سنڌ کي۔ ته جيئن ڀيڻ ڪوشي لالواڻي جي چواڻي مطابق سنڌ ڌرتي جو مان مٿاهون ٿي سگهي۔
ان کان علاوه محترما ڪوشي لالواڻي کي ايوارڊ ڏيڻ جي باري ۾ جيڪا سنڌ سلامت تي مون خبر موڪلي هُئي ان باري ۾ پڻ سنڌ سلامت جا لکين ٿورا مڃيا اٿس ۽ سڀني سنڌين کي ان سلسلي ۾ کوڙ ساريون واڌايون ڏنيون اٿس۔
پيش آهي محترما ڪوشي لالواڻي جي موڪليل هڪ نئين اي ميل جو عڪس جيڪا هُن ڪالهه مونکي ڏياري موڪلي​
koh.JPG


koshi%204.JPG
 
جواب: شاهه عبداللطيف جي شاعري ۽ سندس سُرن جي اينيميشن فلم۔

سائين اها تمام خوشيءَ جي خبر آهي۔۔ اهي ڪم ته ادارن کي ڪرڻ کپن، پر جيڪي ڪم سائڻ ڪوشي لالواڻي ڪري رهي آهي اهي سنڌ جي تاريخ ۾ ياد رکيا ويندا۔
 
جواب: شاهه عبداللطيف جي شاعري ۽ سندس سُرن جي اينيميشن فلم۔

ڍڳي جو ملهه هزار ڍڳو هر نه هلي ۔۔۔ شاوا
ڍڳو پير پيران ۔۔۔ شاوا
سنڌ جا ادارا ۽ سنڌ جا ڪامورا ۔۔۔ شاوا
ڍڳو پير پيران ۔۔۔ شاوا
پيٽ ڀريو، سنڌ لٽايو ۔۔۔ شاوا
ڍڳو پير پيران ۔۔۔ شاوا
آمريڪا سرڪار آهي بابا ۔۔۔ شاوا
ڍڳو پير پيران ۔۔۔ شاوا
منهنجي پير پڄاءِ ۔۔۔ شاوا
ڍڳو پير پيران ۔۔۔ شاوا
نوابشاهي يا ڪامورا شاهي ۔۔۔ شاوا
ڍڳو پير پيران ۔۔۔ شاوا
سڀ ڀائي ڀائي ۔۔۔ شاوا
ڍڳو پير پيران ۔۔۔ شاوا
کائو ۽ لٽايو، مسڪينن کي لتاڙيو ۔۔۔ شاوا
ڍڳي جو ملهه هزار ڍڳو هر نه هلي ۔۔۔ شاوا
ڍڳو پير پيران ۔۔۔ شاوا

اي سنڌ دوستو!
سنڌ جو نظام بدلايو ۔۔۔ شاوا
روئڻ سان ڪين ورندو راڻو ۔۔۔ شاوا
ڪهاڙي کڻو ڪلهي تي ۽ وهايو ڏاٽو ۔۔۔ شاوا
ڀيڻ ڪوشي لالواڻيءَ سميت سڀ سنڌ سڄڻ ۔۔۔ شاوا
 
جواب: شاهه عبداللطيف جي شاعري ۽ سندس سُرن جي اينيميشن فلم۔

[quote=مست;27460]سائين اها تمام خوشيءَ جي خبر آهي۔۔ اهي ڪم ته ادارن کي ڪرڻ کپن، پر جيڪي ڪم سائڻ ڪوشي لالواڻي ڪري رهي آهي اهي سنڌ جي تاريخ ۾ ياد رکيا ويندا۔[/quote]

بلڪل ادا ڄامشورائي اسد مست ! دنيا ۾‌ ڪي ٿورا ماڻهو هوندا جيڪي پنهنجي ٻولي ، پنهنجي ڌرتي جي شان مان کي وڌائڻ‌ لا پاڻ پتوڙيندا آهن ۽ تاريخ ۾ امر ٿي ويندا آهن ۔ سانئڻ‌ ڪوشي لالواڻِي به انهن ماڻهن مان هڪڙي پُرخُلوص سنڌياڻي آهي، جيڪا هند ۾ رهي ڪري به پنهنجي سنڌي ٻولي ۽ سنڌ ڌرتي لا گهڻو ڪجهه ڪري رهي آهي۔ کيس جس هُجي۔ شاهه سائين جي سُرن جي اينيميشن فلم جي باري ۾ ميڊم ڪوشي لالواڻي جي اهم ترين پروجيڪٽ جي خبر سنڌي انٽر نيٽ جي دنيا ۾ سڀ کان پهرين سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ‌ تان ساري دنيا جي سنڌين سان شيئر ٿي اها ڳالهه به اسان لا وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي۔ لکين شاباسون هُجن ۽ واڌايون هُجن اسان جي محنتي ۽ سُورمي سنڌياڻي ڀيڻ ڪوشي لالواڻي کي۔
 
جواب: شاهه عبداللطيف جي شاعري ۽ سندس سُرن جي اينيميشن فلم۔

ڍڳي جو ملهه هزار ڍڳو هر نه هلي ۔۔۔ شاوا
ڍڳو پير پيران ۔۔۔ شاوا
سنڌ جا ادارا ۽ سنڌ جا ڪامورا ۔۔۔ شاوا
ڍڳو پير پيران ۔۔۔ شاوا
پيٽ ڀريو، سنڌ لٽايو ۔۔۔ شاوا
ڍڳو پير پيران ۔۔۔ شاوا
آمريڪا سرڪار آهي بابا ۔۔۔ شاوا
ڍڳو پير پيران ۔۔۔ شاوا
منهنجي پير پڄاءِ ۔۔۔ شاوا
ڍڳو پير پيران ۔۔۔ شاوا
نوابشاهي يا ڪامورا شاهي ۔۔۔ شاوا
ڍڳو پير پيران ۔۔۔ شاوا
سڀ ڀائي ڀائي ۔۔۔ شاوا
ڍڳو پير پيران ۔۔۔ شاوا
کائو ۽ لٽايو، مسڪينن کي لتاڙيو ۔۔۔ شاوا
ڍڳي جو ملهه هزار ڍڳو هر نه هلي ۔۔۔ شاوا
ڍڳو پير پيران ۔۔۔ شاوا

اي سنڌ دوستو!
سنڌ جو نظام بدلايو ۔۔۔ شاوا
روئڻ سان ڪين ورندو راڻو ۔۔۔ شاوا
ڪهاڙي کڻو ڪلهي تي ۽ وهايو ڏاٽو ۔۔۔ شاوا
ڀيڻ ڪوشي لالواڻيءَ سميت سڀ سنڌ سڄڻ ۔۔۔ شاوا
مطلب ته ادونثار ابڙو آهي فل فارم ۾ شاوا
جو اهڙي سُٺي لکي اٿس شاعري شاوا
سنڌياڻي ڀيڻ‌ ڪوشي لالواڻي به پڙهي سندس شاعري شاوا،
باقي آمريڪا سرڪار جي ڪجي ڪهڙي ڳالهه شاوا
عشق هتي سستو سستو پر مهانگي آهي دال شاوا
 
جواب: شاهه عبداللطيف جي شاعري ۽ سندس سُرن جي اينيميشن فلم۔

سائين اها تمام خوشيءَ جي خبر آهي۔۔ اهي ڪم ته ادارن کي ڪرڻ کپن،
 
Back
Top