ڪنهن وقت جي ڳالهہ آهي تہ هڪڙي ڏيڏر ۽ ڪوئي جي وچ ۾ دوست ٿي وئي، جيئن توهان ڄاڻو ٿا تہ ڪوئو خُشڪي جو جانور آهي ۽ ڏيڏر اڪثر وقت پاڻي ۾ رهي ٿو. ڪوئي کيِ ڏيڏر جي پاڻي ۾ رهڻ واري عادت ڏاڍو پريشان ڪندي هُئي، ڇو تہ ڏيڏر جڏهن پاڻي۾ هليو ويندو هو تہ ڪوئو ويچارو ڪلاڪن جا ڪلاڪ تلاء جي ڪيناري تي ويهي ڏيڏر جو انتظار ڪندو هو. آخر ٻنهي انهي مسلي جو حل ڳولهي لڌو، ۽ ٻنهي رابطي جو ذريعو ايجاد ڪيو، هڪڙو ڌاڳو کيو جنهن جو هڪ ڇيڙو ڪوئي جي پُڇ ۾ ۽ ٻيو ڏيڏر جي پير ۾ ٻَڌي ڇڏيو، هاڻ جڏهن بہ هنن دوستن کي ملڻو هوندو هيو تہ ڪوئو تلاء تي اچي ڌاڳو ڇڪندو هيو ۽ ڏيڏر ڪناري تي نڪري اِندو هيو. هڪڙي ڏينهن ڪرڻ خدا جو ايئين ٿيو جو مٿي آسمان تي هڪڙو باز ڪوئي کي نظر ۾ رڳيو پئي هليو، تنهن موقعو ڏسي ڪوئي کي پڪڙي ۽ اُڏري ويو، هاڻ جيستائي ڌاڳو ڍلو هو ڏيڏر کي ڪا بہ خبر نہ هُئي پر جڏهن ڌاڳو ڇڪجڻ شروع ٿيو تہ ڏيڏر بہ هوا ۾ اُڏرڻ شروع ٿي ويو، هوا ۾ ٻيا بہ ڪجهہ پکي هئا انهن ڏيڏر کان پڇيو ” ڪوئي جي آزمائش تہ سمجهہ ۾ اچي ٿي پر توکي ڇا ٿيو آهي جو هوا ۾اُڏري پيو؟ ڏيڏر ندامت مان وراڻيون ”هي سڀ غلظ سنگت ۽ انڌي يقين جو نتيجو آهي“ اسان کي بہ کپي تہ ڏسون اسان جا رابطہ يا سنگت بہ ڪنهن اهڙي شخص سان تہ نہ آهي جيڪو پنهنجن افعالن ذريعي مصيبت ۾ وڃي ۽ گڏ اسان کي بہ مصيبت ۾ وجهي ڇڏي. (پروفيسر عبدالجبار شاڪر جي ليڪچر ”ڪڀي ائي مسلم نوجوان تدبر ڀي ڪِيا توني“ مان انتخاب)